ويلنٽائن ڊي جو ويلڻ فالنامو
February 14, 2017 at 10:07 pmمير اعظم علي ٽالپر
اڄ به دنيا ۾ ڪرسمس کانپوءِ هر سال 14 فيبروري تي پيار ۽ محبت جي نالي ۾ ويلنٽائن ڊي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جو اصل روح سچي ۽ پاڪ محبت آهي، جيڪا والدين طرفان اولاد سان به آهي. سچن رشتن جي پاڻ ۾ چاهت به هڪ محبت آهي، محبت جا ڪيترائي رنگ روپ آهن، ان لاءِ وڻ ۽ قدرت جا هزارين ڪرشما به ٿي سگهن ٿا، پر اڄوڪي ويلنٽائن ڏهاڙي کي دنيا ۾ محبتن جي کلي ۽ سرعام اظهار لاءِ گُلن جو سهارو وٺي هڪٻئي کي ڀيٽا ڏني ويندي آهي. هن ڏينهن تي گلن جا تحفا ڏئي 14 فيبروري کي بطور ويلنٽائن ڊي طور دنيا ۾ نوجوانن طرفان ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو آهي. ان ڪري هر سال هڪ ويلنٽائن ڊي کانپوءِ ٻي (ايندڙ) ويلنٽائن ڊي جو شدت سان انتظار ڪبو آهي. سو راقم کي ان سلسلي ۾ خيال آيو ته ويلنٽائن ڊي يعني ”عاشقن جو ڏينهن“ ان کي هر سال باقاعدي ملهائجي ٿو، ان ڪري هن موقعي تي ڪنهن نجومي کان سڄي سال دوران عشق جي ميدان ۾ ٿيندڙ حالتن جي چرپر لاءِ اڳ ڪٿين طور ڪا پيشن گوئي ڪرائي عاشقن کي ڏجي ته بهتر ٿيندو، ڇو ته تازو ظالم عشق جي ڪري دنيا سان گڏ سنڌ ۾ به وڏا ڪَلور ٿيا آهن. پر انهن جو واسطو عشق جي پراڻي ليلا مجنون واري پاليسي سان تاحال هلندڙ آهي، جيئن ڪنهن درسگاهه ۾ ڪنهن جي محبت ٿيڻ، ان کانپوءِ ڪنهن درس گاهه ۾ ڪنهن آخوند (استاد) جو عاشق ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ برباد ٿيڻ، اهو سڀ ڪجهه سسئي پنهون، سهڻي ميهار، هيرا رانجهو، مومل راڻو وارو داستان اڄ به دهرايو پيو وڃي، پر ان ۾ سچي ۽ عطائي عاشق جي پرک ڪرڻ ممڪن نه آهي. ان لاءِ عاشق زهر پيار تنظيم پاران سنڌ ۾ عاشقن لاءِ بائيو ميٽرڪ تحت سڃاڻپ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ پڻ گلاب جهڙي بيوفا گل کان به پاسو ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، ڇو ته ڪڏهن هو قبرن مٿان ته ڪڏهن گهوٽن لاءِ هار ٿيندو آهي. بهرحال عاشقن لاءِ هڪ نجومي وڏي اسرار ڪرڻ کانپوءِ هي فالنامو ويلنٽائن ڊي لاءِ گهٽ ۽ ’ويلڻ ڊي‘ لاءِ گهڻو وجهي ڏنو آهي. هن ۾ ڪا ڪم جي ڳالهه دل سان لڳي ته واهه واهه ڪندا ۽ پنهنجون اکيون ٻُوٽي پنهنجي قسمت جو حال آئيني ۾ ڏسندا.
(حمل)
اوهان لاءِ هن ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي سرڪار کان سچن عاشقن جي سڃاڻپ خاطر عشق جي ميدان ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم رائج ڪرڻ جو مطالبو تسليم ڪرڻ لاءِ ڪابينا ۾ غور ويچار ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ويو آهي، جيئن عشق جي ميدان مان گهوسٽ، ڪوڙن ۽ جعلسازي ڪندڙ عاشقن کي شناخت ڪري ٻاهر ڪڍي سگهجي، ڇو ته ٻه نمبر عاشقن سبب محبوبن جي حياتي کي سخت خطرو لاحق آهي، ڇو ته نيم حڪيم ۽ عطائي ڊاڪٽرن جيان ڪوڙا عاشق به آهن.
(ثور)
هن سال جي 14 فيبروري واري ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي ”عاشق زهر پياڪ“ تنظيم طرفان گذريل ٻارنهن مهينن ۾ ”شهيد محبت“ جو جام شهادت ماڻيندڙن لاءِ ڪنهن پريم پارڪ ۾ هڪ ڪلاڪ لاءِ عجيب انداز ۾ احتجاج ڪرڻ لاءِ اُٿ، ويهه ڪرڻ جو پروگرام ڏنو ويو آهي. البته ان لاءِ سچي عاشق هئڻ جو سرٽيفڪيٽ هئڻ لازمي آهي.
(جوزا)
اڄ تائين اسان جي ملڪ ۾ هر ايندڙ حڪومت اقتدار ۾ ويهڻ کانپوءِ گذريل سرڪار مٿان گندي بيضي (ڪني خراب آني) کي ٽوڙيندي آهي ته هي سڀ ڪجهه اسان کي سابقه سرڪار جي پاليسين سبب ورثي ۾ مليو آهي، ان مثال وانگر عشق ۽ عاشقن جون به پاليسيون عشق جي پهرين اڳواڻ عاشق ميان مجنون ۽ مائي ليلا جي درسگاهه کان شروع ٿيل هن دور ۾ به اسان ۽ پوري دنيا ۾ 14 فيبروري ويلنٽائن ڊي عاشقن ۽ محبوبن کي تعليمي ميدان ۾ يونيورسٽي، ڪاليج ۽ اسڪول ورثي ۾ عشقيه پاليسي تحت مليا آهن، جتي علم ۽ تعليم گهٽ عشق جو سبق گهڻو ملندو آهي.
(سرطان)
اوهان جيڪو گانو فلم سنگم جو مڪيش جي آواز ۾ راجڪپور ۽ آشا پاريک تي فلمايل ”هر موسم هي پيار ڪا موسم هوگا ڪي نهين، بول راڌا بول سنگم“ هن ويلنٽائن ڊي تي اوهان لاءِ پيار جي سوغات ۽ موسم وارو آهي، پر هن ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي محبوب جي نخرن سان گڏ هر فرمائش پوري ڪرڻ سبب اوهان تي ڳاٽي ٽوڙ خرچ جو بار پوندو، ان لاءِ اڳواٽ ڪاغذي تياري ڪرڻ شروع ڪري ڏيو، پر ايترو خيال ڪندا ته چنيسر واري ڪارَ نه ڪندا ۽ پيار کي قبرستان نه بڻائيندا. پيار محبت جو ڪو به هڪ ڏينهن مقرر نه آهي، اهو ته انسان ذات سان هر وقت هئڻ گهرجي.
(اسد)
هن نئين سيزن کان نئون پيار جو محل اڏڻ وارو خواب سچو ٿيڻ بدران اوهان لاءِ سنگ مر مر جي قبر ثابت ٿي سگهي ٿو. اوهان خود ئي شاهجهان بدران اورنگزيب ٿي ويندا. سنگت کي نئون موبائل وٺي ڏيڻ بدران ايزي لُوڊ سان پيار کي ري چارج ڪرڻ ۾ ئي اوهان جي خيريت آهي.
(سنبله)
هي 14 فيبروري جي تاريخ اوهان لاءِ ويلنٽائن ڊي جو ڏينهن ”مکڻ ۽ ماکي“ ثابت ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن، پر ڏيتي ليتي ۾ احتياط کان ڪم وٺندا. ڪنهن به مس ڪال تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪنن ۾ ڪپهه وجهڻ فائدي ۾ ٿي سگهي ٿو. ممڪن هجي ته اڪثر پنهنجو موبائل ۽ ’کيسو‘ آف رکندا.
(ميزان)
نئين موسم ۾ نئين پيار جي گاڏي هلائڻ کان بهتر آهي ته پراڻي پريت واري ڌڪي اسٽارٽ کٽارا گاڏي کي ساڳي ريل جي پٽڙي تي هلائيندا رهو ۽ اکين کي ڪنهن ڌُرَ واجهائڻ کان ڀلو آهي ته ساڳي دري تي کُپائي رکو. ان وچ ۾ اوهان کي ڪيترائي نامعلوم فون ايندا، پر توجه نه ڏيندا، ڇو ته ان ۾ اوهان جو فائدو آهي.
(قرب)
اوهان پنهنجي محبت کي عيدو ٽپالي جي هٿن ۾ ڏئي سٺو نه ڪيو آهي. ڇو ته اڄڪلهه پوسٽ جو زمانو نه رهيو آهي، ٽپالي اوهان جا بند لفافا کولي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو ته اوهان جي دل جا بند وال پاڙي ۾ کُلڻ سبب سٺو نه ٿيندو. خاص ڪري اهڙا لفافا جن تي اهو لکيل هجي ته “چُلو چَل ڪبوتر ڪي چَال هوگي محبت نو جلدي ملي گا جواب“ يا وري اهو به تحرير ٿيل هوندو آهي ته ”محبت ايڪسي هوتي هي هزارون سي نهين، روشني چاند سي هوتي هي ستارون سي نهين“ اهڙي حالت ۾ پرديسي جو پيار بدنام ڪرڻ کان بهتر آهي ته پراڻي اظهار محبت ٽپال بدران رائج سڪه وقت موبائل جو سهارو وٺو ۽ سرڪاري ڪامورن واري ٻولي موجب 2 روپيه خرچ ٿيندو.
(قوس)
پنهنجو تحفو ڏيڻ کان اڳ سؤ دفعا سوچيو، پوءِ تحفو پهچايو، هتان لُوڀ لائين واري گفٽ جي چڪر ۾ پرائمري ماستر وانگر بي دخل ٿيڻ جا واضح امڪان آهن. پنهنجو موبائل اڪثر بند رکو يا ڳالهائڻ ۾ رڳو ’ها‘ ’هُون‘ ’جي‘ ’نه‘ تي گذارو ڪريو، ورنه گڙٻڙ ٿيڻ جو انديشو آهي. محبت کي گهر ۾ ئي ڳوليو، ان لاءِ ڦاسي نه کائو.
(جدي)
هي ويلنٽائن ڊي اوهان لاءِ سٺو آهي، پر اوهان جي اکين تي موتيو پاڻي ۽ ڪارو پاڻي هئڻ سبب پنهنجي ليلا ۽ ان جي والده هم شڪل هئڻ سبب وڏي غلطي ڪري رهيا آهيو، ان ڪري روبرو بدران فون تي ڳالهه ٻڌڻ ڀلي آهي، پر وڌيڪ چنگ چورڻ ۾ جنگ جو به خطرو آهي.
(دلو)
اوهان لاءِ ايس ايم ايس (مئسيج) وارو پئڪيج مناسب آهي، بيوٽي پالر تي وقت ضايع ڪرڻ بدران گهر ۾ هار سينگار ڪريو ته بهتر آهي، ڇو ته گهڻي ۾ کليل بيوٽي پالر (دڪان) تي ”جيڪا ڪڻڪ رنگي منهنجي دل کي وڻي“ چوڻ نظر جو فريب آهي.
(هوت)
اوهان پنهنجو پاڻ کي راڻو، فرهاد يا پنهون سمجهڻ بدران صرف محبت جو ماريل سمجهو ته ٺيڪ آهي، محبت لاءِ ڪنهن درسگاهه ۾ وڃڻ بدران ان کي پنهنجي آس پاس (ڀرپاسي) يا خوامخواهه ڪنهن ٻئي طرف نه وڃو، پنهنجي والده جيجل ماءُ جي پيار کي ڏسو، ڀيڻ جو ڀاءُ لاءِ پيار ڏسو، ماءُ پيءُ جي اولاد سان محبت ڏسو آهي نه ڪم جي ڳالهه، هن فقير نجومي جي ويلڻ نامي نما فالنامي ۾!!