پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جو فيصلو

لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ به دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ رينجرز کي اختيار ڏنا ويا، وزير اعليٰ پنجاب شهباز شريف جي صدارت هيٺ صوبائي ايپيڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعا، صوبائي وزير دهشتگردي ٽوڙ محمد ايوب، ڊي جي رينجرز پنجاب ميجر جنرل اظهر نويد حيات سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ فرقاواريت سميت اهم معمالمن تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ دهشتگردن خلاف رينجرز کي اختيار ڏيڻ، پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪرڻ سميت دهشتگردن کي فنڊنگ ڪندڙ ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف به ڪاررواويون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ افغانستان جي رهاڪن جي غير قانوني چُر پُر تي به نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ياد رهي ته ملڪ اندر تازن دهشتگردي وارن واقعن ۾ ۱۰۰ کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا اهن، جنهن ۾ لاهور اندر مال روڊ تي خودڪش ڌماڪي کان پوءِ دهشتگردن جي سهولت ڪارن جي گرفتاري بعد لاهور ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *