ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري مولابخش چانڊيو چيو آهي ته وفاقي وزير دشتگردن جا همدرد آهن ۽ وفاقي گهرو وزير دهشتگردن جي وڪالت ڪري رهيو آهي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته مسئلن کي منهن ڏيڻ سان ئي مسئلن جو حل نڪرندو آهي، پر عوام چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اهڙين حالتن سان منهن ڏيڻ کان پري ڀڄي رهيو آهي، مولابخش چانڊيو جو چوڻ هو ته ملڪ اندر تازن دهشتگرد واقعن بعد گهرو وزير جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي، اهڙي صورتحال ۾ به وفاقي گهرو وزير پنهنجي گهر ۾ ويهي رهيو آهي، مولابخش چانڊيو جو چوڻ هو ته وفاقي وزير دهشتگردن سان همدردي رکن ٿا جڏهن ته ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري ڪوڙ ڳالهائي چوڌري نثار جي ناڪامين کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن جو چوڻ هو ته پنهنجي ناڪامين جو وزن ٻين مٿان مڙهڻ ن ليگ جي اڳواڻن جي شروع کان عادت رهي آهي.