صوبن ۾ بجلي چوري واري معاملي تي ڪو به تڪرار ناهي: خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته صوبن ۾ بجلي چوري واري معاملي تي ڪو به تڪرار نه آهي، اختلافي معاملا به جلد حل ٿي ويندا. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير خواجه آصف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪي پي ڪي، بلوچستان جي وڏن وزير، سنڌ ۽ پنجاب جي نمائندن صوبن جي نمائندگي ڪئي.  اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ نيپرا ترميمي ايڪٽ، واٽر پاليسي ۽ فلڊ ڪميشن جي فنڊن وارن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ ٽنهي پوائنٽن معاملن تي اڳڀرائي ٿي آهي، صوبن جا خدشا ختم ڪيا ويندا. خواجا آصف چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ سڀني صوبن جا وڏا وزير شرڪت ڪندا، جنهن ۾ ٽنهي پوائنٽن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *