ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي ساراهڻ گهرجي!

February 17, 2017 at 11:10 pm

خبر آهي ته سنڌ اندر اينٽي ڪرپشن کاتي پاران سنڌ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي. اِن حوالي سان اربعا واري ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جي ذميوار ماڻهن کان علاوه حڪومت سان واڳيل ذميوار فرد شريڪ ٿيا. اجلاس دوران پيش ڪيل ڊرافٽ موجب نئين ٺهندڙ قانون تحت سياستدانن ۽ ڪامورن پاران غير قانوني طور رشوت ذريعي گڏ ڪيل رقم عدالت ذريعي واپس ڪرائي ويندي. جڏهن ته غير قانوني طور حاصل ڪيل آمدني کان گهٽ ڏنڍ لاڳو نه ڪيو ويندو. نئين قانون تحت ڪرپشن ۾ ملوث ڪو به شخص سزا ملڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ کان نااهل ٿي ويندو ۽ 10 سالن تائين ڪنهن به سرڪاري عهدي لاءِ اهل نه هوندو.

وڏي وزير اينٽي ڪرپشن کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ڪرپشن خلاف شعور پيدا ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪيو وڃي. وڏي وزير چيئرمين کي هدايت ڪئي ته اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمنٽ ڪيس مئنيجمينٽ سسٽم جو سافٽ ويئر تيار ڪيو وڃي.

حڪومتي صفن مان روزاني اهڙيون ڪيتريون ئي خبرون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون، جيڪي فقط سرسري نگاهه جيتري توجه حاصل ڪري سگهنديون آهن، پر انهن خبرن ۾ ڪڏهن اهڙيون به اچي وينديون آهن، جيڪي نه رُڳو توجه جون گهرجائو هونديون آهن، پر انهن جي پوئيواري ڪرڻ ۽ انهن تي جس ڏيڻ پڻ لازمي هوندو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو اڄ اسين هنن ڪالمن ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي پاران اينٽي ڪرپشن ايڪٽ واري مسودي جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. اهڙي ڪنهن سخت قانون بلڪ اخلاقي اصول جي سنڌ اندر انتهائي گهڻي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي، جنهن وسيلي ڪرپشن توڙي ٻه-نمبريءَ جي رستا روڪ ڪري سگهجي. حڪومت ڀلي پنهنجي حڪمت عملين جي ڪيتري به واکاڻ ڪري، پر سندن حوالي سان ڪرپشن جون ڪهاڻيون جيڪي عام ٿينديون رهيون آهن، تن سندن ساک کي بنهه ڌنڌلو بڻائي ڇڏيو آهي. اِهو سندن ڀاڳ آهي جو سنڌ ۾ ماڻهن کي ڪو متبادل نه ٿو سُجهي، نه ته جيڪر پنهنجا نوازيءَ واري روش سبب ڪير سندن در تي لڙي وڃڻ به گوارا نه ڪري ها. مطلب ته سنڌ جي حڪمرانن کي جيڪو پنهنجي جمهوري هجڻ جو گمان آهي، تنهن جو فقط هڪڙو ئي سبب يعني متبادل نه هجڻ آهي، پر جيئن ته وقت سدائين هڪ جهڙو ناهي هوندو، حالتون پنهنجي ڪُک مان ڪيترائي متبادل پيدا ڪري وٺنديون آهن، سو موجوده حڪمرانن کي به اِها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ۽ سنڌ اندر ميرٽ ۽ انصاف ڀرئي ماحول کي هٿي وٺرائڻ گهرجي ته جيئن ڪرپشن جهڙي لعنت کان هِن سماج کي محفوظ رکي سگهجي. اسين اُميد ٿا ڪريون ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نئين ٺهندڙ قانون کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ حڪومت پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آڻيندي ۽ اهڙي علت ۾ ورتل فردن جو ڪو جوڳو بندوبست ڪندي ته جيئن اُنهن کي مثال بڻائي باقي ماڻهن کي به انهيءَ مرض کان پري رهڻ جو سبق ملي پوي.

معمول بڻجي ويل شاگردن سان حادثا!

رپورٽ آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي آڻيندڙ پوائنٽ جي ٽڪر ۾ هڪ شاگردياڻي فوت ٿي وئي آهي. فزڪس جي آخري سال جي شاگردياڻي شائسته ميمڻ يونيورسٽي اچي رهي هُئي ته پوائنٽ اُن کي ٽڪر هڻي وڌو، جنهن سبب هوءَ شديد زخمي ٿي پئي. کيس ترت ئي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال پهچايو ويو، پر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. واقعي کانپوءِ يونيورسٽيءَ جي شاگرد ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو، بعد ۾ وائس چانسلر فتح محمد برفت پاران واقعي جي ذميوار ڊرائيور خلاف سخت قانوني چاراجوئيءَ جو يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم ڪيو. ياد رهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ئي هفتي اندر هيءُ ٻيو واقعو آهي، اِن کان پهريان 8 فيبروريءَ تي جهانزيب آرائين نالي هڪ شاگرد پوائنٽ تان ڪري فوت ٿيو هو.

هيءَ هڪ انتهائي افسوسناڪ خبر آهي، جنهن نه رُڳو شاگردن جي دلين تي سوڳ طاري ڪري ڇڏيو آهي، پر والدين پڻ تمام گهڻي ڳڻتيءَ جي وَرِ چڙهيل آهن جو گذريل ٻن مهينن کان ڄاڻايل يونيورسٽي مسلسل خبرن جي زد ۾ آهي. اِن کان پهريان نائله رند جي خودڪشيءَ واري واقعي پڻ وڏو ڏهڪاءُ پيدا ڪيو هو، جڏهن ته هينئر وري موسم بهار جي آمد دوران ٻه حياتيون غفلت ۽ بيحسيءَ جي وَرِ چڙهي ويون آهن. اسين اِهو سمجهڻ کان قاصر آهيون ته سنڌ يونيورسٽيءَ جنهن کي مادر علمي ڪوٺيو وڃي ٿو، اُن جو عملو آخر ايترو بيحس ۽ بي رحم ڇو بڻيل آهي جو هُو نئين نسلن جي اُميدن کي ٽائرن جي هيٺان چيڀاٽيندي ذرو به احساس نٿو ڪري! جيڪڏهن جهانزيب آرائينءَ جي حادثي کي سنجيدگيءَ سان ڏٺو وڃي ها ته هوند شائسته ميمڻ جا ڪتاب رتو رت نه ٿين ها نه ئي سندس گهرڀاتين جي آس اِئين وقت کان اڳ مُرجهائجي وڃي ها. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته يونيورسٽيءَ جي ٽرانسپورٽ عملي کي موت جو پروانو هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، اُنهن کي اِها خاطري هوندي آهي ته سندن ڪجهه به نه بگاڙيو ويندو ۽ اُهي انتهائي بيدرديءَ سان ڊرائيو ڪندي نظر ايندا آهن. اسين جتي شائسته ميمڻ جي ڪُمهلي موت تي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا، اُتي سندس گهر ڀاتين جي ڏُک ۾ پڻ پاڻ کي شريڪ سمجهون ٿا ۽ يونيورسٽي انتظاميا کان به اِها گُهر ٿا ڪريون ته اُها نه رُڳو ٽرانسپورٽ عملي کي احساس، اخلاقيات ۽ تربيت ڏياري، پر بسن جي تعداد ۾ پڻ اضافو ڪري ته جيئن نئين نسل جي اُميدن کي ٽائرن جي هيٺان چيڀاٽجڻ کان بچائي سگهجي!

اي پيپر