ڏوڪري (رپورٽ عبدالجبار ميمڻ) سنڌو سڀيتا بابت عالمي ڪانفرنس ٻئي ڏينهن به جاري-آمريڪا،برطانيا، اٽلي، اسپين ۽ ٻين ملڪن مان آيل پرڏيهي اسڪالرن تحقيقي مقالا پڙهيا.سنڌو تهذيب بابت وڌيڪ کوجنا ڪرڻ ۽ موهن جودڙو کي ايندڙ پيڙهين تائين محفوظ بڻائڻ لاءِ ثقافت ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران منعقد ڪرايل ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي 15 کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن سنڌو تهذيب بابت هن وقت تائين ٿيل تحقيق ۽ ان جي رهيل پاسن بابت وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت، تهذيب جي اوائلي دور ۾ شهرن جو وجود ۾ اچڻ، اوائلي دور جي لوڪن وچ ۾ سماجي ۽ معاشي ڳانڍاپن، سنڌو سڀيتا جي دور ۾ مهرون تيار ڪرڻ جي فن ۽ اهميت ۽ هٿ آيل ٺڪر جي شين کانسواءِ موهن جودڙو کي بچائڻ لاءِ ٿوري مدي واريون رٿائون تيار ڪرڻ جهڙن اهم موضوعن بابت پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا، ڪانفرنس ۾ سنڌو لکت جي هٿ آيل نشانين بابت پڻ تحقيقي رپورٽ پيش ڪئي وئي، ٻئي ڏينهن واري ويهڪن ۾ اسپين مان آيل ڊاڪٽر ڪارلا لينسلوٽي، آمريڪي ماهرن ڊاڪٽر ريٽا پئٽريڪا رائيٽ ۽ ڊاڪٽر رچرڊ ميڊو، فرانسيسي ماهر ڊاڪٽر ارور ڊيڊر، جاپاني ماهرن ڊاڪٽر ايومو ڪوناسڪاوا ۽ ڊاڪٽر اتسوشي نوگوچي پنهنجا مقالا پڙهيا. جڏهن ته فرانسيسي ماهر ڊاڪٽر مس صوفيا ميري جي نه اچڻ سبب سندس لکيل مقالو پڻ پڙهي ٻڌايوويو. ماهرن راءِ ڏيکاري ته هن وقت هڙاپا جي قديم آثارن کي بچائڻ لاءِ ڪم هلندڙ آهي جنهن مان پڻ موهن جودڙو کي بچائڻ وارين ڪوششن ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. ماهرن موهن جودڙو جي تحفظ لاءِ عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ بابت سنڌ حڪومت جي فيصلي کي وقتي ۽ انتهائي اهم قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ڪانفرنس پاران منظور ڪيل سفارشن ۽ تجويزن تي سختي سان عمل ڪيو ويندو،