ثقافت کاتي پاران ڪرايل موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس جي بچاءَ لا۽ ٿيندر ڪانفرنس جو اکين ڏٺو احوال
February 17, 2017 at 12:58 amرپورٽ عبدالجبار ميمڻ
سنڌ جي عظيم تهذيب موهن جو دڙو تي سياحت ۽ ثقافت کاتي طرفان ڪرايل سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي ٽي ڏينهن عالمي ڪانفرنس منقعد ڪئي وئي، جنهن ۾ پرڏيهي ۽ ڏيهي سماجي اديبي اسڪالرن آرڪيالاجسٽن صحافين اديبن شاعرن سياسي ماڻهن ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي، ٽي ڏينهن هلندڙ ڪانفرنس موهن جو دڙو کي ڪنوار جيئان سينگاريو ويو، جڏهن ته ميوزم ڀرسان عالمي سيمينار جي هڪ وڏي اسٽيج ٺاهي ويئي، جنهن ۾ ٽي ڏينهن لاڳيتو سيمينار هليو، جيڪو بعد ۾ پڄاڻي تي پهتو، عالمي ڪانفرنس ۾ هن تاريخي ماڳ کي بچائڻ لاءِ مختلف حصن جي کوٽائي ڪرائي ته موهن جو دڙو جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ڪهڙي هئي، ۽ انهن جو رنگ نسل ڪيئن هوندو هو، هيءَ ڪانفرنس ٽيون دفعو منقعد ڪئي وئي آهي، هن کان اڳ وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، ۽ هاڻي وري ٽين عالمي ڪانفرنس جو سڄو ڪريڊٽ سنڌ جي ثقافت کاتي جو وزير سيد سردار علي شاهه تي وڃي ٿو، جنهن تاريخي عالمي ڪانفرنس ڪرائي ڏيهي پرڏيهي اسڪالر اديب دانش ور گڏ ڪيا، سنڌجي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آرڪيالاجي شعبي جي ماهرن تي زور ڀريو آهي ته هو سنڌو تهذيب ۾ موجود ٻين قديمي آثارن ۽ ماڳن، جيڪي اڃان تائين دريافت نه ٿي سگهيون آهن، کي تلاش ڪرڻ لاءِ کوجنا ۽ کوٽائي جا جديد طريقا اختيار ڪن ۽ کين يقين ڏياريو آهي ته سنڌ حڪومت ان مقصد لاءِ هر ممڪن مالي وسيلا فراهم ڪندي ۽ ان حوالي سان ماهرن جي تجويزن ۽ سفارشن تي مڪمل طور عمل ڪيو ويندو. اڄ هتي موهن جودڙو تي ثقافت، سياحت ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران موهن جودڙو بابت منعقد ڪيل عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اڄ کان 40 سال اڳ موهن جودڙو بابت ماهرن جي عالمي ڪانفرنس ڪوٺرائي پهريون ڀيرو سموري عالمي برادري جو ڌيان موهن جودڙو جي ورثي ۽ ان جي تحفظ جي اهميت ڏانهن ڇڪرايو. سيد مراد علي شاهه عالمي اداري يونيسڪو پاران موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ کي ساراهيندي اميد ڏيکاري ته يونيسڪو مستقبل ۾ به سنڌ حڪومت سان ان ڏس ۾ مڪمل سهڪار جاري رکندو. هن اميد ڏيکاري ته 3 ڏينهن واري هن عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ اسڪالر سنڌو تهذيب جي تاريخ ۽ تمدن جي رهيل ۽ تحقيق طلب پاسن بابت تحقيقي مقالا پيش ڪندا جن سان اسان جي قوم ۽ نئين نسل کي ڀرپور رهنمائي حاصل ٿي سگهندي. هن ثقافت، سياحت ۽ آرڪيالاجي کاتي کي هي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي مبارڪباد ڏني. ان کان اڳ يونيسڪو جي ڊائريڪٽر خطاب ڪندي چيو ته موهن جودڙو سموري دنيا لاءِ ورثي جي حيثيت رکي ٿو ان ڪري ان جو تحفظ به عالمي برادري جي ذميواري آهي.
هن چيو ته موهن جودڙو کي هڪ وڏو خطرو ٻوڏ کان آهي جنهن کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو. هن موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان ورتل اپائن جي ساراهه ڪندي يقين ظاهر ڪيو ته ان قسم جي جٽادار ڪوششن سان هن عالمي ورثي کي بچائڻ ۾ مدد ملي سگهندي. هن چيو ته هن شعبي ۾ وڌيڪ ماهر تيار ڪرڻ، انهن جي صلاحيت وڌائن ۽ جديد قسم جي ليباريٽري قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن لاءِ يونيسڪو پاران هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.ڏوڪري آرڪيالاجي شعبي جي ماهر ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري حڪومت ۽ يونيسڪو جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڇڪرايو ته موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ يونيسڪو پاران شروع ڪيل مهم بند ڪئي وئي آهي جنهن کي ٻيهر سرگرمي سان سموري عالمي برادري ۾ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌو لکت جي ڀڃت هن شعبي جي ماهرن لاءِ اڄ به هڪ چئليج بڻيل آهي ان کانسواءِ موهن جودڙو دور جي قبرستان بابت کوجنا ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي ته جيئن ان حقيقت جو اندازو لڳائي سگهجي ته ان دور ۾ مئلن کي ڪٿي ۽ ڪيئن دفنايو ويندو هو. هن حڪومت تي زور ڀريو ته موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ نوان قانون ۽ پاليسيون تيار ڪرڻ واري معاملي جو پڻ جائزو ورتو وڃي ۽ موهن جودڙو بابت وڌيڪ ۽ تفصيلي تحقيق پڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سياحت ثقافت ۽ آرڪيالاجي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه پنهنجي آجياڻي واري تقرير ۾ ٻڌايو ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبائي حڪومت پاران موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ ڪيتريون ئي رٿائون شروع ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه موهن جودڙو جي بابت قائم ڪيل ويب سائيٽ جو باقاعدي افتتاح ڪيو. ان موقعي تي موهن جودڙو جي تاريخي پسمنظر ۽ هن وقت تائين ان موضوع تي ٿيل کوجنا بابت هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. تقريب ۾ سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، سيد ناصر علي شاهه، سهيل انور سيال، سينيٽر سسئي پليجو ۽ ٻين شرڪت ڪئ:- صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت سنڌ سيد سردار علي شاهه ڳالهائيندي چيو آهي ته موئن جودڙو (انڊس سولائيزيشن) کي پوري دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ عالمي ڪانفرنس ڪرائي آهي جنهن ۾ آرڪيالاجي جا ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهر شرڪت ڪئي آهي اهڙي ڪانفرنس اڳ 1973ع ۾ ٿي چڪي آهي. جڏهن ته 44 سالن کانپوءِ اها ڪانفرنس ٻيهر ڪرائي ويئي آهي، دنيا ۾ 4 وڏيون تهذيبون آهن انهن منجهان موئن جودڙو به هڪ تهذيب آهي، هي ورثو صرف سنڌ جو ورثو نه آهي پر دنيا ۾ رهندڙ 7 ارب ماڻهن جو ورثو آهي. موئن جودڙو تي جن ماهرن پهريون تحقيق ڪئي آهي انهن کي گهرايو آهي جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن کان آيا آهن . هن تهذيب متعلق ٽيڪنيڪل ماهرن جا 2 سيشن تجويزن جي روشني ۾ اسين موئن جودڙو کي بچائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪتب آڻينداسين. هن چيو ته 10 فيبروري 2017ع تي رات جو سمبارا هوٽل ۾ ميوزيڪل شو پڻ منعقد ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته عمر ڪوٽ جي قلعي تي به ڪم ڪرايو ويو آهي جڏهن ته مڪلي قبرستان تي پڻ ڪم ڪرايوويو آهي. موئن جودڙو جي سائيٽس جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪور ڊرلنگ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. آثار قديمه 1947ع کان 2010ع تائين وفاق جي ڪنٽرول ۾ هو. هن وڌيڪ چيو ته موهن جو دڙو اسان جو ساهه آهي جنهن جي ڪري اسين وڌيڪ سڃاتا وڃون ٿا هن چيو ته موهن جو دڙو تي ڪنزرويشن ۽ ٻيون ڪم ڪرڻو آهي ته جئين مو هن جو دڙو کي جرڪائي سنواري سهگون،آرڪيالاجي ماهر ڊاڪٽر عبدالحفيظ جمالي چيو ته ٽي ڏينهن عالمي ڪانفرنس جا انشا ءَ الله بهتر نتيجا نڪرندا ته جئين مو هن جو دڙو جي بهتري لا۽ ڪجهه فيصلا ٿي سگهن ۽ مو هن جو دڙو اڃا وڌيڪ مّبوطي سان قائم ۽ دائم رهي ڇو ته موهن جو دڙو هڪ عظيم سائيڊ آهي جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مو هن جو دڙو سڃاتو وڃي ٿو هن چيو ته عالمي ڪانفرنس هڪ سٺو ۽ بهتر عمل آهي جنهن جا بهتر نتيجا نڪرندا،موهن جو دڙو عالمي سيمينار جي ٻئي مرحلي ۾ مقررين مارڪو ميڊيلا، ڪيمرون پيٽرڪ، ڊاڪٽر جوناٿن مارڪ، ڊاڪٽر عبدالحفيظ جمالي ۽ ٻين چيو ته هن عالمي ڪانفرنس جي منقعد ڪرڻ تي حڪومت سنڌ ثقافت کاتي کي مبارڪ باد ڏيان ٿو، جن هيڙي عظيم تهذيب موهن دڙو تي عالمي ڪانفرنس منقعد ڪري عظيم تهذيب کي سينگاريو ۽ سنواري آهي، هنن چيو ته عالمي ڪانفرنس موهن جو دڙو جي لاءِ هڪ سٺو سئوڻ ثابت ٿيندي، جنهن جا نتيجا سٺا نڪرندا، هنن چيو ته موهن جو سميٽ سنڌ جي سڀني ماڳن جي حڪومت پاران يونيسڪو جي سهڪار سان سار سنڀال لهڻ هڪ بهتر قدم آهي، جنهن جي جيتري واکاڻ ڪجي گهٽ آهي،سنڏ حڪومت ۽ ثقافت کاتي پاران سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي ٽي ڏينهن عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي حڪومت سنڌ ۽ ثقافت کاتي پاران موهن جو دڙو تي مختلف هنڌن تي پينا فليڪس گل، باغيچا، ڪتاب هيڊي ڪراپس موهن جو دڙو مطعلق ٺهيل ٺڪر جي ٿانون ٺهيل مختلف موهن جو دڙو جي مورتون توڙي موهن جو دڙو جي سڄاڻپ جا چانهه جا ڪپ گلاس جيڪي موهن جي دڙو جو مونو گرام سان سنواريل اسٽال پڻ هنيا ويا، جنهن تي سوين تعداد ۾ ماڻهن جي رچ رهي، ۽ ماڻهن خريداري ڪندا رهيا، جڏهن ته مهمانن ۽ صحافين جي لاءِ خاص پاسو جاري ڪيو ويو هيون، جڏهن ته عالمي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ پوليس، رينجرس جا اهلڪار ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ايندڙ ويندڙ مهمانن جي چڪاس بعد داخل ٿيڻ جي اجازت هئي، جڏهن ته پاس گيٽ پڻ هنيا ويا هئا، ٻئي طرف ڏوڪري انتظاميا جي اسسٽنٽ ڪمشنر سيد يار علي شاهه ، مختيارڪار ڏوڪري، ڊي ايس پي ڏوڪري پنهنجي عملي سميت موهن جو دڙو عالمي سيمينار جي انتظامن جي نگهه باني ڪندا رهيا،فاريسٽ کاتي لاڙڪاڻي پاران عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي وڻ ڪاري مهم جي سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موهن جي دڙو جي لان تي هڪ وڻ پوکڻ جي مهم آغاز پڻ ڪيو ويو، ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل انور سيال نثار کهڙو، ايم پي اي محمد علي ڀٽو، ايم اين اي نظير احمد ٻگهيو ۽ ٻيا ساڻنس گڏ هئا، ثقافت کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري چيو ته موهن جو دڙو جي بچاءَ لا۽ هي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ مو هن جو دڙو جي وڌيڪ بچاءَ جا اپاءَ حا صل ڪرڻ آهي جيڪا انشا ءَ الله ڪامياب ٿي ويندي،موهن جو دڙوپ تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي مو قعي تي مختلف ويهن ملڪن جا اسڪالر شريڪ ٿيا جنهن ۾ آمريڪا کان رچرڊ ميڊو جوزف، شول ڊرائين،ڊاڪٽر براڊ چيس، اٽلي جو ڊنيز فرينز ، جپان جو آئيو ڪونسا ڪوا، جرمني کان مائي ڪل جانسن ۽ ٻين ملڪن جا اسڪالر عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا، عالمي ڪانفرنس موهن جو دڙو جي ٻئي ڏينهن ته سنڌو تهذيب بابت وڌيڪ کوجنا ڪرڻ ۽ موهن جودڙو کي ايندڙ پيڙهين تائين محفوظ بڻائڻ لاءِ ثقافت ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران منعقد ڪرايل ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي 15 کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن سنڌو تهذيب بابت هن وقت تائين ٿيل تحقيق ۽ ان جي رهيل پاسن بابت وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت، تهذيب جي اوائلي دور ۾ شهرن جو وجود ۾ اچڻ، اوائلي دور جي لوڪن وچ ۾ سماجي ۽ معاشي ڳانڍانپن، سنڌو سڀيتا جي دور ۾ مهرون تيار ڪرڻ جي فن ۽ اهميت ۽ هٿ آيل ٺڪر جي شين کانسواءِ موهن جودڙو کي بچائڻ لاءِ ٿوري مدي واريون رٿائون تيار ڪرڻ جهڙن اهم موضوعن بابت پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا، ڪانفرنس ۾ سنڌو لکت جي هٿ آيل نشانين بابت پڻ تحقيقي رپورٽ پيش ڪئي وئي، ٻئي ڏينهن واري ويهڪن ۾ اسپين مان آيل ڊاڪٽر ڪارلا لينسلوٽي، آمريڪي ماهرن ڊاڪٽر ريٽا پئٽريڪا رائيٽ ۽ ڊاڪٽر رچرڊ ميڊو، فرانسيسي ماهر ڊاڪٽر ارور ڊيڊر، جاپاني ماهرن ڊاڪٽر ايومو ڪوناسڪاوا ۽ ڊاڪٽر اتسوشي نوگوچي پنهنجا مقالا پڙهيا. جڏهن ته فرانسيسي ماهر ڊاڪٽر مس صوفيا ميري جي نه اچڻ سبب سندس لکيل مقالو پڻ پڙهي ٻڌايوويو. ماهرن راءِ ڏيکاري ته هن وقت هڙاپا جي قديم آثارن کي بچائڻ لاءِ ڪم هلندڙ آهي جنهن مان پڻ موهن جودڙو کي بچائڻ وارين ڪوششن ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. ماهرن موهن جودڙو جي تحفظ لاءِ عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ بابت سنڌ حڪومت جي فيصلي کي وقتي ۽ انتهائي اهم قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ڪانفرنس پاران منظور ڪيل سفارشن ۽ تجويزن تي سختي سان عمل ڪيو ويندو، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو صبح واري ويهڪ جي صدارت ڪندي چيو ته 18هين آئيني ترميم کان اڳ ۾ وفاقي حڪومت سنڌ جي قديم آثارن جي بچاءَ ۽ بحالي لاءِ ڪي اثرائتا اپاءَ نه ورتا هئا. هن يقين ڏيکاريو ته صوبائي حڪومت کي اختيار ملڻ کانپوءِ هن ڏس ۾ انتهائي اهم اڳڀرائي ٿيندي هن چيو ته مان سنڌ گورنمينٽ کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿي، جنهن هيءَ عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي هن چيو ته سنڌ جي تهذيب صوفين سان مالا مال آهي،
سنڌ پيار ۽ امن جو پيغام آهي، هن ان موقعي تي عالمي ڪانفرنس ۾ آيل سڀني ملڪن جي ماهرن راس انڊيا، آمريڪا، جپان ۽ ٻين ملڪن شڪرگذار آهيان جو هن عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي آهي موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪانفرنس ۾ شريڪ ماهرن کي موهن جو دڙو کي سم، ڪلر ۽ ٻين خطرن کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان شروع ڪيل رٿائن بابت سيٽ لائيٽ نقشن ۽ چارٽرن جي مدد سان آگاهي ڏني وئي ۽ کين ٻڌايو ويو ته پاڻي، مٽي ۽ ٻين هاڃيڪار جزن ۽ مادن جي اٽڪل 300 قسمن جي چڪاس ڪئي وئي آهي،موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس ۾ آمريڪا کان آيل عضمه رضوي چيو ته مان آمريڪا مان آئي آهيان، ۽ مان شڪر گذّار آهيان، آرڪيالاجي ماهر ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري جي جنهن مون کي دعوت ڏئي هن عالمي ڪانفرنس ۾ گهرايو آهي، هن چيو ته مٽيءَ جي اثر هوندو آهي ته سرن جو اثر ڇا هوندو آهي، اهو اثر اسان جي چال ۾ هوندي آرٽيچر هوندي آهي، اسان هن مٽيءَ تان هلئون ٿا گهمو ٿا، ۽ اها اسان کي جنم ۾ گذري ٿي، ٽيڪنالا جي جي مدد سان مٽيءَ پڪين سرن لڌيون ويون اتي بنگلا، پڪا رستا ڪشادا ڪمرا ۽ ڊرينج نظام جو ڪم ٿيل هو، موهن جو دڙو تي گهرن جو تعداد هو، ڊي ڪي ايريا ۾ 66 گهٽيون آهن، هر سوال جو دارو مدار ماحول سان هوندو آهي، موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر روڙا خطاب ڪندي چيو ته 1958ع کان پوءِ فرينچ موهن جو دڙو جي تعاريف ڪئي، انڊس تهذيب جا ماڻهو ڪاروبار ڪندا هئا، چنو جو دڙو جيڪو بلوچستان ۾ آهي، ان جي آرڪي ٽيچر جا ڪم ٿيل آهن، ۽ اهي سنڌو ندي سان ملن ٿا، چنو جو دڙو گهڻو اثر رکي ٿو، موهن جو دڙي سان موهن جو دڙو جاماڻهو ڏاڍا امير هئا، چنو جي دڙو جا اڃان به ٻه دڙا آهن، اتي مٽيءَ جا ٿانو، مٽيءَ جو سرون ۽ شيون اتي جڙيل ڪمرا ۽ ٻيون آرٽيچر جو ڪم شاندار نموني سان ٿيل آهي، اتي اڏيل عمارت جو آرٽيچر ڪم دلچسپ هو، ان ڪري هن پليٽ فارم تان موهن جو دڙو تي ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته هر سال ايئن نمائش ڪري موهن جو دڙو تي ڪم ڪيو وڃيموهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس ۾ جرمني جي ماهر مائيڪل جانسرل چيو ته موهن جو دڙو هڪ وڏو شهر هو، وڏيون وڏيون عمارتون هيون کوهه هيا، ڊرينيج سسٽم جو شاندار ڪم هيو، ۽ ڪجهه کوهه اڃان به آهن، جيڪي اوريجنل صورت ۾ پر ڪجهه کوهن جي مرمت ڪئي وئي آهي، هن چيو ته موهن جو دڙو انسان ذات جي تاريخ آهي، هن چيو ته سرن جي سائيز ۽ بناوت ساڳي طرح جرمني ۾ ملي ٿي، کوهه ميٽر هيٺ کوٽيو ويندو هو، رومن ۽ جرمن به اهڙي طرح کوهن جو استعمال ڪندا هئا، هن چيو ته 1973ع ۾ يونيسڪي جي مدد سان ريسرچ ڪئي وئي، جيڪا پروفيسر روٽ هالينڊ جي پڻ ڪئي هئي، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو1973ع ۾ 20 ميلن جي لاڳت موهن جو دڙو تي ڪم ڪرايو،موهن جو دڙو جي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي آرڪيالاجي ماهر پروفيسر سرفراز حسين سولنگي سيمينار ۾ هن چيو ته ڊراءِ ڪول ڊريلنگ پروجيڪٽ هلي رهيو آهي، جنهن سان موهن جو دڙو جي حد معلوم ڪئي وئي، جڏهن ته پهرين نمبر ڳالهه اها ته اعتراض اهو هو ته 5 هزار سال پراڻي موهن جو دڙو جي چوڌاري گهر اڏجي ويا آهن، هن چيو ته موهن جو دڙو جي ڪور ڊرلنگ ذريعي مشاعدو ڪري ڪاميابي سان ڇهن مهنين کان پوءِ ڪور ڊريلنگ جو ڪم پورو ڪيو، جنهن مان اسان کي ڪجهه قدرتي ثقافتي شيون مليون، ۽ ان سلسلي ۾ اسين 55 ڪور ڊرلنگ ڪيا،موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر جوزف چيو ته سنڌ ثقافت جي ماڻهن جو شڪر گذار آهيان جو مون کي هن عالمي ڪانفرنس ۾ دعوت ڏئي گهرايو آهي، هن چيو ته پروفيسر سرفراز سولنگي مطابق موهن جو دڙو گهڻو وسيح آهي، ۽ ڊرلنگ جي بور مان اسان کي ڪجهه نيون شيون مليون آهن، جنهن مان سمجهي سگهون ٿا، هن چيو ته سنڌو ندي هماليا کان اچي ٿي، سنڌو، چناب، راوي ستلج سڀ سمنڊ سنڌو ڊيلٽا مان نڪرن ٿا، ۽ هڙاپا دڙي جي ڪاروباري لنڪ هئي،موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪاسد ملاح چيو ته موهن جو دڙو ڪيئن تباهه ٿيو، ڪجهه چيو وڃي ٿو ته آب هوا جي لحاظ کان تباهه ٿيو، اتي به آبادي موهن جو دڙو دوران گهاگهر ۽ ندي ۽ سنڌو ندي هئي، ۽ انڊيا جي اوڀر اعلائقي تائين وهندي هئي، گهاگهرا ۽ ڪاڪڙ اهي اتي ٻئي مليل هيون جتي اسان اڄ رهون ٿا، ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪجهه فرق محسوس ڪيا آهن، ۽ ٽيڪنيڪل معلوم ڪياسين ته هاڙاپا ۽ ٻئي هڪ وڏي تهذيب آهي، ڇو ته موهن جو دڙو هڙاپا مان ڪجهه ساڳيون شيون مليون آهن،موهن دڙو عالمي ڪانفرنس ۾ وزيراعظم پاڪستان محمد نواز شريف طرفان موڪليل نمائيندو راءِ حيدر سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته مان وزيراعظم جي هدايت تي هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي آهي، هن چيو مان موهن جو دڙو ۾ موجود آهيان جيڪا تمام وڏي ۽ قديمي تهذيب آهي، موهن جو دڙو پاڪستان جو وڏو اساسو آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو، هن چيو ته وزيراعظم پاران پڻ موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس جي ساراهه ڪئي آهي، ۽ انشا الله هي ڪانفرنس قديم آثارن جي وڌيڪ مضبوطي لاءِ بهتر ثابت ٿيندي،موهن جو دڙو تي ٽي ڏينهن عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ٻئي ڏينهن تي به موهن جو دڙو ي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا، موهن جو دڙو جي مين گيٽ تي ڏهن کان مٿي پوليس ۽ رينجرس جون گاڏيون ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي تي ۽ اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي ماهرن اسڪالرن صحافين سياستدانن جي تحفظ لاءِ موهن جو دڙو جي مختلف سائيڊن تي حفاظت لاءِ بيٺا رهيا، ٻئي پاسي صحت کاتي لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪري جي عاليٰ آفيسرن پاران عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ماهر ڊاڪٽرن جي ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳائي وئي، جڏهن ته موهن جو دڙو تي مختلف مٽي جي ٺهيل مورتين مجسمن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا، جتان ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهو خريداري ڪندا رهيا، جڏهن ته سيڪيورٽي جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ليڊيز اسڪالر ماهر جي حفاظت لاءِ اسپيشل ليڊيز پوليس مقرر ڪئي وئي، جيڪا انهن جي حفاظت ۾ پيش پيش هئي،موهن جو دڙو تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ ماهرن اسڪالرن ۽ سياستدانن کان علاوه لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي اديبن تاج جويو، مدد سنڌي، ڄام جمالي، اياز گل، ناز سهتو،ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر، قومپرست اڳواڻ احمد انقلابي، احسان دانش، انور ڏنگڙائي، ادل سومرو، ادل سولنگي، نويد سنديلو،محمد علي پٺاڻ، مختيار سمون،يوسف شاهين، ۽ ٻيا شامل هئا،عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ته آرڪيالاجي ۽ ثقافت پاران موهن جو دڙو جي ميوزم کي پڻ مختلف معلوماتي بينرن پينا فليڪس سان سينگاريو سنواريو ويو، جتي سوين ماڻهون ڏسندا ۽ معلوم مات وٺندا رهيا، موهن جودڙو هن وقت دنيا جو اهو اڪيلو ماڳ آهي جنهن جي سڀ کان بهتر نموني ڊاڪيومينٽيشن ڪئي وئي آهي. موهن جودڙو جي لوڪن کي پاڻي ۽ صفائي جون سڌريل سهولتون حاصل هيون. عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري ڏينهن تي ماهرن جو خطاب، موهن جودڙوتي ٿيندڙعالمي ڪانفرنس جي ٽئين ۽ پڄاڻي واري ڏينهن تي آرڪيالاجي جي ماهرن سنڌو سڀيتا جي دور ۾ قائم ٿيل وسندين، انهن جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ عيسوي سن شروع ٿيڻ کان اٽڪل 2 هزار سال اڳ سنڌو سڀيتا جي مصري ۽ ٻين همعصر تهذيبن سان واپاري لاڳاپن، تازو موهن جودڙو واري هنڌ تي ڪرايل ڊراءِ ڪورڊرلنگ جي شروعاتي جائزن ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي تحقيقي مقالا پڙهيا ويا،اسپيني ماهر ڊاڪٽر مائيڪل جينسن تحقيقي مقالي ۾ چيو ته 1973ع ۾ موهن جودڙو بابت ڪوٺايل پهرين عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ سان پهريون ڀيرو سموري دنيا جو ڌيان هن قديم تهذيب ڏانهن ڇڪرايو ويو. هن ٻڌايو ته هو 1978 کان موهن جودڙو کي بچائڻ لاءِ يونيسڪو پاران شروع ڪيل پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته جرمني جي تحقيقاتي اداري موهن جودڙو جي موجود آثارن جي ٻيهر ڊاڪيومينٽيشن ڪرڻ لاءِ مالي وسيلا فراهم ڪيا آهن ۽ ان پروگرام هيٺ ٽن هزارن کان وڌيڪ تصويرون حاصل ڪيون ويون آهن. هن دعوا ڪئي ته سموري گرائونڊ جي نئين سر ماپ ڪرڻ کانپوءِ موهن جودڙو هن وقت دنيا جو اهو اڪيلو ماڳ آهي جنهن جي سڀ کان بهتر نموني ڊاڪيومينٽيشن ڪئي وئي آهي،
هندستاني اسڪالر ڊاڪٽر وسنت شرام شندي پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو ته هندستان ۾ قديم آثارن جي تازو ٿيل کوٽائي جي نتيجي ۾ سنڌو تهذيب سان هڪجهڙائي جا اهڃاڻ مليا آهن. هن چيو ته هندستان جي ڪجهه قديمي اثارن مان مردن کي دفنائڻ واري هنڌن جي نشاندهي ٿي آهي پر دفنائڻ جي رسمن بابت تحقيق ڪرڻ جي ضرورت باقي آهي. هن ٻڌايو ته هندستان ۾ پهريون ڀيرو قديمي آثارن مان هٿ آيل هڏن جي ڊين اين اي ٽيسٽ ڪرائي پئي وڃي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌو ۽ ان جي همعصر تهذيبن کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر وسنت وڌيڪ ٻڌايو ته هندستان ۾ قديمي آثارن کي بچائڻ لاءِ مقامي آبادين ۾ سجاڳي پيدا ڪندي انهن جو سهڪار حاصل ڪيو ويو آهي، آمريڪي ماهر ڊاڪٽر ريٽا پئٽريشا رائيٽ موهن جودڙو جي لوڪن کي حاصل پاڻي ۽ صفائي جي سهوليتن بابت مقالو پيش ڪندي ٻڌايو ته اهي شهري سهوليتون ايترو ته سڌريل هيون جو اهي همعصر ۽ بعد ۾ وجود ۾ ايندڙ تهذيبن لاءِ مثال بڻيون آمريڪي اسڪالر ڊاڪٽر رچرڊ ميدو هڙاپا ماڳ تي مليل ديوار جي اهڃاڻن ۽ آثارن بابت مقالو پڙهيو، پڄاڻي واري ڏينهن تي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري سان گڏجي ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائيندڙ سرڪاري ملازمن ۽ ٻين ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا، موهن جو دڙو تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي مو قعي تي گذريل رات لاڙڪاڻو ۾ موسيقي جي شاندارمحفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌو ماٿري جي سڀني حصن يعني گلگت بلتستان، ڪشمير، سوات، خيبرپختونخواهه، پنجاب، سرائيڪي، بلوچستان ۽ سنڌ جي لوڪ فنڪارن سر وکيري ٻڌندڙن کي جهومائي ورتو. ان محفل ۾ گلگت بلتستان جي فنڪاره بانو رحمت، ڪشمير جي ڪوئل ماهي ڪشميري، سوات جي فنڪاره بختاور، خيبرپختونخواهه جي اعجاز مشتاق، سرائيڪي جي اڌو ڀڳت، بلوچستان جي تاج بليدي ، سنڌي جي فنڪاره تاج مستاني ۽ ٿر جي ڪوئل مائي ڍائي ڍاٽڪي ۾ ڪلام ڳائي سر وکيري خوب داد حاصل ڪيو. ان کانسواءِ ذوالفقار علي بورينڊو، ارباب کوسو الغوزو وڃائي پرڏيهي مهمانن کي موهي وڌو. فقير رجب علي صوفياڻيو ڪلام پيش ڪيو. محفل ۾ هڪ خوبصورت فنڪاره جڏهن موهن جو دڙو مان هٿ آيل ناچڻي سمبارا کي خراب تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڊانس ڪئي ته سندس پرفارمنس ايترو ته حقيقي ۽ پر اثر لڳي رهي هئي جو ڄڻ سمبارا پاڻ نچي رهي هجي، موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي پنهنجي مختصر خطاب ۾ ايم اين اي ميڊم فريال ٽالپر چيو ته هماليا کان وٺي سمنڊ تائين سنڌوجي ٻنهي ڪنارن سان صدين کان تهذيبن جنم ورتو آهي. بعد ۾ هن صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، سيد سردار علي شاهه، ايم اين اي رميش لال ۽ ايم پي اي خورشيد احمد جوڻيجو سان گڏجي پرڏيهي مهمانن کي ٿر مان آيل شالون سوکڙي طور پيش ڪيون، موهن جو دڙو تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ٽئين ۽ پڄاڻي واري ڏينهن جي مو قعي تي آيل مهمان صو بائي وزير نثار احمد کهڙو سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته موهن جو دڙو تي پهرين عالمي ڪانفرنس 19920 ع ۽ ٻي عالمي ڪانفرنس 1973 ع ۾ ۽ ٽي 2017 ع ۾ گهرائي موهن جو دڙو کي اجاگر ڪرڻ لا۽ عالمي ليول تي بحث ڪرايو ته هتي ماڻهو ڪئين رهندا هئا ۽ اهي ڪهڙيو ڪاروبار ڪندا هئا،کين مان خراج تحسين پيش ڪيان ٿو اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ هن عظيم تهذيب جو نظارو دنيا کي ڏيکاريو، هن وڏي هڪ پروگرام تي سنڌ سميت پوري پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو،هن چيو ته اسان تي به ذميواري عائد ٿئي ٿي ته پنهنجي ماڳن جي حفاظت ڪيون ڇو ته هي اسان جو ورثو اسان جي سڃاڻپ آهي،هن چيو ته هيڏي وڏي پروگرام تي ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن هيڏو پروگرام ڪري موهن جو دڙو جي حفاظت لا۽ پروگرام ڪري موهن جو دڙو کي سنواريو آهي، موهن جو دڙو تي م،نعقد ٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ آخري ۽ ٽئين ڏينهن جي پروگرام ۾ صو بائي وزير سهيل انور سيال پاران آيل ڏيهي ٽو ڙي پرڏيهي ماهرن مهمانن اديبن صحافين کي سنڌ جو شان سڄاڻپ اجرڪن جا تحفا ورهايا ويا جيڪي سندس ڀاءَ ضلع ڪائونسل ميمبر انجنئير طارق انور سيال پاران مهمان خاص نثار احمد کهڙو سميت ٻاهران آيل مهمانن مائيڪل جانسن ۽ ٻين کي ڏنا ويا، جڏهن ته آخر ۾ صو بائي وزير سهيل انور سيال جي طرفان لنچ پڻ مهمانن کي ڪرائي ويئي، پ پ اڳواڻ ضلع ڪائونسل جي ميمبر انجنئير طارق انور سيال ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته مو هن جو دڙو اسان جو هڪ عظيم ۽ سڄاڻپ رکندڙ ورثو آهي جنهن جي حفاظت ان جي سنڀال مالڪي ڪرڻ اسان توهان جو فرض آهي هن چيو ته پ پ حڪومت مو هن جو دڙو سميت سڀني ماڳن جي حفاظت لا۽ سٺا قدم کڻي انهن کي محفوظ ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسرنه ڇڏي آهي، هن چيو ته انشا ءَ الله عالمي سيمينار جا مو هن جو دڙو جي بچاءَ جا بهتر کان بهتر نتيجا نڪرندا ۽ مو هن جو دڙو اڃا به وڌيڪ مظبوط ۽ محفوط رهندو هن ثقافت کاتي وارن کي هن وڏي پروگرام ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، ثقافت کاتي پاران موهن جو دڙو تي 3 ڏينهن عالمي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ اڄ آخري ۽ 3 ڏينهن جي مو قعي تي سيڪيو رٽي جا انتظام 2 ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪيا ويا هئا جڏهن ته اڄو ڪي آخري ڏينهن تي سياسي سماجي ادبي دانشورن شاعرن صحافين تعليم کاتي جي ادارن جنهن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪانو جي جو وفد پرنسيپل ڪرنل ريٽائرڊ افتخار جي اڳواڻي ۾ ايڊمن آفيسر جاويد لاشاري، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڏوڪري جو پرنسيپل عاشق حسين سولنگي، پروفيسر سائين بخش قبولائي، پروفيسر گلاب سومرو، کان علاوهه پ پ جو صو بائي وزير نثار کهڙو، ايم پي اي محمد علي ڀٽو، خو رشيد جو ڻيجو،پ پ لاڙڪاني جو جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح ڀٽو، نيڪ محمد ڀٽو، پ پ اڳواڻ انجنئير طارق انور سيال، ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ، ڪمشنر لاڙڪاڻو غلام عباس بلوچ، اديب تاج جو يو، مدد سنڌي، ادل سولنگي، محمد علي پٺاڻ، انجنئير علي حيدر گاڏهي، مڪلي جو ڪيوريٽر ارشاد رڏ، آرڪيٽيڪ نويد سانگا، مو هن جو دڙو جي ڪيو ريٽر ظهيرالدين شر، ارشد علي جتوئي، اسٽنٽ ڪيو ريٽر احسان عباسي، قو مپرست اڳواڻ احمد انقلابي، ساس ڏوڪري جو اڳواڻ قربان جتوئي، اديب شاعر محمد عيسيٰ ميمڻ، شاعر شهمير سومرو، شاعر اقرار پيرزادو، پ پ اڳواڻ شا رخ سيال، نظير قريشي، مڪاني ادارن جا ضلع چئير مين خان سانگهرو، عبدالحئي راشدي، محمد علي راڄپر، پ پ اڳواڻ منصور امام ساريو، ۽ ٻيا شامل آهن جنهنڪري اڄ سيڪيورٽي 2 ڏينهن جي ڀيٽ کان وڌيڪ هئي جنهن ۾ رينجرس پوليس جو لڳ ڀڳ 30 گاڏيون سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندي رهي، جڏهن ته اسپيشل برانچ جي آفيسر غلام پنجتن سامٽيو جي اڳواني ۾ ايندڙ ويندڙ جي چڪاس بعد سيمينار حال ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني ويئي،