حڪومت ملڪ مي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ڪئي آهي: مريم اورنگزيب

راولپنڊي (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي کان امن جي بحالي تائين ڏکيو سفر طئه ڪري ملڪ کي پائيدار ترقي خوشحالي جي نئين رستي تي وٺي آئي آهي، 3 سالن ۾ گذريل 30 سالن جي مقابلي ۾ صرف توانائي جي شعبي ۾ تاريخ واريون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جون منزولون تيزي سان طئه ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت تي تنقيد ڪري سياست چمڪائڻ وارا اڄ پنهنجو لڪائيندا وتن ٿا، هن اها ڳالهه روالپنڊي ٻي شهباز شريف ٽي ٽوئنٽي جي فائنل واري تقريب تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته عمران خان راندين جي ترقي راولپنڊي ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تي اچي ڏسي اسان صرف ڳالهيون نٿا ڪريون عمل ڪري ڏيکاريون ٿا جهڙي طرح پنجاب جو وڏي وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ پنجاب ۾ تعمير ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري آهي ان جو مثال نه صرف پاڪستان پر دنيا جي ڪيترن ئي صوبن ۾ نٿو ملي، هن وقت پنجاب نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي جو بهترين ۽ مثالي صوبو قرار ڏنو وڃي ٿو، هن چيو ته تنقيد ڪندڙ ميان نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ پنجاب جي ترقي جي عمل کي ڏسن، هن چيو ته حڪومت پاڪستان هيلٿ ڪيريئر پروگرام ايشيا جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي جنهن سان لکين ماڻهو فائدو وٺي سگهندا، حڪومت ڪراچي کان خيبر تائين ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو آهي ۽ راولپنڊي جي جاري منصوبا به هن سال جي آخري تائين مڪمل ڪيا ويندا، چيئرمين ميٽرو بس سروس ۽ پنجاب اسپورٽس بورڊ محمد حنيف عباسي انعامن جي ورڇ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي سرپرستي سبب هن وقت تعمير ۽ ترقي جي ڊوڙ ۾ راولپنڊي ٽاپ تي آهي ۽ اربين رپين جي لاڳت سان راولپنڊي ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن ان جو مثال ڪٿي به نٿو ملي، انعامن واري تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ملڪ ابرار احمد، بيگم طاهره اورنگزيب، حاجي پرويز خان ۽ ٻين به خطاب ڪيو. فائنل کٽن تي فاتح ٽيم جي ڪپتان محمد ابراهيم کي 3 لک ۽ ڪپتان عثمان مطلوب کي 2 لک رپين جو انعام ڏنو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *