پاڪ بحريه جي ميزباني ۾ بحري مشڪ امن 2017 پنهنجي پڄاڻي تي پهتي
February 14, 2017 at 10:36 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪ بحريه جي ميزباني ۾ بحري مشڪ امن 2017 پنهنجي پڄاڻي تي پهتي پڄاڻي واري تقريب اڱاري تي کليل سمنڊ تي پاڪ بحريه جي جهاز پي اين نسر ۾ منعقد ڪئي ويئي وزيراعظم نوازشريف تقريب جو مهمان خاص هو پاڪ بحريه جي سربراهه نيول چيف ايڊمرل محمد ذڪاء وزيراعظم سميت وڌيڪ مهمانن جي آجيان ڪئي. پاڪ فوج جي اڳواڻ جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف سهيل عمان تقريب ۾ خاص طور تي شرڪت ڪئي. پاڪ بحريه جي جهاز پي اين نسر کان وڌيڪ جهازن کي فيول جي فراهمي کان سواءِ مشقن ۾ شامل ۽ وڌيڪ ملڪن جي جهازن سان گڏيل رابطا هنگامي صورتحال ۽ جنگي حالتن ۾ ڪنهن به وار کان منهن ڏيڻ لاءِ عملي مظاهرو به ڪيو ويو وزيراعظم مشقن جو معائنو ڪيو تفصيل مطابق اڱاري تي پاڪ بحريه جي ميزباني ۾ ڪوٺايل پنجين امن مشق 2017 جي پڄاڻي واري تقريب کليل سمنڊ ۾ پاڪ بحريه جي جهاز پي اين نسر ۾ ڪوٺائي ويئي تقريب ۾ پاڪستان جي ٽنهي فوجن جا اڳواڻ پرڏيهي سفير ۽ پرڏيهي بحري فوج جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. پڄاڻي واري تقريب جي موقعي تي پاڪستاني شاهينن جون بندوقون آوازن سان گونجهي ويون مشقن دوران راڪيٽ ڊيٿ چارج جي فائر ذريعي آبدوزن کي نشانو بنائڻ جو مظاهرو به ڪيو ويو. پي اين نسر مان پي اين شمس ۽ پي اين اسلت ۾ سمنڊ ۾ ئي ري گيولنگ جو مظاهرو ڪيو ان دوران مشقن ۾ شامل وڌيڪ ملڪن جي جهازن وزيراعظم کي سلامي ڏني پاڪ بحريه جي جهازن پاران پاڻي هيٺ ۽ پاڻي جي سطح جي حدفن کي نشانو بنائڻ جو شاندار مظاهرو به ڪيو ويو. مشقن دوران پيراٽوپنگ هيليڪيپاٽرن سان ري فيولنگ ۽ دهشتگردن جون ڪمينگاهن کي تباهه ڪرڻ جو شاندار مظاهرو به ڪيو ويو ان موقعي تي وزيراعظم مهمان ملڪن جي بحري دستن کي رخصت ڪيو مشقن جو مقصد بحري قذاقي ريسڪيو آپريشن خاص طور تي دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششن کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪ بحريه بحري مشن من جو آغاز 2007 ۾ ڪيو هو 2017 ان سلسلي جي پنجين بحري مشقون منعقد ٿيون جيڪي 10 کان 14 فيبروري تائين جاري رهيون.