پانامه ڪيس؛نيب ۽ ايف بي آر چيئرمينز 21 فيبروري تي رڪارڊ سميت پيش ٿين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ پانامه پيپرز ڪيس ۾ نيب جي چيئرمين ۽ ايف بي آر جي چيئرمين کي طلب ڪندي نيب ۽ ايف بي آر جي چيئرمين کي 21 فيبروري تائين رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته عدالت جي سينيئر جج جسٽس آصف سعيد کوسي چيو اهي ته ايف بي آر جي چئرمين ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌائي ته هن وقت تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي ڪيترن ماڻهن کي نوٽيس ڏنا ويا ڪيس بابت تياري ڪري اچي اسان سوال پڇنداسين خميس تي سپريم ڪورٽ جي 5رڪني لارجر بئنچ جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ پانامه ليڪس معاملي تي داخل ٿيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي سپريم ڪورٽ ۾ پانامه ڪيس جي ٻڌڻي تي حسين نواز جي وڪيل سلمان اڪرم راجا جي وڪيل دليل ڏنا ته مريم نواز جي بينيفشل مالڪ هجڻ جا جعلي دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا بيريئر سرٽيفڪيٽ جي منسوخي سان ان جي بطور شيئر هولڊر واري حيثيت ختم ٿي ويئي ميوزيڪ فونسيڪا پنهنجن دستاويزن سان لاتعلقي جو اظهار ڪيو جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته اهي دستاويز آخر آيا ڪٿان حسين نواز وٽ لنڊن ۾ مهانگي جائيدادن لاءِ سيڙپڪاري کي به ڏسڻو آهي مريم نواز بطور حسين نواز جو نمائندو ڪم ڪندي هئي ان کي به ڏسڻو آهي سلمان اڪرم دليل جاري رکندي چيو ته ضابطا فوجداري تحت شاهديون نه هجن ته جوابدار جو موقف تسليم ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ڪو ڏوهه نه ٿيو ته ڪميشن جوڙڻ جو به جواز نه آهي اصغر خان ڪيس ۾ به عدالت واسطيدار ادارن کي جاچ جو حڪم ڏنو هو جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته اصغرخان ڪيس ۾ عدالت پهريان ڊڪليئريشن ڏني هئي اصغر خان ڪيس جو ڪرمنل حصو جاچ لاءِ موڪليو ويو هو سلمان اڪرم چيو ته عدالت ڊڪليئريشن اعترافي بيان تي ڏنو هو جسٽس اعجاز افضل چيو ته اها ڳالهه هضم ڪرڻ مشڪل آهي ته ايتري قيمتي ملڪيت وٺندڙ ان جو ڪوبه رڪارڊ نه رکي سلمان اڪرم چيو ته جيڪڏهن ڪو رڪارڊ نه رکيو ويو ته ان ۾ ڏوهه ڪهڙو آهي واعدي مطابق پنهنجا دليل مڪمل ڪندس جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته 184/3 جي ڪيس ۾ عدالت ڪنهن کي ڏوهاري يا بي قصور قرار نٿي ڏيئي سگهي فوجداري ڏوهه جي جاچ يا ٽرائيل واسطيدار فورم تي ٿيندو آهي جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته جيڪڏهن ان نتيجي تي پهچون ٿا ته توهان جي وضاحت ديانتدار نه آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو جسٽس اعجازالحسن چيو ته قطر ۾ ڪاروبار جا دستاويز نه آهن ملڪيت بابت فنڊن جي وضاحت به اطمينان بخش نه آهي سلمان اڪرم چيو ته عدالت اسان جي وضاحت رد ڪري ته به پهرين در جي ڳالهه تسليم نٿي ڪري سگهي جسٽس آصف سعيد چيو ته ڏاڏو دنيا ۾ نه رهيو آهي ۽ ٻارڙا ڪمائي نه رهيا آهن ڪلثوم نواز گهريلو عورت آهي ان ۾ صرف هڪ ئي شخص بچي وڃي ٿو سلمان اڪرم پنهنجا دليل جاري رکيا ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عدالت ان معاملي ۾ ڪميشن جوڙي سگهي ٿي جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته عدالت ڪميشن جوڙي سگهي ٿي يا معاملو واسطيدار اختيارين ڏانهن موڪلي سگهي ٿي جڏهن ته هن ڪجهه ماڻهن پاران ادارن جو ڪم نه ڪرڻ جي بيان جي به نشاندهي ڪئي ۽ سوال ڪيو ته ان صورت ۾ هاڻي عدالت ڇا ڪري ان موقعي تي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته عدالت جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي اڃا تائين ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي جسٽس آصف سعيد کوسي پڇا ڪئي ته ڇا سپريم ڪورٽ پاڻ ڪميشن جوڙي انڪوائري نٿي ڪري سگهي جسٽس اعجاز افضل چيو ته ڪميشن جو ڪم شاهديون گڏ ڪرڻ آهن جنهن تي سلمان اڪرم جواب ڏنو ته ڪميشن ڪنهن به شخص کي سزا يا جزا نٿي ڏيئي سگهي اها صرف انڪوائري جي نتيجي ۾ پنهنجي راءِ ڏيئي سگهي ٿي سلمان اڪرم چيو ته عدالت کي ڏسڻو آهي ته ڇا اهو ڏوهه آهي يا رڪارڊ نه رکڻ ۾ ڪا لاقانونيت آهي ان حوالي سان قانون ڇا ٿو چئي جسٽس آصف سعيد کوسو چيو ته توهان جي ڪيس ۾ ٻه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون يا اسان قطري وارو موقف تسليم ڪيون يا نه توهان وٽ هڪ ئي موقف آهي ۽ دستاويز نه آهن سلمان اڪرم جواب ڏنو ته مون وٽ جيڪي دستاويز هيا پيش ڪيا هاڻي جيڪڏهن توهان قطري وارو موقف تسليم نٿا ڪيون ته پوءِ درخواست ڪندڙ کي ثابت ڪرڻو آهي ته اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جسٽس آصف سعيد جواب ڏنو ته ان لاءِ ته مان چئي رهيو آهيان ته توهان جيڪو جوئا کيڏي رهيا آهيو ۽ جوئا ڪنهن جي حق ۾ به وڃي سگهي ٿي ان موقعي تي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته ڪيس صرف اهو نه آهي ته مريم نواز جائداد جي بيفيشل ٽرسٽي آهي يا نه هن چيو ته اهو ڪيس سراج الحق جو آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته ڪرپشن کي نطرانداز نه ڪيو وڃي ۽ ملوث ماڻهن کي نااهل قرار ڏنو وڃي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن هو ثابت ڪري ٿو ته ٺيڪ نه ته سراج الحق جي درخواست سياسي رڪابت ئي سمجهي ويندي. جسٽس اعجاز افضل سوال ڪيو ته هي دستاويز ڪٿان آيا جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته مريم نواز جي بينيفشل مالڪ هجڻ جا جعلي دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا آهن ٻڌڻي کان پوءِ عدالت قومي احتساب بيورو ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين کي رڪارڊ سميت طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري 21 فيبروري تائين ملتوي ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *