وڏي وزير ڪراچي ۾ ڪورنگي پل جي افتتاح واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

February 14, 2017 at 8:07 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(م ڊ)  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڪورنگي پل جي افتتاح واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وڏي وزير چيو آهي ته سندس نالو استعمال ڪري پل جو افتتاح ڪيو ويو، جاچ ڪئي وڃي ته پروگرا ڪنهن منعقد ڪرايو،دعوتون ڪنهن ڏنيون ۽ ٽينٽ ڪنهن لڳرايا. سي ايم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورنگي پل جي افتتاح واري معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وڏي وزير چيو آهي ته کيس گذريل ڏينهن ڪوبه افتتاح نه ڪرڻو هو. سندس نالو استعمال ڪري ڪورنگي پل جو افتتاح ڪيو ويو.

اي پيپر