لاهور(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته ننڍي ميڙ ۾ آپگهاتي حملي آور جو داخل ٿيڻ حڪومت جي نااهلي آهي، شريف ڀائر پنهنجي مشوري بدران عوام جي سيڪيورٽي تي ڌيان ڏين. لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته لاهور آپگهاتي حملي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، لاهور ۾ دهشتگردي جو پهرين کان ئي خدشو هو ته فول پروف سيڪيورٽي ڇو نه ڏني وئي. حڪومت ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيو ته حڪومت مسئلن کان وڌيڪ وسيلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ماڻهو جي تحفظ جي باري ۾ ناهي سوچي رهي، آپگهاتي حملي مان فائدو حڪومت کي ٿيندو، ماڻهو هاڻ احتجاج گهٽ ڪندا.