نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو ڪو به ارادو ناهي: پرويز مشرف

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف يوٿ پارليامينٽ جي وفد سان دبئي ۾ ملاقات ڪئي، انهي موقعي تي اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ گڊ گورننس جو بحران ۽ قومي سطح تي سياسي قيادت جي کوٽ آهي. عوام کي ڊڄارڻ بدران کيس معاشي ۽ سياسي طور تي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو ڪو به ارادو ناهي، بنيادي طور تي مهاجر آهيان ۽ مهاجرن سان دلي همدردي آهي پر ايم ڪيو ايم جي قيادت سنڀالڻ وارن خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي. جلد پاڪستان اچي سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *