اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ شريف خاندان جي ٽن شگر ملن کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ اتفاق شگر ملن جي منتقلي بابت ڪيس جي ٻڌني ڪندي جهانگير ترين جي جي ڊبليو ڊي جي اپيل کي منظور ڪري ورتو ۽ اتفاق، حسيب ۽ چوڌري شگر ملن کي 7 ڏينهن جي لاءِ ڪرشنگ ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏيندي حڪم ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ درخواستن جي ٻڌني 16 فيبروري تي ڪري. جهانگير ترين جي اپيل کي منظور ڪندي سپريم ڪورٽ فيصلو جاري ڪيو آهي ته چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي ڪندڙ بينچ جي سربراهي پاڻ ڪري ۽ ڌريون سمورو رڪارڊ هاءِ ڪورٽ جي سامهون پيش ڪري.
Author Details
![](http://dailynawaisindh.com/wp-content/themes/newsetmag/assets/images/avatar.jpg)
Anna Riley
Members of Kanta Dab Dab, a band specialising in fusion of local Nepali and Western music elements, talk about their…
Leave a Reply