حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي: آرمي چيف
February 14, 2017 at 10:17 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور (م ڊ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سط0حي اجلاس ٿيو، عسڪري ذريعن موجب اجلاس دوران آرمي چيف کي مال روڊ ڌماڪي بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ دوران لاهور ٿيل ڌماڪي سميت ملڪي امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس دوران دهشتگردن ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته نالو تبديل ڪري ڪم ڪندڙ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، اجلاس دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڏکڻ پنجاب ۾ گرينڊ آپريشن ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، آرمي چيف چيو آهي ته حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي، آپريشن کان اڳ حساس ادارا پنجاب حڪومت کي اعتماد ۾ وٺندا