سي پيڪ منصوبي کي سياست جي رخ نه چاڙهيو
February 14, 2017 at 7:54 amاعجاز ممنائي
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته چين ايران وانگر اسان جو پاڙيسري دوست ملڪ هئڻ سان گڏ اسان جو همدرد ۽ هڏڏوکي رهيو آهي ان جو نتيجو اهو آهي ته اڄ سي پيڪ معاهدي جي ڪري ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي گھڻو ويجھو ٿي ويا آهن ۽ عالمي سطح تي پاڪستان ۽ چين جون ڳالهيون پيون هلن پر هندستان هر ڀيري پاڪستان کي پوئين سيٽ تي ويهڻ جي خواهش ڏيکاري آهي جنهن جي ڪري هر معاهدي جي مخالفت ٿيندي رهي آهي مون سوشل ميڊيا تي انڊيا جي هڪ ننڍڙي شاگردياڻيءَ کي بازار ۾ بيٺل ڏٺو جيڪي ماڻهو انڊيا ۾ چين جون شيون خريد ڪري رهيا هئا اها شاگردياڻي کين روڪي ٿي ته چين جون شيون خريد نه ڪريو ڇوته چين کي ان مان جيڪا آمدني ٿئي ٿي اهو پاڪستان ۾ ترقيء لاءِ استعمال ڪري ٿو چين پاڪستان جو دوست آهي ۽ پاڪستان هندستان جو دشمن آهي انڪري ان جون شيون خريد ڪري پنهنجي ملڪ جي دولت هندستان جي خلاف استعمال نه ڪريو هندستان جي اها منطق عام ماڻهن جي سمجهه کان ٻاهر آهي جيڪو پنهنجي نئين نسل ۽ معصوم ٻارڙن جي دماغ ۾ نفرت جو ٻج ڇٽي رهيو آهي بحرحال چين ۽ ايران پاڪستان جا هميشه کان سٺا دوست رهيا آهن پر پاڪستان دشمنن کي اها ڳالهه نه ٿي وڻي
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائرن وارا لاڳاپا هن وقت پاڪ- چين معاشي رٿا سبب جتي وڌيڪ گهرا ۽ مضبوط ٿيا آهن اتي ان رٿا جي حوالي سان سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه پاران سخت خدشا ۽ شڪ ظاهر ڪيا پيا وڃن، جنهن ڪري اها رٿا تڪراري بڻجندي پئي وڃي ۽ ان سان گڏ سياسي پارٽيون به ان رٿا جي ثمر جي حوالي سان ڪافي خدشن جو اظهار ڪري رهيون آهن. جنهن کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت کي بار بار اهي وضاحتون ڪرڻيون پئجي رهيون آهن ته سي پيڪ سان نه رڳو چئني صوبن پر گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي به انهن جي حصي جو فائدو پهچندو پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته وفاقي سرڪار اهڙين دعوائن ۽ خاطرين باوجود اهي خدشا، شڪ ۽ اعتراض وڌندا پيا وڃن، جنهن مان هر ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور آهي ته گهڻُ نه ئي صحيح پر ٿورو ئي دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور آهي . ٿيڻ ته ائين گهريو هو ته وفاقي حڪومت کي سي پيڪ رٿا جو حوالي سان چئني صوبن سان گڏ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي اهڙن ماهرن ۽ شخصيتن تي ٻڌل ڪاميٽيون جوڙڻ گهرجن ها، جيڪي ان رٿا جي حوالي سان تڪراري نقطن جو جائزو وٺڻ سان گڏ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجاڻيون ، بحث مباحثا ۽ ملاقاتون ڪري گڏيل تجويزون جوڙين ها، ان سان گڏوگڏ عوامي رابطا مهم به هلائي وڃي ها، جنهن سان نه رڳو عام ماڻهن کي به ان رٿا جي فائدن بابت ڄاڻ ملي سگهندي پر ان سان گڏ جيڪڏهن ان رٿا ۾ خاميون يا جهول آهن ته اهي به ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جيتوڻيڪ هاڻ ان رٿا تي عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ ان حوالي سان مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم پورو به ٿي ويو آهي پر ان باوجود جيڪڏهن وفاقي حڪومت اڃا به پنهنجي ان رويي تي نظر ثاني ڪري ۽ تنقيد جو جواب تنقيد سان ڏيڻ بدران ان معاملي تي سنجيدگي سان ويهي سوچڻ سميت لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺي ته ان سان به ڪافي معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا هي رڳو پهريون ڀيرو نه آهي جو وفاقي حڪومت ننڍن صوبن ۽ سياسي پارٽين جي خدشن ، شڪن ۽ اعتراضن کي پٺي ڏئي اڳتي وڌي رهي آهي پر ان کان پهرين اين ايف سي ايوارڊ ۽ ٻيا معاملا به اسان جي آڏو آهن، جن ۾ ننڍن صوبن جي ته دانهن ئي نه ٻڌي وئي، نتيجي طور صوبن ۾ وفاق جي حوالي سان جيڪي خدشا ۽ شڪ آهن، انهن کي هٿي ملندي رهي، جنهن جو سڄو نقصان ملڪ جي ايڪي ۽ اتحاد سان گڏ ملڪي ترقي ۽ معيشت تي پوندو رهيو آهي، ان سان گڏ جيڪڏهن وفاقي حڪومت اهو سمجهي ٿي ته صوبن جون دانهون ۽ سياسي پارٽين جا خدشا نوان ۽ اهو رينگٽ پيو هلندو ته ان سان به وفاق کي سخت نقصان پهچي سگهي ٿو، ڇو ته ان قسم جي ئي روئي اسان جي ملڪ جو حصو(بنگال) اسان کان ڌار ڪيو هو، تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي ان روئي تي نظر ثاني ڪرڻي پوندي ورنه حڪومتن جي هيڏين سارين محنتن تي پاڻي ڦيرجي ويندو ۽ سياسي دشمنيءَ تحت هيءُ سارو منصوبو ناڪام ٿي ويندو ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ٽي وي شو ۾ وزير اعليٰ پنجاب کان ڪنهن پڇيو ته سي پيڪ منصوبو ته بلوچستان جي گوادر واري علائقي جي ترقيءَ لاءِ جڙيو هو پر هن وقت ته بلوچستان بجاءِ پنجاب ۾ ترقيءَ جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن ان ۾ ڪيتري صداقت آهي ته شهباز شريف ان ڳالهه کي مذاق ۾ ٽاري کوڙ سارا سوال پيدا ڪيا جڏهن ته هيءُ هڪ سنجيده منصوبو آهي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇوته تازو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو بيان به سامهون آيو ته سندس حڪومت ڌاٻيجي اسپيشل زون جي ترقي ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي فزيبلٽي جي اسٽڊي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي ته جيئن ٻنهي رٿائن کي سي پيڪ جي منصوبي ۾ شامل ڪري سگھجي ڇوته 2020ع ۾ ڪراچيءَ کان پشاور ريلوي رٿا شروع ڪرڻي آهي هيءُ منصوبو رڳو هڪ صوبي يا علائقي جو نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن هڪ پوائنٽ تي ڪم ڪرڻو آهي هن منصوبي ۾ ملڪ جي ترقيءَ جون سموريون رٿائون شامل آهن جيئن بجليءَ جو بحران جو خاتمو، ان پراجيڪٽ تحت بجليءَ لاءِ سنڌ ۾ پاڪستان پورٽ قاسم پاور پراجيڪٽ، ٿر پراجيڪٽ 1 ۽ ٿر پراجيڪٽ 2 ڪوئلو سميت ،ٿر اينگرو ڪول پاور پراجيڪٽ ، يو اي پي ونڊ فارم، دائود ونڊ پاور پراجيڪٽ سچل ونڊ فارم ، سنيڪ ونڊ فارم ، جڏهن ته سنڌ پنجاب لاءِ گڏيل مٽياري کان فيصل آباد ٽرانسميشن لائين ۽ مٽياري کان لاهور ٽرانسميشن لائين ، پنجاب صوبي لاءِ ساهيوال ڪول پراجيڪٽ رحيم يار خان ڪول پاور پراجيڪٽ ، قائداعظم سولر پارڪ، ڪوهاٽ هائڊرو پراجيڪٽ ، خيبر پختونخواهه ۾ سڪي ڪناري هائڊرو پاور پراجيڪٽ ، بلوچستان ۾ حب ڪو ڪول پاور پراجيڪٽ ، گوادر ڪول پاور پراجيڪٽ شامل آهن ان کان سواءِ زراعت ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ، سيڪيورٽي جي شعبي ۾ پڻ سهڪار جاري آهي جڏهن ته وڏن منصوبن ۾ گوادر پورٽ ، گوادر موٽروي ، هزارا موٽر وي ،ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين قراقرم هائي وي ،ڪراچي لاهور موٽر وي ملتان کان سکر ڀاڱو ، ڪئروٽ هائڊرو پاور پراجيڪٽ ، اورينج لائين (لاهور ميٽرو) شامل آهن مطلب ته سي پيڪ منصوبو پاڪستان جي سڀني صوبن لاءِ پائدار آهي پر شرط اهو آهي ته وفاق سڀني صوبن کي اعتماد ۾ وٺي هلي ۽ صوبن جا جائز خدشا دور ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي ٺاهي جڏهن ڳالهه اقتصاديات جي آهي ۽ پاڪستان اقتصادي فائدو وٺڻ لاءِ اهڙو منصوبو ٺاهي پيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ انتظاميا کي اها ڳالھه قطئي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي ته هن ملڪ جي اقتصاديات اندر جنهن صوبي جو سڀين کان وڏو حصو آهي اهو سنڌ آهي ڇو ته سنڌ پاڪستان جي سالياني بجيٽ جو 70 سيڪڙو ادا ٿي ڪري ته پوءِ جڏهن سڀني کان وڌيڪ اقتصادي فائدو سنڌ ٿي پهچائي ته ان ئي سنڌ کي هن اقتصادي منصوبن مان ٻيو نمبر تي فائدو حاصل ڇو ٿو ٿئي سنڌ کي ته پهرين نمبر تي هجڻ گهرجي اهو ئي انصاف جي ۽ عقل جي گهرج آهي ان بعد اهو به سنڌ جو سوال آهي ته سنڌ ٻئي نمبر تي ته آهي پر اهو ٻيو نمبر ان طرح آهي جيئن جبل اڳيان پٿر معنيٰ ته هنن سڀني اقتصادي منصوبن مان جيڪي چين پاڪستان کي ڏئي رهيو آهي سنڌ کي اٽي مان لوڻ برابر ملي رهيا آهن اهو ته سنڌ ٻئي نمبر تي ان لاءِ اچي وئي جو ٻين کي ايترو به ڪونه پيو ملي نه ته ڏٺو وڃي ته هن سڄي سي پيڪ مان جيئن ڪنهن کي فائدو ملي پيو ته اهو صرف پنجاب آهي اها ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي اچي ته اسانجي ملڪ جا مالڪ آخر ڪڏهن اها ڳالھه سمجهندا ته هنن جو اهو سرمائيداراڻو رويو پاڪستان جي بقا لاءِ ڪيترو نه خطرناڪ آهي ۽ هاڻ جڏهن حالتون اهڙيون آهن جو بلوچستان سڌو اوهان جي سامهون ٿي بيٺو آهي سنڌ اندر به بي چيني پکڙيل آهي ته ان حالتن ۾ به جيئن پنجاب پنهنجو فيوڊل رويو نه ٿو ڇڏي ۽ اسان جي ملڪ جي انتظاميا به ان ڳالھه تي سنجيدگيءَ سان ڪو ضابطو نه ٿي آڻي ته پاڪستان لاءِ دهشتگرديءَ کان به وڏو خطرو اها اسانجي ملڪ اندر قائم ٿيل هڪ هٽي آهي ۽ انهن سببن ڪري اسان وٽ هيل تائين ڪا نج جمهوريت سگهاري نه ٿي سگهي آهي ڇو ته هر حڪومت کان صرف هڪ صوبي لاءِ ۽ اتان جي عوام لاءِ خوشحالي ۽ ترقي جا مطالبا ڪيا ويا آهن ان لاءِ بهتر اهو ئي آهي ته سي پيڪ ۾ جنهن جو جيترو حصو هجڻ گهرجي ان کي ايترو ئي ملي .انهن ڳالهين کان پوءِ ڌسو ته سي پيڪ اسان کي ڇا ڏيندو ۽ ڇا اسان کان وٺندو اسيس ان ڳالھه کان ته چڱي طرح واقف آهيون ته چين دنيا ۾ سڀني کان سستيون شيون مارڪيٽ ۾ آڻي دنيا جي سڀني مارڪيٽن ۾ ڇانئجي ويو آهي ان بعد هو پاڪستان سان گڏجي هي راهداري ٺاهي رهيو آهي ته جيئن هو اڃا وڌيڪ سستيون شيون ٺاهي سگهي.ان سلسلي ۾ چين پاڪستان اندر سيڙپڪاري به ڪندو ۽ پنهنجيون صنعتون به پاڪستان اندر قائم ڪندو جتان هو سڄي دنيا ۾ واپار ڪندو ته ڇا پاڪستان جي حڪومت توڙي انتظاميا چين سان ڪي اهڙا معاهدا ڪيا آهن ته هو جيڪي به شيون پاڪستان اندر ٺاهيندو اهي هو صرف پاڪستان کان ٻاهر موڪلي سگهندو پر هتي پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ نه کپائي سگهندو ڇو ته جڏهن اهي شيون پاڪستان اندر ٺهنديون ته پوءِ پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ ڪيتريون سستيون هونديون ۽ جيئن اهي سستيون شيون پاڪستان جي مارڪيٽ اندر کپڻ شروع ٿيون ته شروع ۾ اسان لاءِ ڏاڍي سٺي ڳالھه هوندي اسان کي هر شئي ايتري سستي ملڻ لڳندي جو پاڪستان جي صنعتن کان اڌ قيمت ۾ ملندي پر اها خوشي اسان لاءِ وڌيڪ عرصي تائين نه رهندي ۽ آهستي آهستي اسان جو عوام جيڪو غربت مان نڪرڻ جا خواب پيو ڏسي ويتر غربت طرف ڌڪبو ويندو ڇو ته پاڪستان جون جيڪي پنهنجون صنعتون آهن انهن جو حشر اهو ٿيندو ته انهن جي ٺاهيل شين جي قيمت عوام لاءِ ايتري وڌيڪ هوندي جو هو پاڪستاني صنعتن ۾ ٺهيل شين جي بجاءِ چين وارين صنعتن جون شيون استعمال ڪرڻ لڳندا ۽ پوءِ اسان جي ملڪ جون صنعتون يا ته هڪ هڪ ڪري بند ٿينديون يا وري چين جي صنعتڪارن وٽ وڪرو ٿينديون جنهن سبب پاڪستان اندر اقتصادي بحران جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ ٿورو سوچيو ته اسان جي ڌرتي سنڌ جنهن جي صنعت پهريان ئي پساهه پئي کڻي ان جو ڪهڙو حشر ٿيندو اسان جون ثقافتي ۽ لوڪ صنعتون اسان جا هٿ جا هنر اهي سڀ به چيني صنعتن جي ڌٻڻ ڳڙڪائي ويندي اسان جي سنڌ جو هاري به پوءِ چيني صنعتن کي پنهجا فصل سستي اگهن تي وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويندو اسان جو مزدور چين جي صنعتن اندر گهٽ پگهارن تي روزگار ڪرڻ لاءِ به سِڪندو جيئن ان سڀني آفتن کان پنهنجي قوم کي بچائڻو آهي ته ان جو هڪ ئي حل آهي ته چين جي اقتصادي منصوبن ۽ انهن جي لڳايل صنعتن تي هنن سان اهڙا معاهدا ڪجن جو هو پنهنجون هتي تيار ڪيل شيون پاڪستان کان ٻاهر دنيا اندر ڪٿي به وڪڻن يا پنهنجي ملڪ ڏي کڻي وڃن پر هو اهي سڀ شيون جيڪي هو پاڪستان اندر لڳايل پنهنجي صنعتن ۾ ٺاهيندا. اهي پاڪستان جي مارڪيٽ اندر کپائي نه سگهن جيئن اسان جي حڪومت ۽ انتظاميا اهڙي قسم جا معاهدا چين سان ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي ته پوءِ هي اقتصادي راهداري هڪ پائيدار خوشحالي پاڪستان کي ڌئي سگهي ٿي، ٻي صورت اندر ڪجھه ئي عرصو گذرڻ کان پوءِ اسين هن راهداريءَ کي ۽ هن جي اجازت ڏيڻ وارن کي پاراتا ۽ پٽون ڏيندا نظر اينداسين، ٻيو اهم مسئلو اهو آهي ته هن راهداري ۽ صنعتن سان جيڪا ڌاري آبادڪاري سنڌ اندر ٿيندي ان جي لاءِ به ڪي بهتر قانون ٺاهڻ جي ضرورت آهي اسان جي وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو سنڌ سميت مڙني صوبن جا اهي سڀ خدشا دور ڪرڻ بعد ئي اقتصادي راهداري جا منصوبا جوڙي ۽ انهن کي سياسي مقصد رکي ضايع نه ڪيو وڃي ڇوته پاڪستان جي ترقيءَ سان عالمي ترقي يافته ملڪن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهنداسين
****