درگاهه لعل قلندر شهباز جي نگري ۾ خودڪش ڌماڪو،70 کان وڌيڪ زائرين شهيد،250 زخمي

February 17, 2017 at 12:39 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

سيوهڻ (رپورٽرز/مانيٽرنگ ڊيسڪ) سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهباز قلندر رحه جي درگاهه جي احاطي ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ شهيد ۽ 250 کان وڌيڪ زائرين زخمي ٿي پيا آهن، ذريعن موجب امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن، جڏهن ته امدادي ڪارروائين ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، ڌماڪي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌماڪي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، واقعي بعد حيدرآباد، ڄامشورو ۽ دادو مان ايمبولنسون گهرايون ويون آهن، جڏهن ته سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. جمعي رات هئڻ سبب زائرين جو وڏو انگ درگاهه ۾ موجود هو. سيوهڻ اسپتال انتظاميا 45 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. .

اي پيپر