وزيراعظم سيوهڻ پهتو، اعليٰ سطحي اجلاس، دهشتگرد قوتن خلاف گڏ ٿيڻو پوندو: نواز شريف

ڄامشورو(ڊ ر)  وزيراعظم نواز شريف سيوهڻ ۾ آپگهاتي حملي دوران زخمي ٿيندڙ جي نوابشاهه اسپتال ۾ عيادت ڪرڻ کانپوءِ سيوهڻ پهتو، جتي پڻ زخمين جي عيادت ڪيائين، جنهن کانپوءِ سندس صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا شامل  ٿيا. ذريعن مطابق اجلاس ۾ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ ٽارگيٽ ڪاررواين جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته سنڌ بلوچستان سرحد سيل ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان تاريخ جي بدترين دور مان گذري پيو، دهشتگرد ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان کي نشانو بڻائي رهيا آهن، دهشتگردن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. وزير اعظم چيو ته اسان پنهنجي سڃاڻپ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان هن جنگ ۾ هر صورت ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته اسان کي دهشتگرد قوتن خلاف گڏ ٿيڻو پوندو، جڏهن ته قوم بدترين دهشتگردي کي منهن ڏئي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *