ڪراچي(هه آ) صوبائي وزير تعليم ۽ خواندگي ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته اسان تعليم جي ميدان ۾ ترقي يافته ملڪن کان 50 سال پوئتي آهيون ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي اصلاح نه ڪئي ته ايندڙ سالن ۾ ترقي يافته ملڪن ۾ اسان جي ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ داخلا به نه ملندي. اها ڳالهه اڄ هن ڊي سي آفيس ملير ۾ کلي ڪچهري جي موقعي تي عوامي مسئلا ٻڌندي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن ان موقعي تي تعليم کاتي ۾ ڪيل اصلاح جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته 4 هزار بند اسڪولن مان گذريل ٻن مهينن ۾ 1500 جي ويجهو بند اسڪول کولرائي چڪا آهيون جڏهن ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ باقي بند اسڪول به کلي ويندا. ضلعي ملير جي گرلز اسڪولن ۾ چار ديواري، واش رومز ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ 4 ڪروڙ رپيا اضافي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اسڪولن ۾ ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ هن وقت به اڍائي ارب رپين جو فنڊ موجود آهي جيڪو جون کان اڳ استعمال ڪري اسڪولن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. صوبائي وزير تعليم وڌيڪ چيو ته سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي ان فنڊ جي استعمال لاءِ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز مقرر ڪيو پيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي نگراني ۾ سمورن ترقياتي ڪمن کي مڪمل ڪرائين. هن چيو ته عوامي نمائنده هجڻ جي ذميواري محسوس ڪندي سمورن چيئرمين ۽ نائب چيئرمين اسڪول / ڪاليجز جو دورو ڪن ۽ استادن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن. اهي اسان جا ٻچا آهن ۽ سنڌ جو هر ٻار منهنجو ٻچو آهي ۽ اسان سڀ انهن جي تعليم لاءِ ئي الله آڏو جوابده آهيون. هن چيو ته اها افسوس جي ڳالهه آهي ته استاد پنهنجا فرض ايمانداري سان انجام نٿا ڏين. صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مدد سان اسڪول کوليا پيا وڃن جتي هر ٻار کي 500 رپيا ماهوار ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته تعليم جو مقصد صرف سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ نه هجڻ گهرجي بلڪ تعليم جو ڪم ذهنن کي روشن ڪرڻ آهي. هن چيو ته اميد آهي ته جون کان اڳ تعليم جي شعبي ۾ وڏيون تبديليون سامهون اينديون جيڪڏهن اسان ڪجهه نه ڪنداسين ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي. ان موقعي تي صوبائي وزير ڪچي آبادي مرتضيٰ بلوچ، ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، چيئرمين جان محمد بلوچ، سلمان عبدالله مرادن ۽ ٻين به خطاب ڪيو. صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر کي سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ ۽ ٽوپي به پيش ڪيو.