سيوهڻ جي ڌمال کي ڌماڪن سان روڪي نه ٿو سگهجي

February 17, 2017 at 11:12 pm

حميد ڀٽو

دهشتگردن سيوهڻ ۾ موجود مست قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي حملو ڪري سنڌ جي هزارين سالن جي صوفياڻي تاريخ کي رت ۾ رنڱي دهشتگردي جو ڏهڪاءُ پکيڙن جي ڪوشش ڪئي آهي پردهشتگردن جي ڌماڪن سان سيوهڻ جي ڌمال کي  روڪي نه ٿو سگهجي. مست قلندر جي ڌمال سنڌ جو پرامن آواز آهي جنهن کي ڪوبه روڪي نه ٿي سگهي ۽ اهو آواز قيامت تائين گونجندو رهندو. سيوهڻ ۾ ٿيل بم ڌماڪو سنڌ جي امن کي وڌي هاڃي رسائڻ جي گهري سازش آهي. سنڌ جي پيرين اگهاڙن ماروئڙن پنهنجي آس ۽ اميد کڻي مرشد قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي حاضري ڀريندڙن هزارين عقيدتمندن ڪڏهن به خواب ۾ اهو نه سوچيو هوندو ته کين يزيدي لشڪر جي اولاد کين رت ۾ وهنجاري ڇڏيندي. قلندر لعل شهباز ته لعلن جو لعل آهي جنهن سيوهڻ جي نگريءَ مان ڪفر جو خاتمو آڻڻ لاءِ چرٻٽ راجا جهڙي نااهل ۽ بدڪردار حڪمران جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري سيوهڻ کي ڪفر ۽ فحاشيءَ کان آجو ڪرايو ۽ اتي اسلام پکيڙيو. قلندر لعل شهباز بنا ڪنهن فرق جي انسانن کي محبت، ڀائيچاري، امن، آشتي ۽ ماڻهپي م رهڻ جو درس ڏنو. ملڪ سميت پرڏيهه مان سوين سالن کان بنا ڪنهن لساني ۽ مذهبي فرق جي سمورن عقيدن ۽ مذهبن سان تعلق رکندڙ لکين پانڌيئڙا پنهنجي من جون مرادون کڻي قلندر لعل شهباز جي مزار تي حاضري ڀرين ٿا ۽ موٽ ۾ کين من جون مرادون پوريون ٿيندي نظر اينديون آهن. سنڌ جي اها عظيم درگاهه دنيا جي امن پسند ۽ محبتي ماڻهن جي لاءِ هڪ اميد، جذبي ۽ روشني جي جهلڪ مثل آهي، انهيءَ عظيم درگاهه مٿان دهشتگرد حملو ملڪ واسين جي دل جهوري وڌي آهي. ملڪ جي ويرين جي اهڙي ڪڌي عمل سبب هر ماڻهو جي اک آلي آهي. ڊگهي عرصي کان وٺي سرحد پار ڌارين جا ڪٽنب سنڌ ۾ بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي آباد ٿي رهيا آهن، ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سنڌ جا سمورا شهر افغانين، برمين، بنگالين، بهارين، ايرانين ۽ انڊين شهرين سان سٿجي رهيا آهن جيڪي سنڌ جي حقيقي واڳ ڌڻين جي ملڪيتن کي وڏي اگهه تي خريد ڪري اتي غير ملڪي ماڻهن کي بنا ڪنهن خوف خطري جي آباد ڪري رهيا آهن، ڪراچي کان ڪشمور تائين سپر هاءِ وي توڙي نيشنل هاءِ وي جي چوڌاري نظر ڦيرائبي ته اتي سرحد پار ماڻهن جا ڪاروبار ۽ ٻيا ڪڌا ڪم نظر ايندا جيڪي دهشتگردن ۽ ملڪ دشمن عناصرن جا سهولت ڪار توڙي ملڪ کي هاڃو رسائيندڙ عمل ۾ ڀاڱي ڀائيواربڻيل آهن. ملڪ جا حڪمران توڙي سڄاڻ ڌريون اهو سڀ ڪجهه ڏسندي به پنهنجون اکيون ٻوٽي خاموش تماشائي بڻيل آهن جنهن ڪري دهشتگردن ۽ ڏوهاري عناصرن جو حوصلو وڌندو پيو وڃي. خودڪش حملا ڪندڙ سنڌ جي بزرگ هستين کي به هاڻي معاف نه پيا ڪن، گذريل پنجن سالن دوران ملڪ جي 16 هين درگاهه تي خطرناڪ حملو ڪيو ويو آهي، جنهن سان هر حساس ماڻهوءَ جو روح روئي رڙي ماتم ڪري رهيو آهي. خميس ڏهاڙي واري شام ڪربلا جي شام غريبان جو منظر پيش ڪري رهي هئي، مسڪين ماروئڙن جا زخمي ۽ جسم کان ڌار ٿيل عضوا ٽڙيل پکڙيل هئا، ماحول ۾ روڄ ۽ راڙو هو، هر پاسي ماتم ئي ماتم ۽ ڪهرام متل هو. واقعي بعد سنڌ جي وزير اعليٰ کي فوري طور پنهنجي تڪ سيوهڻ ۾ اچڻ گهربو هوپر وزير اعليٰ لاءِ هن واقعي کان اهم دبئي کان واپس ايندڙ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ڀليڪار ڪرڻي هئي، زخمين کي طبي امداد ڏيڻ لاءِ ايمبولينس جي شديد کوٽ سبب شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين کي هٿ جي ريڙهين، گڏهه گاڏن، چنگچين، رڪشن سميت مختلف طريقن سان سيوهڻ اسپتال تائين پهچائڻ شروع ڪيو، اسپتال تائين دير سان پهچندي شديد زخمي رستي ئي دم ڏيندا رهيا، زخمين کي جڏهن سيوهڻ جي اسپتال آندو ويو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي روايتي بدتر حالت جيان خود سيوهڻ اسپتال جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب ڪيترن زخمين اتي پڻ تڙپي تڙپي ساهه ڏنو، ڪيترن ئي زخمين کي ڄامشوري نيو ويو انهيءَ اسپتال جي پڻ هميشه جيان خراب حالت سبب ڪيترن ئي زخمين دم ڏيندي حڪومت جي ڪوتاهين ۽ صحت کاتي جي نااهلي وارا ڏوراپا ڏيڻ بجاءِ اندر ۾ ئي رکندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سيوهڻ ۽ ڄامشوري جون اسپتالون نالي ماتر اسپتالون رهيون آهن، جيڪي صحت کاتي مٿان پهريائين ڪرپشن جي نالي تي داغ لڳل آهن. اهڙين نام نهاد اسپتالن مان زخمين کي طبي امداد ملڻ بجاءِ يقينن ڍير لاشن جا ئي ملڻا هئا. سنڌ سرڪار هميشه جيان ڪوٻوٽو ٻارڻ بجاءِ سنڌ جي صحت ۽ تعليم واري صورتحال کي بهتر بڻائڻ بجاءِ رڳو انڪوائريون ڪرڻ ۽ تعزيتون ڪرڻ ۾ پوري آهي. واقعي وقت سيوهڻ ۾ بجلي بند هجڻ سبب نام نهاد اسپتال ۾ زخمين کي طبي امداد ملڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون. شهيد ٿيندڙ شهرين ۽ زخمين جي باري ۾ سرڪاري انگ اکر ته نالي ماتر آهن پر اکين ڏٺل شاهدن مطابق مزار جي اڱڻ تي ڌمال واري رسم وقت هزارين عقيدتمند موجود هئا جنهن مان سوين عقدتمند متاثر ٿيا آهن. واقعي بعد سنڌ سرڪار ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان سيوهڻ ۾ ٿيل ڪُهرام جو ڪو ازالو نه ٿو ٿي سگهي. موجودهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو تڪ سيوهڻ هجڻ باوجود سيوهڻ ۾ بهتر سرڪاري اسپتال واري تصور تحت صحت مرڪز نه ملي سگهيو آهي، سندس والد عبدالله شاهه پڻ ساڳئي ئي تڪ سيوهڻ مان ڪيترا ئي ڀيرا ڪامياب بڻجي سنڌ جو وڏو وزير رهيو تنهن پڻ سيوهڻ ۾ معياري اسپتال، اسڪول سميت ٻيون بنيادي سهولتون ڏيڻ بجاءِ پنهنجي ڳوٺ واهڙ اچڻ وڃڻ لاءِ هيلي پيڊ ٺهرايو جنهن کي هاڻي سنڌ جو وڏو وزيرسيد مراد علي شاهه ڳوٺ اچڻ وڃڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. سيوهڻ ۾ هر سال لکين عقيدتمند شريڪ ٿين ٿا ۽ روزانو هزارين ماڻهو درگاهه تي حاضري ڀرين ٿا. اهڙي صورتحال ۾ درگاهه کي ڪروڙين روپيا مختلف عقيدت مند نظر ۽ نياز جي صورت ۾ اوقاف کاتي جي پيتين ۾ وجهن ٿا. سڀ کان وڏي ڪمائي اوقاف کاتي کي قلندر لعل شهباز جي درگاهه مان حاصل ٿئي ٿي، انهيءِ حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ منجهان درگاهه تي هڪ سيڪڙو به خرچ نه ٿو ڪيو وڃي. درگاهه جي ڪمن ڪارين لاءِ اوقاف کاتي جي مقرر ٿيل سوين ملازم پگهارون ۽ مراعتون کڻڻ ۾ پورا آهن ۽ اهي اوقاف کاتي جا ملازم درگاهه جا پڙ، گل، مٺاوين، نظر نياز وڪڻي لکين رپيا هفتي ۾ ناجائز ڀتو کڻي رهيا آهن. سڀني کي اهڙي ڪرپشن جي ڄاڻ آهي۽ کوڙ سارا وڏا سرڪاري عملدار انهيءَ ناجائز آمدنيءَ مان حصو پتي وٺندي اکيون پوري ويٺا آهن جڏهن درگاهه تي ڪرپشن سميت ٻيا ناسور جنم وٺندا ته يقينن دشمن به پنهنجو فائدو ڳولهيندا جڏهن ته درگاهه تي سيڪيورٽي نالي ڪابه شيءِ موجود ناهي رهي، چند پوليس وارا پنهنجين ذميوارين کان آجا بڻجي رڳو ڀتي خوري جي اڳاڙيءَ لاءِ يقينن ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ ۾ نظر ايندا آهن. قلندر جي نگري ۾ رت وهائيندڙ دهشتگردن کي يقينن اهڙي سموري ڄاڻ هوندي تن جا سهولتڪار سيوهڻ ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهو هوندا جن سيوهڻ جي درگاهه کي پنهنجي ناجائز ڪماين جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن ناسورن جون پاڙون پٽڻ جي ضرورت آهي باقي ملڪ جو وزير اعظم نواز شريف، آرمي چيف قمرجاويد باجوه، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، سنڌ جو گورنر زبير احمد ۽ ٻيا جمعي ڏهاڙي زخمين جون عيادتون ڪندا رهيا، خير سان زخمين کي آٿتون پڻ ملنديون رهيون جيڪو عمل ٺيڪ آهي پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي هلندڙ سياسي جنگ پڻ ٻاهرين جنگين کان خطرناڪ جنگ آهي جنهن سان هڪ ٻئي تي الزام هڻي پنهنجو پاڻ کي اڇو اجرو ڪرڻ جون کوڙ سازشون ٿينديون رهيون آهن. جمعي ڏينهن صبح جو ڪاٺوڙ وٽ دهشتگردن رينجرز مٿان حملو ڪيو جيڪي رينجرز اهلڪار سيوهڻ کان امدادي ڪم ڪري ڪراچي اچي رهيا هئا تن کي پڻ نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه جوان زخمي ٿي پيا، رينجرز اهلڪارن بهادري جو مظاهرو ڪندي ستن دهشتگردن کي پنهنجي منطقي انجام تي پهچايو. سرڪار کي گهرجي ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو آڻي ڪرپٽ ۽ نااهل بيورو ڪريٽس کي ادارن مان نيڪالي ڏئي ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ واريون ذميواريون ادا اڪرڻ گهرجن. هاڻي به جيڪڏهن حڪمران رڳو سکڻا اعلان ڪندا رهيا ۽ مستقبل ۾ ٻئي ڪنهن واقعي جو انتظار ڪري وري ماتم ڪبو ته انهيءَ سان ملڪي حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون وينديون، موجودهه ملڪي حالتون هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرديءَ جي ور چڙهي رهيون آهن، خبر ناهي ته دهشتگرد ڪهڙي ٻر مان نڪري انساني جانيون ضايع ڪري رت جا پياسا بڻجي ويا آهن. انساني رت پيئندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو وڃي، 200 کان وڌيڪ زخمين کي بهتر علاج ڪرائڻ جي لاءِ ڪراچي جي اهم اسپتالن مان علاج ڪرايو وڃي ۽ سنڌ سميت ملڪ جي سورين ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ بهتر صحت مرڪز جوڙيا وڃن ۽ غير قانوني طور تي سنڌ اندر ٿيل آبادڪاري جو خاتمو آندو وڃي، سرحد پارکان لڏ پلاڻ ڪري آيل پرڏيهين کي واپس موڪليو وڃي.بي رحم طريقي سان سنڌ جي ننڍن، وڏن توڙي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جو ٻيهر حقيقي بنيادن تحت رڪارڊ ترتيب ڏنو وڃي. ملڪ ۾ ٿيل بم ڌماڪن وگهي شهيد ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي ته جيئن انهن جي ڪفالت ٿي.سگهي. سيوهڻ جي ڌمال کي ڌماڪن سان روڪي نه ٿو سگهجي. سيوهاڻي درٻار ۾ قلندر لعل شهباز جي ڌمال جيسيتائين ڪائتات جو وجود باقي آهي تيسيتائين جاري رهندي ۽ سنڌ جو ماڻهو ڪڏهن به اهڙي دهشتگرديءَ کان ڊڄي نه ٿو سگهي، اهڙا قيس سنڌ سان هزارين سالن کان ٿيندا پيا اچن پر سنڌ جو ماڻهو نهايت ئي بهادري ۽ ارڏائي سان تصوف جي رنگن ۾ رنڱجي پنهنجي ڌرتي جو حق ادا ڪندو رهندو..

اي پيپر