نادرا جي نااهلي خلاف سنڌ جو احتجاج

February 19, 2017 at 11:48 pm

اعجاز ممنائي

گذريل ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيئر وزير نثار احمد کهڙو جي نادرا جي قائم مقام ڊي جي محمد سهيل سان فون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ آدمشماري ويجهو هجڻ باوجود عوام کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي مهم شروع نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو سينيئر وزير نثار احمد کهڙي چيو ته 15 مارچ کان پهرين مرحلي ۾ڪراچي، حيدرآباد ۽ گهوٽڪيءَ ۾ آدمشماري شروع ٿي رهي آهي پر اڃان تائين سنڌ جي 30 سيڪڙو ماڻهن وٽ شناختي ڪارڊ موجود نه آهن ۽ نادرا آدمشماريءَ واري انهن ضلعن ۾ اڃان تائين شناختي ڪارڊ ٺاهڻ بابت ڪا به مهم شروع نه ڪئي آهي جنهن ڪري خدشو آهي ته سنڌ جا 30 سيڪڙو ماڻهو آدمشماري ۾ رهجي نه وڃن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن نادرا شناختي ڪارڊ ٺاهڻ جي مهم نه ٿي هلائي سگهي ته پوءِ آدمشماريءَ دوران شناختي ڪارڊ وارو شرط ختم ڪيو وڃي. نثار احمد کهڙو جو اهو به چوڻ هو ته آدمشماري تمام ويجهو آهي ان لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ گهوٽڪيءَ ۾ شناختي ڪارڊ ٺاهڻ واريون موبائل گاڏيون فراهم ڪري انهن جو تعداد پڻ وڌايو وڃي ته جيئن ماڻهو شناختي ڪارڊ ٺهرائي آدمشماري ۾ شامل ٿي پنهنجا نالا داخل ڪرائي سگهن. ان موقعي تي نادرا جي قائم مقام ڊي جي سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو کي يقين ڏياريندي چيو ته ڪراچي ، حيدرآباد ۽ گهوٽڪيءَ ۾ شناختي ڪارڊ ٺاهڻ واريون گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن. ڪراچي وڏي آبادي وارو شهر آهي ان ڪري ڪراچيءَ ۾ نادرا گاڏين جو تعداد وڌايو ويندو. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ پاران آدمشماريءَ واري پهرين مرحلي جي ضلعن ۾ ڀرپور عوامي مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان کان پوِ پي پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ ڪراچيءَ جي سينٽرل ضلعي جي پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو ان اجلاس کي خطاب ڪندي نثار احمد کهڙو چيو ته پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن آدمشماريءَ دوران پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ آدمشماري بابت 14 هزار بلاڪ ٺاهيا ويا آهن ته جيئن ڪوبه ماڻهو آدمشماريءَ ۾ رهجي نه وڃي

ٻئي پاسي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن مهل تائين نادرا جي مطمئن ڪندڙ نه رهي آهي موبائلن ٽيمن جيترو عوام کي پريشان ڪيو آهي شايد ئي ڪنهن ٻئي اداري ڪيو هجي ڇوته موبائل ٽيمون مڪمل دستاويزن ۽ تعليمي سرٽيفڪيٽ وٺڻ کان پوءِ به ماڻهن جا اڪثر شناختي ڪارڊ نه ٿا ٺهن ۽ جيڪڏهن ٺهن ٿا ته ماڻهن کي ملن نه ٿا اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي ته موبائل ٽيمون ماڻهن کي پريشان ڪن ٿيون جڏهن ته نادرا آفيس جي عملي جو رويو غريب ۽ بي پهچ ماڻهن سان نهايت اڍنگو آهي جنهن ڪري ماڻهو ان آفيس ڏانهن وڃڻ کان لنوائين ٿا هو سمجهن ٿا ته ماڻهو مجبور آهن اڄ نه ته سڀاڻي وري به اهي ماڻهو پريشان ٿي اسان وٽ ايندا ان ڪري انهن ماڻهن سان اهو رويو رکڻ گهرجي ان کان به وڌيڪ اوکي ڳالهه اها آهي ته نادرا آفيس ۾ ويٺل غير تربيت يافته يا لاپرواهي ڪندڙ عملو ماڻهن کي وڌيڪ پريشان ڪري ٿو ڪٿي مڙس جي جاءِ تي پيءُ جو نالو لکيو وڃي ٿو ته پيءُ جي جاءِ تي مڙس جو نالو لکيو وڃي ٿو ڪٿي جنس ۾ مرد جي جاءِ تي عورت ته وري عورت جي جاءَ تي مرد لکيو وڃي ٿو ڪيترن ئي ڪارڊن ۾ وري نالو مرد جو آهي ته سندس پيءُ جو نالو عورت جي نالي سان لکيو وڃي ٿو تعليمي سرٽيفڪيٽ ڏسڻ کان پوءِ به ڪڏهن جنم ڏينهن يا جنم هنڌ ۾ غلطي ٿيڻ روز جو معمول آهي جنهن کي درست ڪرڻ لاءِ وري به ماڻهوءَ کي پاڻ خرچ ۽ وقت ڏيڻو پوي ٿو جڏهن ته غلطي به سندن عملي طرفان ڪئي ويئي آهي پر سزا وري عوام کي ڀوڳڻي پوي ٿي ان مان نادرا جي ڪارڪردگيء جي خبر پوي ٿي هاڻي آدمشماري ۾ باقي 15 ڏينهن وڃي بچيا آهن جڏهن ته شناختي ڪارڊ ٺهڻ ۾ نادرا کي هڪ مهينو گھربل هجي ٿو پي پي پي سنڌ جي صدر پاران اهڙي سجاڳي وقت جي ضرورت آهي پر انهيءَ سان گڏ وقت تي ڪارڊ ڏيڻ جو به نادرا کي پابند ڪيو وڃي

نادرا جي ڪارڪردگي ڏسي مون کي هڪ قصو اڪثر ياد ايندو آهي ڇوته اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته غلطي انسان کان ئي ٿيندي آهي پر انهن ۾ بهتر انسان اهو آهي جيڪو ساڳي ساڳي غلطي وري نه ورجائي پر جيڪو بار بار ساڳي غلطي ڪري ان کي نادرا چئبو آهي اهو قصو هن ريت هو ته هڪ ڀيرو هڪ شاگرد کي استاد امتحان ۾ ناپاس ڪري ڇڏيو شاگرد ان جي شڪايت اسڪول جي هيڊ ماستر کي ڏني ۽ چيو ته مون سڄو پيپر ڪيو آهي پر استاد ڄاڻي واڻي مون کي فيل ڪيو آهي هيڊ ماستر ان استاد کي آفيس ۾ گهرايو، شاگرد جي شڪايت کان آگاهه ڪيو ۽ فيل ٿيڻ جو سبب پڇيو ته استاد جواب ۾ هيڊ ماستر ۾ ٻڌايو ته جڏهن به هن شاگرد کي ڪو مضمون لکڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو ته هو سدائين موضوع کان هٽي وڃي ٿو ۽ پنهنجون ڳالهيون لکڻ شروع ڪري ٿو هيڊ ماستر ڪو مثال ٻڌائڻ جو چيو ته استاد وراڻيو ته مون هڪ ڀيري هن شاگرد کي “بهار جي مند” تي مضمون لکڻ جو چيو ته شاگرد مضمون هن ريت لکيو بهار جي موسم هڪ بهترين موسم آهي ان موسم جا منظر دلنشين هوندا آهن هر طرف سرسبزي هوندي آهي انسان توڙي پکي پکڻ ۽ جانور هن موسم کي پسند ڪندا آهن انهن مان اٺ کي هيءَ موسم تمام گھڻي پسند هوندي آهي ۽ اٺ تمام گھڻو طاقتور جانور آهي اٺ کي ريگستان جو جهاز به چيو ويندو آهي اٺ تمام گھڻو صابر جانور آهي ڊگهي سفر لاءِ هن جانور کي پسند ڪيو وڃي ٿو ڇوته هن ۾ اڃ ۽ بک برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ٻين جانورن کان وڌيڪ هوندي آهي عرب جا ماڻهو اٺ کي بيحد پسند ڪن ٿا وغيره وغيره.

هيڊ ماستر چيو ته ٿي سگھي ٿو هن غلطيءَ سان بهار جي مند جي بجاءِ اٺ تي مضمون لکيو هجي توهان هيئن ڪيو جو ڪنهن ٻئي موضوع تي هن کي مضمون لکڻ لاءِ ڏيو استاد وراڻيو ته ائين به ڪيو آهي مون هن شاگرد کي جاپان ۾ “گاڏين جي فيڪٽرين” تي مضمون لکي اچ ته هن مضمون هن ريت لکيو جاپان هڪ ترقي يافته ملڪ آهي ۽ پوري دنيا ۾ گاڏين جي صنعت ۾ ان جو منفرد ۽ اعليٰ مقام آهي جاپان دنيا ۾ پهرئين نمبر تي گاڏيون برآمد ڪندڙ ملڪ آهي اسان جي ملڪ ۾ پڻ گھڻيون گاڏيون جاپان جون هلن ٿيون پر مسئلو اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ پئٽرول جا اگھه هر پندرهين ڏينهن تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪن ٿا غريب ماڻهن پنهنجي گاڏين جون انجڻيون تبديل ڪري گئس تي آنديون ته حڪومت گئس جا اگھه به وڌائي ڇڏيا ۽ پئٽرول کان به گئس مهانگي ٿي ويئي ان ڪري اسان کي گھرجي ته اٺ جي سواري ڪريون ڇوته اٺ تمام گھڻو طاقتور جانور آهي اٺ کي ريگستان جو جهاز به چيو ويندو آهي اٺ تمام گھڻو صابر جانور آهي ڊگهي سفر لاءِ هن جانور کي پسند ڪيو وڃي ٿو ڇوته هن ۾ اڃ ۽ بک برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ٻين جانورن کان وڌيڪ هوندي آهي عرب جا ماڻهو اٺ کي بيحد پسند ڪن ٿا وغيره وغيره

هيڊ ماستر اهو ٻُڌي حيرت ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته شايد سواري جي ڪري هيءُ شاگرد منجهندو هجي توهان هيئن ڪيو جو هن شاگرد کي بلڪل الڳ اهڙو موضوع ڏيو جنهن ۾ گاڏين يا ڪنهن سواريءَ جو ذڪر نه هجي استاد چيو مون اهو تجربو به ڪيو آهي ۽ هن شاگرد کي ڪمپيوٽر جي اهميت تي مضمون لکڻ جو چيو جنهن ۾ اٺ جو ذڪر اچڻ ممڪن ئي نه آهي پر هن شاگرد مضمون هيئن لکيو ڪمپيوٽر هڪ نهايت ئي حيران ڪندڙ ايجاد آهي اڳ جيڪو ڪم سالن ۾ ٿيندو هو ڪمپيوٽر جي ايجاد سان اڄ اهو ڪم سيڪنڊن ۾ ٿيو وڃي ڪمپيوٽر جو انساني زندگيءَ ۾ وڏو ڪردار آهي ان سان گڏ سائنسدانن جو انسانن مٿان وڏو احسان آهي جن ڪمپيوٽر جهڙي مشين اسان کي ڏني اڄ اسان جو نئون نسل جيڪو تعليم يافته آهي سو ڪمپيوٽر جو تمام گھڻو استعمال ڪري ٿو پر جيڪي غير تعليم يافته آهن اهي ڪمپيوٽر جي اهميت کي نه ٿا سمجھن ڇوته اهي ٻين سرگرمين ۾ مصروف رهن ٿا جيئن ريگستان جي ماڻهن کي ڪمپيوٽر جي ڪاف جي به خبر نه آهي انڪري اهي پنهنجو گھڻو وقت اٺن سان گذارين ٿا ڇوته اٺ تمام گھڻو طاقتور جانور آهي اٺ کي ريگستان جو جهاز به چيو ويندو آهي اٺ تمام گھڻو صابر جانور آهي ڊگهي سفر لاءِ هن جانور کي پسند ڪيو وڃي ٿو ڇوته هن ۾ اڃ ۽ بک برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ٻين جانورن کان وڌيڪ هوندي آهي عرب جا ماڻهو اٺ کي بيحد پسند ڪن ٿا وغيره وغيره

هيڊ ماستر اهي ڳالهيون ٻُڌي استاد کي چيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ توهان بلڪل هن شاگرد کي صحيح فيل ڪيو آهي ان ۾ توهان جو ڪوبه قصور نه آهي ائين هيڊ ماستر شاگرد طرف متوجه ٿيو ۽ کيس چوڻ لڳو ته هاڻي توکي آخري ڀيرو موقعو ڏيان ٿو ته هتي منهنجي سامهون ويهي ڪنهن به روڊ حادثي تي مضمون لکي ڏيکار جيڪڏهن تو صحيح لکيو ته پوءِ توکي پاس ڪيو ويندو ٻي صورت ۾ استاد جي ڪيل فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو. شاگرد راضي ٿيو ۽ مضمون هن ريت لکيائين

هڪ ڀيرو مان حيدرآباد کان ڪراچيءَ طرف سفر ڪري رهيو هئي مون وٽ مرسيڊ گاڏي هئي جيڪا مون وانگر مست هئي رستو به هائي وي ۽ ون وي هو مان تيز رفتاريءَ سان گاڏي هلائي رهيو هئس نه موٽر وي پوليس جي ڏنڊ جو خوف هو نه ئي وري ڪو ڪنهن ايڪسيڊنٽ ٿيڻ جو خطرو هو اچانڪ رستي تي گاڏيءَ جي اڳيان اٺن جي قطار اچي ويئي اٺ جي خصوصيت اها هوندي آهي جو اهو ڪنهن نه سائرن يا گاڏيءَ جي آواز تي غور نه ڪندو آهي ڇوته اٺ تمام گھڻو طاقتور جانور آهي اٺ کي ريگستان جو جهاز به چيو ويندو آهي اٺ تمام گھڻو صابر جانور آهي ڊگهي سفر لاءِ هن جانور کي پسند ڪيو وڃي ٿو ڇوته هن ۾ اڃ ۽ بک برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ٻين جانورن کان وڌيڪ هوندي آهي عرب جا ماڻهو اٺ کي بيحد پسند ڪن ٿا وغيره وغيره

هيڊ ماستر اهو مضمون پڙهي مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيو ۽ شاگرد کي چوڻ لڳو ته تنهنجو ڪوبه علاج نه آهي ۽ تون فيل آهين هاڻي شاگرد جو شڪ يقين ۾ تبديل ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته مون سان ظلم ٿيو آهي ان ظلم خلاف هن تعليم جي اعليٰ آفيسرن کي هڪ درخواست لکي جنهن ۾ هن استاد توڙي هيڊ ماستر جي فيل ڪرڻ واري شڪايت درج ڪئي اها درخواست هن ريت هئي

جناب اعليٰ! مان پنهنجي ڪلاس جو هڪ ذهين شاگرد آهيان پر مون کي سالانه امتحان ۾ ڄاڻي واڻي فيل ڪيو ويو آهي جڏهن مان پنهنجي استاد جي شڪايت اسڪول جي هيڊ ماستر کي ڏني ته ان به استاد جي ڳالهه کي اهميت ڏني پر پوءِ به مون انهن جي ناقابل برداشت رويي تي ائين صبر ڪيو جيئن اٺ پنهنجي مالڪ جي ستائڻ تي صبر ڪندو آهي مالڪ اٺ کي ستائيندو به آهي ۽ ڪم به وٺندو آهي ، ها اهو به ٻڌائيندو هلان ته اٺ تمام گھڻو طاقتور جانور آهي اٺ کي ريگستان جو جهاز به چيو ويندو آهي اٺ تمام گھڻو صابر جانور آهي ڊگهي سفر لاءِ هن جانور کي پسند ڪيو وڃي ٿو ڇوته هن ۾ اڃ ۽ بک برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ٻين جانورن کان وڌيڪ هوندي آهي عرب جا ماڻهو اٺ کي بيحد پسند ڪن ٿا وغيره وغيره

جيڪڏهن نادرا جون ائين ان شاگرد وانگر بار بار غلطيون ٿينديون رهيون ته يقينن اهو ادارو ڪجهه ئي سالن ۾ بند ٿي ويندو انڪري حڪومت پاڪستان کي نادرا جي اڍنگي رويي خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪرڻ گھرجي ۽ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت قدم کڻي عوام کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن

اي پيپر