حڪومت بجلي بند ڪري بمبار جي سهولتڪارن کي ڀڄڻ جو موقعو ڏنو: مولا بخش چانڊيو
February 17, 2017 at 11:04 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (م ڊ) پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو آهي ته گھرو وزارت جي قومي سلامتيءَ جي پاليسي ڪاڏي وئي، غفلت ڪئي وئي آهي ته ان جو نوٽيس ورتو وڃي، حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو جو چوڻ هو ته ادارن کي ڪاميابيءَ بدران ناڪاميءَ طرف ڌڪيو پيو وڃي، ناڪامي نيشنل ايڪنشن پلان جي نه ان وزارت جي آهي جنهن کي اها ذميواري ڏني وئي هئي، وزيراعظم پاناما مان نڪري قومي سلامتيءَ جي معاملن تي غور ڪري، مولابخش چانڊئي جو وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو. گھرو وزارت طرفان وڌي وزير دهشتگرديءَ بابت اڳ جو ڪو اطلاع نه ڏنو ويو هو، بجلي نه هجڻ جي ڪري دهشتگردن کي ڪارروائي ڪرڻ ۾ سولائي ٿي، حڪومت بجلي بند ڪرائي بمبار جي سهولتڪارن کي ڀڄڻ جو موقعو ڏنو، قوم جي گڏيل نيشنل ايڪشن پلان کي ناڪام ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن.36