صفوران سانحي ڪيس ۾ ايف آءِ اي، رينجرز ۽ پوليس هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صفوران سانحي ڪيس ۾ مبينا سهولتڪاري جي الزام هيٺ گرفتار ٻن جوابدارن جي وارثن جي درخواست تي ايف آءِ اي، رينجرز ۽ پوليس جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، عدالت نيب کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ ۲۲ فيبروري تائين مهلت ڏئي ڇڏي. صفوران سانحي ڪيس ۾ مبينا سهولتڪاري جي الزام هيٺ گرفتار سلطان قمر صديقي ۽ حسين عمر صديقي طرفان هرا صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ايف آءِ اي، رينجرز ۽ پوليس پنهنجو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو. رينجرز پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته ٻنهي جوابدارن خلاف ڪيس فوجي عدالت ۾ موڪليو هو، جيڪو هاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، کين حراسان نه پيو ڪيو وڃي. ايف آءِ اي جواب داخل ڪرائيندي چيو ته سلطان قمر ۽ حسين عمر خلاف ايف آءِ اي ۾ ڪوبه ڪيس نه آهي، پوليس جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار صفوران سانحي جِي جي آءِ ٽي ۾ سهولتڪاري جو اعتراف ڪري چڪا آهن، فوجي عدالت جي ججمينٽ بابت ڪور فائيو جي ذميوارن سان رابطو ڪيو، جتان ٻڌايو ويو ته گهرو وزارت طرفان ان سلسلي ۾ درخواست ملي چڪي آهي. جڏهن ته نيب جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ۲۲ فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *