ڇا ڏُک جي گهڙيءَ ۾ وفاقي ۽ صوبائي نمائندن جو بحث مناسب آهي!
February 20, 2017 at 11:03 pmسيوهڻ سانحي کانپوءِ توڻي جو اُتي زندگي معمول تي اچڻ شروع ٿي وئي آهي، پر چوڏس نيڻ ڀنل ۽ دليون غمزده آهن. سانحي جو شڪار ٿيندڙ پانڌيئڙن جا وارث اڃا به حيرتن ۾ ورتل آهن ته لعل جي نگريءَ تي اُميدن جا سڳا ٻڌڻ ويل معصوم ٻارڙن، مائرن، ڀينرن ۽ ڀائرن جو آخر ڪهڙو قصور هو جو اُنهن جي زندگين اڳيان فل اسٽاپ ڏنو ويو!؟ اُهي جيڪي هن وقت مختلف اسپتالن ۾ زخمن جا سور سهي رهيا آهن، اُنهن آخر ڪنهن جو ڇا بگاڙيو هو، جو وجد واري ڪيفيت مان ڪڍي اُنهن کي ايذائن جي مُنهن ۾ وڌو ويو؟ ڪيترائي معصوم يتيم ٿيا، ڪيترن ئي پيرسنن کان سندن سهارا ڇنيا ويا. اِهو سلسلو آخر ڪيستائين هلڻو آهي؟ آخر ڪيستائين عبادتون ۽ عقيدتون پهري هيٺ رهڻيون آهن؟ اِهي سوال هن ڏيهه جي هر اُن باشعور ماڻهوءَ جي ذهن ۾ جاءِ والاريو ويٺا آهي، جيڪي زندگيءَ جي حسناڪين کي سمجهن ٿا، جيڪي امن جي اهميت کان واقف آهن، جيڪي هن ڏيهه کي ڏُکن کان آجو ۽ سُکن ۾ سرهو ڏسڻ گهرن ٿا! اُهي ماڻهو اسان جي حڪمرانن جي اِن رويي تي حيران ۽ پريشان آهن ته هڪ طرف قيامتِ صغريٰ جا منظر آهن ته ٻئي طرف وفاق ۽ صوبن جا نمائندا هڪ ٻئي کي ڪوڙو ۽ قصوروار ڄاڻائڻ وارا بحث ڇيڙيو ويٺا آهن.
اسين نٿا ڄاڻون ته مُلڪ جو عام ماڻهو، وفاقي گهرو وزير جي اُنهن ڳالهين کي ڪيئن ٿو ڏسي، جيڪي هُن ڇنڇر ڏينهن صحافين سان غير رسمي گفتگوءَ دوران ڪيون آهن، جنهن ۾ هُن پنهنجي مخالفن تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي مجرماڻي نااهليءَ کي لڪائڻ لاءِ هن افسوسناڪ واقعي تي سياست ڪري رهيا آهن، جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، سندس چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هڪ سياسي پارٽي جي ڪجهه اڪابرن انتهائي شرمناڪ انداز ۾ پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ وفاقي حڪومت تي الزام هنيا آهن، جيڪا انهن ماڻهن جي ڪارڪردگي ۽ سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي، وفاقي گهرو وزير سوال ڪندي چيو ته ڇا سيوهڻ شريف جي سيڪيورٽيءَ جي ذميواري وفاقي حڪومت تي آهي يا لاڳاپيل صوبائي حڪومت تي؟ سندس اِهو به چوڻ هو ته سيوهڻ جي دوري دوران جيڪي منظر ڏٺا، تن جو اظهار نٿو ڪرڻ گهران پر جيڪڏهن الزامن جو سلسلو جاري رهيو ته پوءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سموري صورتحال قوم سامهون رکندس ۽ درگاهه لعل قلندر ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، جنهن انداز ۾ ٿيو ۽ جنهن جي ذميواري آهي، اهي ڳالهيون سنڌ جي عوام سان گڏوگڏ پوري قوم سامهون رکندس.
وفاقي گهرو وزير اِهو ردعمل يقينن سنڌ سرڪار جي نمائندن جي جواب ۾ ڏنو آهي، جن دهشتگرديءَ جي نئين لهر تي وفاقي سرڪار کي ذميوار ڪوٺيو هو. هڪ اهڙو وقت جڏهن پوري قوم سوڳ ۽ خوف ۾ ورتل هُجي، زخمي اسپتالن ۾ چِڪندا هُجن، تڏهن وفاقي ۽ صوبائي نمائندن وچ ۾ ٿيندڙ اِن قسم جو تڪرار، خلق جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. ميار توڙي شڪايت جو به هڪ وقت هوندو آهي، سياسي بحث مباحثا توڙي الزام تراشين لاءِ پوري زندگي پئي آهي، پر اِهو ڇا جو هڪ پاسي شهيد ٿي ويلن توڙي زخمين جا عضوا اڃا گندگيءَ جي ڍيرن تان ملي رهيا آهن، اڃا متاثر خاندان تڏي تي ويٺل آهن، تڏهن اسان جا نمائندا هڪ ٻئي کي ڪوڙو ۽ هڪ ٻئي کي ذميوار سمجهڻ وارا بحث ڇيڙي ويهن ته خلق اُن جو ڪهڙو مطلب ڪڍي؟ عام ماڻهن لاءِ وفاقي ۽ صوبائي نمائندا ”جهڙي سٺ تهڙي ٽي ويهان“ جيئن آهن، عوام جي زندگين جو قدر نه ته صوبائي حڪومتن کي آهي نه وري وفاق کي، عام ماڻهو ڪالهه به محرومين جي روڳ ۾ ورتل هُئا، اڄ به ايذائن ۾ ڪِنجهي رهيا آهن ته مستقبل ۾ به کين سور ئي سَهڻا آهن. جيڪڏهن ايئن نه هُجي ها ته ڇا ٻه مهينا اڳ شاهه نورانيءَ جي درگاهه تي ٿيل ڌماڪي کان پوءِ مُلڪ جي سڀني درگاهن کي تحفظ ڏيڻ جي حڪمت عملي نه جوڙي وڃي ها؟ ڇا شاهه نوراني درگاهه تي ٿيل ڌماڪو صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن لاءِ سنيهو نه هو ته دشمن قوتون هاڻي وڌيڪ درگاهن کي نشانو بڻائي سگهن ٿيون. پر ڇا وفاقي سرڪار صوبائي حڪومتن کي اِن حوالي سان پابند بڻائڻ جي ڪا ضرورت محسوس ڪئي، ڇا اُنهن صوبن کي درگاهن تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي صلاح ڏني؟ يا خود صوبائي حڪومتن اهڙي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو؟ اِها صورتحال ٻُڌائي رهي آهي ته وفاق هُجي يا صوبا، اُهي عوام جي تحفظ واري سوال کي ڪنهن خاطر ۾ ئي نٿا آڻين؟ ڪاش امن ۽ آشتيءَ جو پيغام ڏيندڙ اِنهن بزرگن جي ماڳن کي ايتري اهميت ڏني ويندي هُجي ها، جيتري ڪنهن وزير يا مشير کي ڏني وڃي ٿي، جنهن سان نه رڳو درجن کن گاڏيون سيڪيورٽيءَ طور گڏ هجن ٿيون، پر هر علائقي ۾ حد جي پوليس کي چوڪس ڪيو وڃي ٿو. چوڻ جو مطلب ته حڪمران جيتري اهميت پنهنجي زندگيءَ کي ڏين ٿا، جيترو هو پنهنجو تحفظ ضروري سمجهن ٿا، ايترو ئي تحفظ عام ماڻهوءَ جو به حق آهي، اُهو عام ماڻهو جنهن سندن چونڊ ئي اِنڪري ڪئي آهي ته جيئن اُهي ايوانن تائين پهچي کين تحفظ فراهم ڪن، پر ستم اِهو آهي جو ايوانن تائين پهچڻ کان پوءِ اسان جي نمائندن کان عام ماڻهو وسريو وڃي. اِن کان پهريان جو عام ماڻهو به کين ويسارڻ جو سوچي، هُنن کي پنهنجون صفون سڌيون ڪرڻ گهرجن ۽ ڪنهن اجائي بحث بدران خلق جي خدمت ۽ اُن جي تحفظ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن، انهيءَ ۾ ئي سڀني جي چڱائي آهي.