پشاور(م ڊ) حيات آباد ۾ ججن کي کڻي ويندڙ گاڏي تي خودڪش حملو، نتيجي ۾ ۲ ڄڻا فوت جڏهن ته ۱۸ ڄڻا زخمي ٿي پيا. پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ پي ڊي اي جي آفيس ويجهو صوبائي اسيمبلي ميمبر عدنان جي گهر سامهون خودڪش ڌماڪو ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ۲ ڄڻا فوت ٿي پيا جڏهن ته ۱۸ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليس نيو ويو. جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ايس ايس پي آپريشنز سجاد خان جو چوڻ آهي ته ڌماڪو خودڪش ۽ حملي آوار موٽر سائيڪل تي سوار هئا جن عورت ججن کي کڻي ويندڙ گاڏي کي نشانو بڻايو. ڌماڪي ۾ گاڏي جو ڊرائيور موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس اهلڪارن جي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ٻئي طرف شهر جي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته ڌماڪو جنهن هنڌ تي ٿيو آهي انهي جي آس پاس سرڪاري آفيسون ۽ شوڪت خانم اسپتال موجود آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ او پي ڊي جو افتتاح ٿيڻو هو ۽ انهي موقعي تي وزير اعليٰ خيبرپختونخواهه پرويز خٽڪ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان جي اچڻ جو انديشو هو.