جيڪب آباد ۾ بيگاري ڪئنال ۽ همايون وچ ۾تيز رفتار ويگن پيرسن عورت کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو،ڊرائيور فرار

جيڪب آباد(ڊر)جيڪب آباد بيگاري ڪئنال ۽ همايون جي وچ ۾تيز رفتار ويگن جو 60 سالا پوڙهي عورت کي ٽڪر،پوڙهي عورت ٿڏي تي فوت ٿي ڊرائيور فرار، خبر موجب ،جيڪب آبادبيگاري ڪئنال ۽ همايون جي وچ ۾تيز رفتار ويڳن جو 60 سالا پوڙهي عورت کي ٽڪر،پوڙهي عورت ٿڏي تي فوت ٿي ڊرائيور فرارٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو اتان جي رهواسين کيس پنهنجي مدد پاڻ  پوڙهي عورت کي کڻي کيس اسپتال پهچايو پوليس روايتي طورتي بعد ۾ پهچي کيس پوڙهي عورت جي مڙهه جوپوسٽ مارٽم ڪرائي لاش گهر ڀاتين حوالي ڪيو اتي بيٺل پوڙهي عورت جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چو ته اسان وٽ اهي حادثا معمول بڻجي ويا آهن ڇو جو ويگن وارا پنهنجي نمبروٺڻ جي چڪر ۾ قيمتي جانين جو به خيال نه ٿا ڪن،اهو ان لاءِ ٿي رهيو آهي جوسڀ ويگنون وڏيرن جون آهن،ان لاءِ هنن کي ڪا به پرواهه ڪانه ٿي پوي حادثو نه پر هي ڄاڻي واڻي انسان ذات جو قتل آهي اسان کي سمجهه به ڪان ٿي اچي جو اهي ويگن وارا ايڏا وڏا حادثا ڪن ٿا پوءِ به پوليس هنن کي هٿ نه ٿي وجهي اسان جو کيس به هن مهل تائين داخل نه ڪيو ويو آهي اگر پوليس اسان جو کيس داخل نه ڪيو ته اسان روڊ بلاڪ ڪري ويهي رهندا سين ۽ اسين هتان نه اٿندا سين جيسيتائين پوليس قاتل کي گرفتار نه ٿي ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *