درگاهن تي حملو ڪندڙن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو: پرويز مشرف
February 19, 2017 at 10:56 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
سکر(بيورو) اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جو چوڻ آهي ته درگاهن تي حملو ڪندڙن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو. نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته درگاهن تي حملو ڪندڙن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو. ڪوشش ڪريان پيو ته سٺن سياستدانن سان گڏجي ڪم ڪريان. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه ورڪر ڪنوينشن کي ٽيليفون تي خطاب ڪندي چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن. لعل شهباز قلندر تي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪريان ٿو. جلد مستقبل جو فيصلو ڪندس، پاڪستان کان ٻاهر دبئي ۾ سڪون نه ٿو ملي. ڪوشش آهي ته سٺن سياستدادن کي گڏ کڻي ڪم شروع ڪريان.