ڪراچي(م ڊ) سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف فورسز جو ايڪشن جاري آهي، ميڊيا مطابق ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلوچي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪومبنگ آپريشن ۾ ۹ دهشتگرد مارجي ويا آهن، قبول عرف بولي جي سر جي قيمت ۱۰ لک رپيا مقرر ڪئي وئي هئي. جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران ۲۴ ڪلاڪن ۾ افغانين سميت ۳۳۰ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پشين ۽ ايبٽ آباد سميت ٻين علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران ۳۹ پرڏيهين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. سيالڪوٽ جي علائقي حاجي پورا ۾ ۱۸ افغانين کي گرفتار ڪيو ويو. ٻئي طرف پتوڪي شهر ۽ پاڪپتڻ مان ٦۰ شڪي ماڻهن کي گرفتارڪيو ويو آهي.