شرجيل-خالد لطيف مامرو: ٻارن کي خراب ٿيڻ جو موقعو ڏئي پڪڙڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان جي ڪرڪيٽ سان هي سياسي مسئلا گڏيا پيا آهن، عقلمندي جي گهرج هئي ته برائي کي رانديگرن تائين پهچڻ کان اڳ ئي روڪيو وڃي ها، سيد خورشيد شاهه چيو ته ٻارن کي غلطي جو موقعو ڏئي پڪڙڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پاڪستان سپر ليگ پنهنجي شروعات ۾ ئي ايترن تڪرارن جو شڪار ٿي وئي آهي، مخالف ڌر اڳواڻ وڌيڪ چيو ته رڳو رانديگرن جو ڏوهه ناهي، انتظامي ڪوتاهي به آهي، بڪيز سان ملڻ جلڻ جو خدشو هيو ته انتظام ڇو نه ڪيا ويا، خورشيد شاهه چيو ته ايونٽ کان اڳ ئي رانديگرن جي سٺي طرح رهنمائي ڪئي وڃي ها، اڃا تائين ڪو مستقل ۽ ديرپا حل به ناهي ڪڍيو ويو، ڪرڪيٽ ۾ عهدن جي تقسيم ميرٽ ۽ پروفيشنلزم تي هجڻ گهرجي، سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته وزيراعظم نوٽيس وٺي بهتري لاءِ پائيدار حل ڳولي، پي ايس ايل پاڪستان جو اميج آهي، دنيا کي مثبت پيغام وڃڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *