ڇا درگاهن جي سيڪيورٽي پوليس حوالي ڪجي…..؟؟
February 19, 2017 at 11:50 pmخليل ڀٽي
سنڌ ۾ مسجدن کان پوءِ جيڪڏهن ڪا سڪون جي جڳه سمجھي ويندي آهي ته اها جڳه هوندي آهي ولين. درويشن بزرگن جون درگاهون، جتي ماڻهو هر طرف کان مايوس ٿي اچي درگاهن تي ويهندا آهن جتي الله پاڪ جي عبادت کان سواءِ اتي وسندڙ رحمت جو اوسيئڙو به ڪيو ويندو آهي، سو سنڌ سونهاري اهڙن بزرگن،ولين ۽ درويشن جي درگاهن سان ڀري پيئي آهي. جتي اڄ به هزارين عقيدتمند ايندا آهن، انهن درگاهن تي انهن ماڻهن جون آسون اميدون پوريون ٿين ٿيون يا نه اهو هڪ الڳ بحث آهي پر ايترو ضرور چونداسين ته سنڌ جا ماڻهو درگاهن تي وڃڻ کي تمام گھڻي ترجيح ڏيندا آهن.
ٻئي طرف ملڪ دشمن عنصر جيڪي هر طريقي سان ملڪ ۽ قوم کي اذيت ڏيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن اهي پنهنجا ناپاڪ ارادا ساڻ ڪري ڪڏهن مسجدن ۾ بم ڦاڙيندا آهن ته ڪڏهن امام بارگان کي نشانو بڻائيندا آهن، ڪڏهن اسپتان کي نشانو ڪندا آهن ته ڪڏهن درگاهن تي خونريزي ڪندا آهن مطلب ته انهن جو اصل مقصد ماڻهو مارڻ آهي سو اهو مقصد ساڻ ڪري هو انساني رت سان هولي کيڏندا آهن پر اهڙن ظالمن کي ڪڏهن به انسانيت جو احساس ناهين هوندو، اسان جو مذهب اسلام ڪنهن غير مسلم کي به بي ڏوهي مارڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي پر هتي اسان وٽ اهي دهشتگرد پاڻ کي مسلمان سڏائيندي مسلمانن جي ئي رت سان راند ڪندا رهندا آهن.
سو گذريل ڏينهن سيوهڻ ۾ ٿيل لال شهباز قلندر جي مزار تي ڌماڪي کان پوءِ سنڌ سرڪار ڪجھ اهم فيصله به ڪيا آهن جنهن ۾ هڪ خاص فيصلو اهو به آهي ته درگاهن جي سيڪيورٽي پوليس حوالي ڪئي وڃي.
سو سائين ٺيڪ آهي درگاهن جي سيڪيرٽي ڪرڻ به تمام ضروري آهي ڇاڪاڻ تي انهن درگاهن تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن مان هزارين ماڻهو اچي ڪري عقيدت جو اظهار ڪندا آهن سو انهن درگاهن تي جڏهن ميلا ملاکڙا لڳندا آهن ته اتي پوليس جي سيڪيورٽي اڳ ۾ ئي لڳائي ويندي آهي پر اتي موجود پوليس اهلڪار درگاهن تي چوڪي گھٽ پر غلط ڪمن ۾ غلط ماڻهن جو ساٿ ڏيئي هيروئن ۽ چرس جهڙن ڌنڌن هلائڻ ۾ پوليس جو ڪردار اهم ادا ڪندا آهن سو اها ڳاله ڪا اڄ جي نه آهي پر پوليس اهڙا ڪم سالن کان ڪري رهي آهي پر پوليس کان ڪير به پچڻ وارو ڪونه آهي.
سو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سرڪار درگاهن جي سيڪيورٽي پوليس حوالي ڪري نه فقط هيروئن ۽ چرس جي ڌنڌي کي هٿي ڏيارڻ جي ڳاله ڪري رهي آهي پر نئين نسل کي تباه ڪرڻ جي ڳاله به ڪري رهي آهي، سو انهيء کان بهتر ته ائين ٿيندو ته في الحال درگاهن جي سيڪيورٽي رينجرز حوالي ڪئي وڃي ۽ پوءِ جڏهن پوليس جون حالتون سڌري وڃن ته پوءِ اهي سيڪيورٽِ جا انتظام پوليس حوالي ڪيا وڃن پر اڃان تائين پوليس جا حالات ڪجھ بهتر ڪونه آهن جنهن جي ڪري پوليس تي اعتماد ڪرڻ پاڻ سان دوکي جي برابر آهي.
اڃ به سنڌ ۾ ٿيندڙ برا ڪم پوليس جي نگراني ۾ ڪيا ويندا آهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جواء جا اڏا فحاشي جا اڏا ۽ نشي جو سمورو ڪاروبار پوليس جي ئي نگراني ۾ ٿي رهيو آهي سو جيڪڏهن اڄ انهيء درگاهن کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو ته اهي درگاهون جواءَ، منشيات ۽ فحاشي جا اڏا بڻجي ويندا ۽ پوءِ ڪوبه شريف ماڻهو درگاهن تي اچڻ جي ڪوشش نه ڪندو سو ان باري ۾ اسين سنڌ سرڪار کي گذارش ڪنداسين ته سنڌ جو درگاهون پوليس حوالي ڪرڻ بدران رينجرز حوالي ڪيون وڃن ته جيئن سنڌ توڙي پاڪستان جي عوام عزت سان درگاهن تي اچي ۽ وڃي سگھي.