پانامه ڪيس اتي ئي بيٺو آهي جتان شروع ٿيو هو، اسان عوامي ۽ سياسي طور تي اهو ڪيس کٽي چڪا آهيون: شيخ رشيد
February 17, 2017 at 12:54 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد احمد چيو اهي ته پانامه ڪيس اتي ئي بيٺو آهي جتان شروع ٿيو هو اسان عوامي ۽ سياسي طور تي اهو ڪيس کٽي چڪا آهيون بس هاڻي قانوني فيصلو اچڻ باقي آهي فيصلو هن فتي اچي يا ايندڙ هفتي پر سياسي تابوت سپريم ڪورٽ مان ئي نڪرندو خميس تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پانامه ڪيس اتي ئي بيٺو آهي جتان شروع ٿيو هو شريف خاندان جي وڪيلن مان هڪ چوي ٿو ته جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو ۽ ٻيو چوي ٿو ته معاف ڪيو ۽ ٽيون چوي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي ڪري ئي نٿي سگهي هن چيو ته شريف خاندان جو وڪيل چوي ٿو ته اسان وٽ مني ٽرائيل جو رڪارڊ نه آهي ان جو مطلب آهي ته ان وٽ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي هن چيو ته اسان عوامي ۽ سياسي طور تي اهو ڪيس کٽي چڪا آهيون. فيصلو هن هفتي اچي يا ايندڙ هفتي پر سياسي تابوت سپريم ڪورٽ مان ئي نڪرندو.