ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جي ڪور ڪميٽي جو امن امان جي صورتحال تي هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ آئي جي سنڌ اهم گرفتارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ امن امان بابت اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه کان علاوا چيف سيڪريٽري، آئي جي سنڌ، صحت وارو وزير پڻ موجود هئا. آصف زرداري جو چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته بارڊر تان دهشتگرد داخل ٿين ٿا. آصف علي زرداري چيو ته اسان کي خبر آهي ته ڪهڙي شهر ۾ ڪير سهولتڪار آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان انهن علائقن ۽ بارڊر تي قدم کڻو ته دهشتگردن جو رستو روڪي سگهون ٿا. اڳوڻي صدر حڪمت عملي تبديل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي حڪمت عملي پهرين کان وڌيڪ بهتر ڪرڻي پوندي. آصف علي زرداريءَ وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته افغانين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. اجلاس دوران وڏي وزير آصف علي زرداري کي ٻڌايو ته پوليس جون صلاحيتون وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، پوليس سٺو ڪم پئي ڪري پر اڃا گهڻي محنت جي ضرورت آهي. سنڌ حڪومت ڪجهه مدرسن جي لسٽ وفاق کي موڪلي هئي، هيءَ لسٽ ڳجهن ادارن جي اطلاعن جي بنياد تي ٺاهي وئي هئي، پر اسان کي ڪا موٽ نه ملي، اسان اهو ئي چاهيون ٿا ته انهن تي نظر رکي وڃي. اسان پوليس کاتي ۾ ڏوهارين جي هڪ ڊيٽا بيس ٺاهي آهي، ان ڊيٽابيس سان ڏوهارين تائين پهچي سگھجي ٿو، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو پرامن آهن، دهشتگردن کي هتي ڪو آپگھاتي حملو ڪندڙ نه مليو، اهو ئي سبب آهي جو دهشتگرد آپگھاتي بمبار ٻين علائقن مان گهرائن ٿا. باقي ان ۾ ڪو شق ناهي ته هتي سهولتڪار موجود آهن، اسان سهولتڪارن جي ڳچي تائين پهچنداسين، آصف علي زرداريءَ وڏي وزير کي وفاق سان ڳالهائي غير ملڪين جي نيڪاليءَ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ ۷۰۰ صوفين جو درگاهون آهن، اتي ڪجھه مسئلا آهن، ڪجھه درگاهن کي چوديواري به ناهي جيڪڏهن آهي ته ننڍي آهي عورتن جي تلاش وٺڻ جي لاءِ به ڪو خاص انتظام ناهي.