عالمي ڪانفرنس نه صرف پاڪستان بلڪ دنيا جي آثارقديمه جي ماهرن لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي؛رچرڊ ميڊو

ڏوڪري(رپورٽر) عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي تي اختتامي ريمارڪس ڏيندي رچرڊ ميڊو چيو ته هي عالمي ڪانفرنس نه صرف پاڪستان بلڪ دنيا جي آثارقديمه جي ماهرن لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي ۽ هن ڪانفرنس ۾ پاڪستان کان علاوه، آمريڪا، جپان، جرمني، ڀارت، اسپين ، فرانس، اٽلي ۽ ٻين ملڪن مان آيل ماهرن جيڪا جامع تحقيق پيش ڪئي آهي اها ايندڙ وقت ۾ موهن جو دڙوکي محفوظ ڪرڻ لاءِ جٽادار ثابت ٿيندو.هن پنهنجون تجويزون پيش ڪندي چيو ته موهن دڙو کي سم ۽ ڪلر کان بچائڻ لاءِ فوري طور ڪم ڪيو وڃي ۽ يونيسڪو سيو دي موهن جو دڙو مهم کي فوري طور شروع ڪري، موهن جو دڙو سميت پاڪستان جي سمورن قديمي آثارن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اپاءَ اختيار ڪيا وڃن ۽ آرڪيالاجي جي حوالي سان ملڪ جي تمام صوبن ۾ رابطي واري فزا قائم ڪئي وڃي ۽ ملڪ جا تحقيقي ماهرن هڪٻئي سان ڪيل تحقيق بابت خيالن جي مٽآ سٽا ڪري سگهن.* هن سنڌ جي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ان موقعي تي ڪانفرنس دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ عملدارن توڙي عملي ۾ حوصلا افزائي واريون سندون ورهايون ويون ان موقعي تي پرڏيهي ماهرن کان علاوه پ پ ايم پي اي خورشِيد جوڻيجو، سيڪريٽري ڪلچر غلام اڪبر لغاري ، ڪمشنر لاڙڪاڻو ، عباس بلوچ ، پ پ اڳواڻ طارق انور سيال، ڊِي جي نوادرات منظور قناصرو، ڊي جي ڪلچر خالد چاچڙ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *