سنڌ ۾ سوز جي لهر
February 17, 2017 at 11:11 pmصائمه گل ميراڻي
سنڌ صوفين جي ڌرتي سنڌ ولين جي ڌرتي سنڌ امن جي ڌرتي سنڌ سچل سامي شاهه ڀٽائي ۽ قلندر لعل شهباز جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي اڄ خميس شام 7 وڳي قهر جي ويل سنڌ مٿان به اچي ڀرپا ٿي جيڪا گذريل هفتي کان پاڪستان ۾ ڦري پئي ڪڏهن لاهور ۾ ڌماڪو ۽ سوين جانيون ضايع ٿي ويون ڪڏهن ڪوئٽه ته وري ڪڏهن پشاور ۾ ڌماڪي جون خبرون پيا ٻڌون ٿا.
اڄ اها اوکي ويل سنڌ تي به اچڻي هئي جڏهن سڀ ذائرين ڌمال لاءِ آيل هئا ۽ لعل ميري پت رکيو ڀلا ۾ مست هئا ته اچانڪ ڪنهن ظالم نه رڳو پاڻ کي پر سوين گهر اجاڙي ڇڏيا هر اک لڙڪن سان آلي آهي لعل جي ڌرتي اڄ رت ۾ رڌل آهي سوين پانڌئيڙا ائين بي يارو مدد گار آهن ڪجهه ماڻهن ڌماڪي ۾ جانيون وڃايون ته ڪنهن ائين تڙپي تڙپي ساهه ڏنو ڇو ته ڪوئي واهر ڪرڻ وارو نه هو.
هي اسان جي سنڌ آهي جتي ڪنهن زخمي لاءِ بروقت علاج جي سهولت ناهي هي اها سنڌ آهي جيڪا معدنيات سان مالا مال آهي ۽ هتي جي عوام جو اهو حشر آهي جو پنهنجون زندگيون محفوظ نه آهن.
هي حملا هي روز روز جا خوني تقرار هر روز ڪنهن نه ڪنهن روڊ تي سوين جانيون روڊ حادثن ۾ وڃڻ.
ڪڏهن اسڪولن تي ڪڏهن باغن ۾ ڪڏهن بلوچستان درگاهه نوناري تي ۽ هاڻي صوفين جي سردار قلندر شهباز جي اڳڻ تي
اکين ۾ ڳوڙها آهن لفظ نه آهن جو سيوهاڻي سرڪار جي اڳڻ مان اٿندڙ عقيدت مندن جي آخري سفر کي اجاري سگهان
پروردگار منهنجي قلندر سائين جي پانڌئيڙن کي پنهنجي پناهه ۾ رک
درگاهن تي ته اهي ماڻهو ايندا آهن جيڪي سڪون وٺڻ چاهيندا آهن ۽ هتي انهن کي تا حيات سڪون ملي ويو آخر ڪڏهن ختم ٿيندي هي دهشتگردي هي ظلم جنهن ۾ هر روز سوين بي گناهه جانيون وڃن ٿيون اهي سوين فرد نه پر سوين گهر اجڙي ويا ڪنهن ڌيءِ جو پيءُ شهيد ٿيو هوندو ڪنهن ماءُ جو لال زره زره ٿي ويو ڪنهن ڀيڻ جو ڀاءُ جيڪوهيڪلو وارث ڪنهن گهر واري جو ور سوين خاندانن جو زندگيون تباهه ڪري ويو هي ڌماڪو
هي ته زڪر هو شهيدن جو جيڪي ويچارا حادثي ۾ زخمي ٿيا آهن ۽ اهڙا زخمي جو معذور ۽ لاچار ٿي پيا آهن اهي ته هر روز پيا مرندا ڪنهن کي دانهن ڏجي گورنمنٽ يا سياستدان؟
هتي ته مونکي رڳو بيبسي ۽ مايوسي پئي نظر اچي ڪنهن جي تعريف ڪجي ته هن سٺو ڪيو هن برو ڪيو روز ٿا نوا پروگرام تاهين
جتي ميدان رت ٿي وڃن ۽ لاش رڪشا ۽ چنگچيون گڏهه گاڏن تي رکي کڻايا وڃن اهو پاڪستان آهي يا ڪربلا جي ڌرتي؟
ٻوڏ کان پوءِ هڪ شعر لکيو هو
اڄ اهو وري هن حادثي جو ڏيک ٿو ڏي
اڄ جنهن طرف به نظر ڦير
ائين لڳي ٿو صائمه
هي ڪربلا آ قيامت آ يا
سنڌ جي ڌرتي
اي خدا هاڻي ته هتڙي رحم ڪر
۽ ماروئڙن تي ٻاجهه ڪر.