شڪارپور(ڊ . ر) صوبائي صلاحڪار شڪارپور پهتو ، سول اسپتال ، پوليٽيڪنيڪل ڪاليج ، ۽ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ، سول اسپتال جي دوري دوران ڊاڪٽرن کان پڇاڻو ، عدم اعتماد جو اظهار ، ٽيڪنيڪل ڪاليج جو بلڊنگ اجڙيل آهي ، ڊائريڪٽر ۽ پرنسپال کان بلڊن اجڙيل تي پڇاڻو، تفصيل موجب: ڪالھ وزير اعليٰ سنڌ جي سنڌ ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن ايند ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ايسٽيوٽا) بابت صوبائي صلاحڪار شاهد عبدالسلام ٿهيم شڪارپور پهتو جنهن ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سيد حسن رضا کي ساڻ ڪري سول اسپتال، پوليٽيڪنيڪل ڪاليج، بينظير يوٿ پروگرام مونوٽيڪنيڪل ڪاليج، آڪسيڊيشن پانڊ، اسڪارپ نالو، الف شاهه شهيد کان لکيدر تائين هلندڙ روڊ جو ترقياتي ڪم، شاهي باغ ۽ شهيد بينظير پارڪ جو دورو ڪيو. سول اسپتال جو دورو ڪندي صوبائي صلاحڪار حيران ٿيندي ڊاڪٽرن کان پڇيو ته ڪافي وارڊن ۾ مريض ناهن ۽ بيڊ خالي آهن، ان جو ڇا سبب آهي. ڊاڪٽرن کيس ٻڌايو ته هي بيماريءَ جي موسم ناهي ۽ هتان جو عوام تندرست آهي، تنهنڪري بيڊ خالي آهن. جڏهن ته ان موقعي تي ڊينٽسٽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ارشد ٻڌايو ته سندس وٽ مشينري تمام پراڻي آهي ۽ ڪافي مشينون خراب آهن، صوبائي صلاحڪار دوائن جي اسٽور جو پڻ دورو ڪيو. جڏهن ته صوبائي صلاحڪار پوليٽيڪنيڪل ڪاليج شڪارپور جو دورو ڪيو، دوري دوران هن ڊپٽي ڊائريڪٽر ايسٽيوٽا لاڙڪاڻو ۽ پرنسيپل ڪاليج کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪاليج جي بلڊنگ تباهه آهي، مالهي هوندي ميدان ۾ وڻ پوکيل ناهن. هيڙي ڀوت بنگلي ۾ ڪير تعليم پرائيندو. هن چيو ته هن جي اچڻ سبب اڄ صفائي ڪرائي وئي آهي، شاگرد ۽ استاد پڻ اڄ ڪاليج آيا آهن. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار شاگردن کان ڪجهه سوال پڇيا جنهن جا هو جواب ڏئي نه سگهيا. ان سلسلي ۾ صوبائي صلاحڪار شاهد ٿهيم ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي هدايت ڪئي ته هو باقائدي هنن ڪاليجن تي نظر رکي ۽ دورا ڪندو رهي. ان بعد صوبائي صلاحڪار الف شاهه شهيد کان لکيدر تائين هلندڙ روڊ جي ترقياتي اسڪيم جو دورو ڪيو ۽ ان موقعي تي روڊ سان ڪچرو ڏسي برهمي جو اظهار ڪيو. هن ان بعد هن شهر جي شاهي باغ ۽ شهيد بينظير پارڪ جو پڻ دورو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار شاهد ٿهيم چيو ته سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي ۽ صفائي سٿرائي جو پڻ مسئلو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي هاڻي پاليسي آهي ته لڳاپيل ڊسٽرڪٽ جي ڊوميسائيل رکندڙ ڊاڪٽرن کي انهن جي ضلعي ۾ مقرر ڪيو ويندو. ڪاليجن جو دورو ڪندي صوبائي صلاحڪار چيو ته ٽيڪنيڪل ڪاليجن تي توجهه گهٽ آهي. مالهي هوندي به بلڊنگن ۾ ڪو ٻوٽو پوکيل ناهي. هن چيو ته ڪاليج جي سامهون آرمي پبلڪ اسڪول ڪاليج جي بلڊنگ جي سامهون آهي. جتي سوين شاگرد پڙهن ٿا پر هتي مشڪل سان هيڏي وڏي ڪاليج ۾ 45 شاگرد آهن، جيڪي به لڳي ٿو ته اڄ آيا آهن. هن چيو ته ڊي سي کي هدايت ڪئي آهي ته هو هنن جي نگراني ڪري. هن چيو ته شهر ۾ گند ڪچرو پيو آهي چيئرمين کي گهرجي ته صفائي سٿرائيءَ جو خيال رکي ۽ باغن کي آباد ڪري. صوبائي صلاحڪار چيو ته هو سندس دوري بابت رپورٽ ٺاهي وزير اعليٰ کي پيش ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سيد حسن رضا صوبائي صلاحڪار کي ٻڌايو ته هو شهر اندر ترقياتي ڪم ڪرائي رهيو آهي ۽ جوڊيشل ڪميشن جي حڪم تي اسڪارپ نالي 135 ايڪڙ زمين ۽ شهر مان ناجائز حد دخليون هٽائي رهيو آهي. جڏهن ته شهر جي پارڪن جي خوبصورتي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سيد ارباب علي شاهه پريس ڪلب جي صدر سوڍو جيمس، سرڪل آفيسر عبدالوهاب ٻرڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ارشاد احمد چانڊيو ۽ ٻين کاتن جا عملدار ساڻس گڏ هئا.