اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته ڀارت جون دفاعي تياريون خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن. ڀارت پاڪستان ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ملوث آهي، ڀارت ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ تي جنگبنديءَ جي بار بار ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺي، پاڪ چين سهڪار سڄي خطي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، گڏيل سهڪار تڪرارن کان ڪيئي ڀيرا بهتر آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد نفيس ذڪريا خميس ڏينهن هفتيوار بريفنگ دوران صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ٻُڌايو ته ڀارت جون دفاعي تياريون خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن. هن چيو ته نئين دهليءَ جون ايٽمي تياريون به ڳڻتي جوڳيون آهن ان سان علائقي ۾ طاقت جو توازن بگڙجندو. پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ بابت ترجمان ٻُڌايو ته ڀارت جون رياستي ايجنسيون پاڪستان ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ملوث آهن. ان سلسلي ۾ اسان دستاويز گڏيل قومن حوالي ڪيا آهن ۽ اهو معاملو بار بار اُٿاريو ويندو. ڪشمير متعلق هڪ سوال جو جواب ڏيندي ترجمان عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته اها والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. ان کان علاوه ڀارت ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ تي به جنگبنديءَ جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هاڻي تائين ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ماسڪو ۾ افغانستان متعلق 6 ملڪي ڳالهين جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. افغانستان، پاڪستان، روس، ايران، چين ۽ ڀارت تي ٻَڌل 6 ملڪي ڳالهين جي پهرئين ڏينهن سمورن ملڪن افغانستان ۽ خطي ۾ امن لاءِ ڪوششن تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ متعلق معاملا بحث هيٺ آيا. ترجمان چيو ته افغانستان جو تڪرار 40 سال پُراڻو آهي، جنهن اتي غير رياستي عنصرن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو فراهم ڪيو.