ڏوڪري (رپورٽر) صوبائي وزير نثارکهڙو چيو آهي ته دنيا جا هزارين سال پراڻي سنڌو ماٿري جي شآهڪار تهذيب موهن جو دڙي سان پيا ر ڪري ٿي ۽ اسان کي به گهرجي ته اسين پنهنجي هن تاريخي ماڳ جنهن مان اسان کي اها ڄاڻ ملي ٿي ته زندگي ڪهڙي طريقي مهذب ٿي گذاربي آهي اهڙو اظهار هن اڄ موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس جي اختتامي ويهڪ ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته رڳو عالمي ڪانفرنس منقعد ڪرڻ ۽ تجويزون گڏ ڪرڻ ئي ڪافي نه آهي پر ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل انهن تجويزن تي سنجيدگي سان عمل درآمد ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته دنيا جا ماهر موهن جو دڙي جهڙي شآهڪار ۽ تهذيب جي اهميت کي سمجهن ٿا ۽ اسان کي به گهرجي ته اسين پنهنجي هن تاريخي ماڳ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجو جٽا دار ڪردار ادا ڪيون. هن چيو ته اميد آهي ته هاڻي 50 سالن کان پوءِ ڪانفرنس منقعد نه ٿيندي پر هر 5 سالن کان پوءِ اهڙي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڌرتي جي فرزند جي ناتي سان موهن جودڙ کي دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪيو هن صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه ۽ سندس سٿ کي شاندار عالمي ڪانفرنس ڪرائڻ تي مبارڪ باد ڏيندي تجويز ڏني ته موهن جو دڙو ايندڙ سياحن جي آگاهي لاءِ تعارفي دستاويزي فلم تيار ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڊآڪٽرڪليم لاشاري چيو ته يونيسڪو ۽ اسان جي وچ ۾ اعتماد جي کوٽ جي واحد سبب لاپرواهي آهي ۽ انهي لاپرواهي سبب موهن جو دڙو ۽ مڪلي ورلڊ هيريٽيج لسٽ مان خارج ٿيڻ وارا هئا ۽ هن وقت عالمي ڪانفرنس منقعد ڪرڻ وقتائتو ۽ جٽآدار قدم ثابت ٿيندو هن چيو ته پرڏيهي ماهرن ۽ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي مشاورت ۽ تحت موهن جو دڙو کي محفوظ ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان ننڍي ۽ ڊگهي مدي وارا منصوبا جوڙن جي ضرورت آهي هن سنڌ حڪومت کي آرڪيالاجي شعبي کي فعال ڪرڻ ۽ نوجوانن کي تحقيق جي ميدان مصروف ڪرڻ لاءِ بنيادي سهولتن جي فراهمي سان گڏوگڏ فنڊن جي پڻ ضرورت آهي ته جئين موهن جو دڙو نوجوان نسل لاءِ تحقيق جي حوالي سان هڪ نرسري ثابت ٿئي.هن ثقافت کاتي جي انتظاميه جي ڪارڪردگي ۽ پرڏيهه طوڙي ڏيهه مان آيل محققن شڪريو ادا ڪيو.ان موقعي تي جرمن ماهر مائيڪ جانسن پنهنجي خطاب چيو ته منهنجي زندگي جي هي بهترين ڪانفرنس آهي جتي ميزبانن جا دل محبت ۽ عزت جي جذبي سان سرشآر آهن ۽ اهو ميڙاڪو ڪڏهن به فراهموش ڪري نه سگهندس ۽ اها ڪانفرنس دنيا ۾ موهن جو دڙو جي بقا لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندي ۽ دنيا کي خبر پوندي موهن جو دڙو محفوظ هو ۽ هميشه محفوظ رهندو.