ڏکڻ پنجاب ۾ ڪومبنگ آپريشن وارو فيصلو!

February 17, 2017 at 12:58 am

لاهور ۾ خودڪش حملي کانپوءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڏکڻ پنجاب ۾ ڪومبنگ آپريشن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرديءَ جا واقعا هلندڙ آپريشن توڙي قومي عزم کي ڪمزور ڪري نٿا سگهن ۽ هر قسم جي دهشتگردن، سندن ماسٽر مائينڊ، مالي مددگارن، پلانرن توڙي ٻاهرين هٿن کي نشانو بڻائي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آرمي چيف پي ايس ايل فائنل ميچ شيڊيول مطابق لاهور ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ فوج پاران هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

گذريل ٽن ڏينهن کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هڪ تسلسل سان دهشتگرديءَ جا واقعا ٿيا آهن. اها خوشقسمتي چئجي بلوچستان وارن جي جو اتي ٿيل ڌماڪي ڪو گهڻو نقصان نه رسايو پر لاهور ۾ ٿيل ڌماڪي ڪيترين ئي حياتين جا ڏيئا اُجهائي ڇڏيا آهن. انهيءَ واقعي جي اسين ڪالهه به هنن ئي ڪالمن ۾ ترديد ڪري چُڪا آهيون ۽ اڄ ٻيهر ساڳي واقعي تي قلم کڻڻ جو ڪارڻ آرمي چيف پاران ڏکڻ پنجاب ۾ ڪومبنگ آپريشن جي ڪيل هدايت آهي. اسان جي نظر ۾ اهو انتهائي وقتائتو فيصلو آهي. گهڻي وقت کان هر پاسان انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي ٿيندي رهي آهي ته پوري ملڪ ۾ جتي دهشتگرديءَ خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي، اُتي پنجاب کي ڇو نظرانداز ڪيو پيو وڃي؟ حقيقت اها آهي ته انتهاپسنديءَ جا جيترا اثر ڪي پي ڪي ۾ محسوس ڪيا ويندا آهن، ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پنجاب جو ڏاکڻيون علائقو متاثر آهي، پر پنجاب گورنمينٽ جي مفاهمت سبب انهن علائقن ۾ هيستائين ڪو به قدم ناهي کنيو ويو، جنهن جو نتيجو اسين لاهور ڌماڪي جي صورت ۾ ڏسي آيا آهيون. جيڪڏهن اڃان به ان معاملي کي سنجيدگي سان نه ڏٺو ويو ۽ انتهاپسندن سان همدرديءَ واري جذبي مان هٿ نه ڪڍيا ويا ته پوءِ هيستائين ٿيل قربانيون توڙي ڪوششون بيڪار ثابت ٿينديون. ڇو ته اهو ائين ٿيندو ته ڪنهن شخص کي ناسور هجي ۽ اُن جي فقط ڪجهه حصن جو علاج ڪري اهو باور ڪرايو وڃي ته اُن کي مڪمل شفاياب ڪرايو ويو آهي ته اهو مناسب نه ٿيندو. بلڪه اڳتي هلي اُهي حصا به تڪليف ۾ اچي ويندا، جن جو علاج ڪرايو ويو هو. ائين ئي ڪي پي ڪي، سنڌ توڙي بلوچستان مان دهشتگردن جو ڪيترو به صفايو ڪيو وڃي پر جيڪڏهن ملڪ جي ڪنهن حصي ۾ اُنهن جا همدرد، سهولتڪار يا مددگار موجود آهن ته اُهي ڪجهه وقت کانپوءِ ٻيهر پوري ملڪ کي خوف جي ور چاڙهڻ جون ڪوششون ڪندا، تنهن ڪري هاڻي دهشتگردن خلاف بنهه سَندو ڪڍڻو پوندو، سٺي ۽ خراب واري رعايت ختم ڪرڻي پوندي ۽ بنا امتياز جي اُنهن قوتن کي هڪ پاسي ڪري بيهارڻو پوندو، جيڪي ڪنهن به حوالي سان دهشتگردي يا اُن جي لاءِ ماحول ٺاهڻ جون ڪوششون ڪندا هجن. هن وقت سي پيڪ سببان پوري دنيا جون نگاهون پاڪستان تي آهن، وڏا وڏا سيڙپڪار هن طرف اچڻ لاءِ پَر ساهي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ خوشحاليءَ جي اُميدن جا گونچ ڦٽي رهيا آهن، جيڪا ڳالهه نه ته امن دشمن قوتن کي وڻي ٿي نه وري اُنهن کي، جيڪي هن ملڪ کي اونداهين ۾ غرق ڏسڻ گهرن ٿا، تنهن ڪري اُهي ملڪ توڙي عوام کي نقصان رسائڻ لاءِ انتهائن تائين وڃي سگهن ٿا ۽ انهن جي انتهائن کي تڏهن ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن هتان دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.

اسان کي اها ڳالهه به تسليم ڪرڻي پوندي ته اسان جي ميڊيا يا اسان جو نصاب ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان انتهاپسنديءَ کي هوا ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. جڏهن ته نصاب ۾ تبديليءَ جي حوالي سان هڪ وقت کان ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته اُهي الائي ڪهڙيون مجبوريون آهن، جيڪي انهيءَ انتهائي اهم قدم کان روڪي رهيون آهن. اسين اڄ به ضيائي دؤر ۾ هٿ وٺي ڏنل تصورن کي نصاب ذريعي نئين نسل ۾ منتقل ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا پڻ ريٽنگ جي چڪر ۾ ساڳي جُٺ جاري رکيو اچي. تنهن ڪري جيستائين دهشتگرديءَ جي سڀني امڪانن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيا ويندا، تيستائين بندوق جي زور تي قائم ڪيل امن عارضي ئي رهندو. اُن لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنجاب جا علائقا هجن يا ڪي پي ڪي جا، فاٽا جا هجن يا بلوچستان توڙي سنڌ جا، جتي به انتهاپسنديءَ واري سوچ جي آبياري ٿيندي هجي، اُتي سخت آپريشن ڪيو وڃي. آرمي چيف اِن حوالي سان جيڪي خاطريون ڪرايون آهن، اُهي قابلِ تعريف آهن ۽ هُن پي ايس ايل جي فائنل ميچ لاءِ فوج جي سهڪار جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، سا پڻ وڏو اُتساهه آڇي ٿي. رانديون توڙي ادبي پروگرام ماڻهن جا ذهن بدلائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا آهن، اُنهن جو جاري رهڻ امن جي خواب جي ساڀيان کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. بهرحال اسين اُميد ٿا ڪريون ته هن ملڪ جو عوام هاڻ وڌيڪ حادثن ۽ ڌماڪن جي اڀاڳ وارين خبرن کان هميشه لاءِ محفوظ رهندو.

اي پيپر