گذريل دور ۾ ڪراچي ۾ ٻه سئو ماڻهو ماريا ويندا هئا، ن ليگ جي حڪومت ملڪ ۾ امن امان قائم ڪيو: خواجا سعد رفيق

صوابي(م ڊ)  ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڪراچي جي ڪهڙي حالت هئي روزاني ٻه سئو ٻه سئو ماڻهو ماريا ويندا هئا، گذريل حڪومت  دوران ڪراچي مقتل گاهه بڻيل هو. صوابي ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته  2018ع ۾ نواز شريف کي ووٽ ڏئي ڏسو، ن ليگ جي حڪومت ملڪ ۾ امن امان قائم ڪيو، جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته پاڪستان دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهيو هو، ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ آسمان تي هئي، ملڪ ۾ ڪو به بجلي جو ڪارخانو نه بڻايو ويو هو. هن چيو ته چين نواز شريف کي چيو ته پوين تي اعتباد نه هو پر توهان تي اعتبار آهي، 2013ع ۾ ملڪ ۾ بم ڌماڪا ٿي رهيا هئا، گذريل حڪومتن ملڪ کي ڏيوالي تي پهچايو. هن چيو ته  ٻڌايو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي سان ڪنهن جي پيٽ ۾ سور آهي، 56 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي، انهن جي پيٽ ۾ سور ڇو ٿو ٿئي جڏهن بجلي جا منصوبا ٺاهيان ٿيا وڃن ۽ روڊ ٺاهيان ٿا وڃن. ملڪ بدلجڻ شروع ٿيو ته ڪجهه ماڻهن کي پيٽ ۾ سور ٿيڻ شروع ٿيو، سي پيڪ ڪنهن هڪ شهر جو نه پر سڄي ملڪ جو منصوبو آهي، پشاور جا آدمخور ڪوئا به انهن کان نٿا مرن، پاڻ انهن کا ڪي پي ڪي ۾ پوليو تي ضابطو نٿو اچي. توهان ته ڪڏهن عام ماڻهو هئا ئي ڪو نه اوهان شروع کان هيرو هئا، سياست ڪرڻ هيرو جو ڪم ناهي. هو چوندا آهن ته اسان ملڪ کي تبديل ڪنداسين پر اهو ٻڌايو ڇا بدليو. عورتن کي جلسن نچائڻ ۽ انهن جي بي حرمتي ڪرڻ اسان جي ثقافت ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *