آمريڪي ويزا پاليسي ۽ سينيٽ چيئرمين جو ردعمل

February 14, 2017 at 7:53 am

سينيٽ چيئرمين رضا رباني اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني پاران ڊپٽي چيئرمين مولانا غفور حيدري کي آمريڪي ويزا ڏيڻ ۾ دير ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي پنهنجي ايوان جي ميمبرن کي آمريڪا مان ايندڙ ڪنهن به وفد جي آجيان نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ڪالهوڪي اخبارن ۾ شايع ٿيل رپورٽن موجب ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مولانا غفور حيدري ۽ نواز ليگ جي صلاح الدين ترمذي تي ٻڌل وفد کي نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي اڄ ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري انٽر پارلياماني تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، پر سينيٽ چيئرمين رضا رباني ڊپٽي چيئرمين مولانا غفور حيدري کي آمريڪا پاران ويزا جاري نه ڪرڻ تي سينيٽ جا آمريڪا سان سفارتي لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان سينيٽ چيئرمين هدايت ڪئي ته ڊپٽي چيئرمين مولانا غفور حيدري کي ويزا جاري نه ٿيڻ بابت آمريڪي حڪومت جي وضاحت اچڻ تائين سينيٽ جو ڪو به وفد آمريڪا جي دوري تي نه ويندو ۽ نه ئي سينيٽ جو ڪو ميمبر يا اسٽينڊنگ ڪميٽين پاران سرڪاري طور تي ڪنهن آمريڪي وفد، آمريڪي ڪانگريس جي ڪنهن ميمبر يا آمريڪي سفارتڪارن کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪندو. ٻئي پاسي پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستان خلاف ڪي به سفري يا ٻيون پابنديون لاڳو نه ڪري رهيو آهي، ٽرمپ حڪومت سان پاڪستان جا ناتا بهتر ٿيڻ جي اُميد آهي.

آمريڪا ۾ ٽرمپ انتظاميا اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دهشتگردي جي خدشن ۽ آمريڪا کي محفوظ ۽ عظيم تر بڻائڻ جي سوچ رکندي جيڪي قدم کنيا پيا وڃن، سي يقينن دنيا جي مختلف خطن تي پنهنجي نوعيت سان اثرانداز ٿي رهيا آهن، خاص ڪري مسلم ملڪن جي شهرين جي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي جي حڪم ۽ پوءِ ٽرمپ جي انهيءَ حڪم کي عدالت پاران معطل ڪرڻ سان خود آمريڪا جي جمهوري نظام تي آڱريون کڄي رهيون آهن، گڏوگڏ اهي خبرون به منظر عام تي آيون ته آمريڪا پاڪستان سميت ڪجهه ٻين ملڪن لاءِ ويزا پاليسي سخت ڪري رهيو آهي، پر ان حوالي سان ڪوبه واضح بيان سامهون ناهي آيو.

اِها واضح حقيقت آهي ته ڪافي عرصي کان پاڪستان ۽ آمريڪا جي ناتن ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا آهن، جن ۾ گڏيل مفادن جو گهڻو عمل دخل به آهي، ماضي ڏسجي ته اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته سرد جنگ هجي يا دهشتگردي خلاف ويڙهه، اُنهن ۾ پاڪستان کلي عام آمريڪا جو ساٿ ڏنو آهي، جنهن جي مختلف حلقا شديد مخالفت ڪندا رهيا آهن، خاص ڪري نائن اليون جي سانحي کانپوءِ ته دنيا ڄڻ اڻ اعلانيل جنگ طرف ڌڪجي وئي، جنهن جا اثر اڄ ڏينهن تائين انساني المين ۽ تباهين جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. ان ڏس ۾ قيمتي انساني جانين سميت پاڪستان کي معاشي طور به وڏا نقصان برداشت ڪرڻ پيا آهن، جنهن جو شايد آمريڪا به ازالو نٿو ڪري سگهي، پاڪستان جي وڏين قربانين جي باوجود به جيڪڏهن ٽرمپ انتظاميا پاڪستان لاءِ ويزا پاليسي سميت ٻين شعبن ۾ سخت قانون اختيار ڪري ٿو ته آمريڪا کي عظيم تر بڻائڻ جو خواب کڻي ايندڙ صدر ٽرمپ پاران پاڪستان سان اها عظيم ويساهه گهاتي هوندي. رهي ڳالهه سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا غفور حيدري جي آمريڪي ويزا ۾ دير ڪرڻ جي ته اهو عمل يقينن ڪاوڙ جوڳو آهي ۽ هي پهريون موقعو آهي ته پاڪستان جي بالا ايوان جي سربراهه طرفان آمريڪي ابهام واري پاليسي خلاف جواب ۾ سخت ردعمل ڏيکاريو ويو آهي ۽ سندس اهو واکاڻ لائق قدم آهي، ڇوته ان سان آمريڪي انتظاميا ٻيهر ڪابه اهڙي ڪوتاهي ڪرڻ کان اڳ سوچڻ تي مجبور ٿيندي ته پاڪستان مخالف پاليسي اختيار ڪرڻ سان سخت جوابي ردعمل کي به منهن ڏئي سگهجي ٿو.

اسين سمجهون ٿا ته پاڪ آمريڪا پارٽنرشپ کي ٽريڪ تي رکڻ لاءِ پاڪستان سدائين مخلص ڪوششون ڪندو رهيو آهي، ڇوته پاڪ آمريڪا ناتا خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم آهن، جيڪڏهن انهيءَ نڪتي کي نظرانداز ڪري آمريڪا پنهنجي پاليسي ۾ ڪا تبديلي آندي ۽ پاڪستان لاءِ ويزا پاليسي سميت ٻين شعبن ۾ سخت قانون مڙهيا ته اڳتي هلي صورتحال گهڻي تبديل ٿي ويندي ۽ حڪمرانن جي غلط پاليسين جو نتيجو ساڳيو عوام کي ئي ڀوڳڻو پوندو، ان ڪري بهتر آهي ته ٽرمپ انتظاميا ڪوبه سخت فيصلو ڪرڻ کان اڳ ان تي سنجيدگي سان غور ڪري ۽ اهڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪري، جن جو ردعمل اچڻ سان ڇڪتاڻ ۾ ويتر اضافو ٿي وڃي ۽ پاڪ آمريڪا ناتا هڪٻئي کان ڪٽجي وڃن.

اي پيپر