جيڪب آباد جي يو آءِ پاران ڪرپشن مٽايو ۽ سنڌ بچايو،زبردست مظاهرو،مارچ،ڌرڻو،عوام جو سمنڊ اٿلي پيو

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد جي يو آءِ پاران ڪرپشن مٽايو ۽ سنڌ بچايو،زبردست مظاهرو،مارچ،ڌرڻو، عوام جي شرڪت ،پوري ضلعي جي تعلقن۽ ٻاراذين ،کان جدا جدا مظاهرا ڪڍي ڌرڻي ۾ شامل، باءِ پاس تي شاندار استقبال سنڌ ۾دريا زرخيز ، زمينون، تيل،گئس ۽ ڪوئلي سان مالا مال هجڻ باوجود هڪ هزار ارب روپين جي ڪرپشن جي ڪري ماضي جي  خوشحال سنڌ جا وهڻ ۽ وستيون کنڊرات بڻيل آهن سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ جنگ جاري رکڻ جو عزم ،فضيلا سرڪي کي آزاد ڪرايو وڃي، آدمشماري ۾ ڀر پور حصو وٺي ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکي قومي زميواري نڀائي وڃي جيڪب آباد لاءِ خصوصي پيڪج ڏنو وڃي علامه راشد محمود سومرو جو خطاب، خبر موجب، جمعيت علماءِ اسلام ضلعي جيڪب آباد پاران ڪرپشن مٽايو سنڌ بچايو،جي نالي  سان هڪ زبردست ڌرڻو جي يو آءِ جي ضلعي صدر ڊاڪٽر اي جي انصاري ،جي صدارت هيٺ شهر جي مک ڊي سي چوڪ وٽ  هنيو ويو، ڌرڻي ۾ سوين ،ڪارڪنان مختلف پارٽي اڳواڻ ،۽ معززين شرڪت ڪئي قائد سنڌ علامه راشد محمود سومري ،جو بائي پاس تي شاندار استقبال ڪيو ويو جتان ڪرپشن مٽايو سنڌ بچايو  مارچ ڪيو ويو ۽ ڊي سي چوڪ تي تاريخي ڌرڻو هنيو ويو ،انهي موقعي تي ،جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري، علامه راشد محمود سومرو،ڊاڪٽر اي جي انصاري ،مفتي علي حسن ٻرڙو، ڪاري سعيد آهمد بنگلاڻي ،محمد عباس بلوچ، سيد عبدالباسط شاه، حمادالله انصاري ،مفتي عبدالشڪورکوسو،حافظ مير محمد بنگلاڻي ، مولانا تاج محمد ڀٽي،مولانا تاج محمد چنه،۽ ٻين تقريرون ڪيو ،علامه راشد محمود سومرو،ڌرڻي کي خطاب ڪندي،چيو سنڌ ۾دريا زرخيز ،زمينون، تيل،گئس،۽ ڪوئلي سان مالا مال هجڻ باوجود هڪ هزار ارب روپين جي ڪرپشن جي ڪري ماضي جي  خوشحال سنڌ جا وهڻ ۽ وستيون کنڊرات بڻيل آهن ،هن چيو ته پنج هزار سال پراڻي ،زرعي،معاشي،۽ معاشرتي ، سڃاڻپ رکندڙ سنڌو ماٿري جا خودي ۽ عزت نس تصور ڪندڙ ماڻهون بنيادي مسئلن جي حل لاءِ وانجهائي رهيا آهن ،اٽو،لٽو، اجهو،صيحت،۽ روزگار نٿو ملي ،۽ ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار آهن،هن چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ دشمن قووتن خلاف جنگ شروع ڪئي آهي ۽ هنن مطالبو ڪيو آهي جيڪب آباد جي رنگ بند ،هيرو شاخ ،قائد اعظم روڊ ،۽ ٻين محڪمن ۾ ٿيل ڪمن جي تحقيقات ڪرائي وڃي ،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *