سنڌ هاءِ ڪورٽ، پوليس پاڪستاني نيوي جي اهلڪار عمران يوسف جي لاپته ٿيڻ جي واقعي جي جاچ جي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران پاڪستان نوي جي اهلڪار عمران يوسف جي گم ٿيڻ واري معاملي جي رپورٽ جمع ڪرائي ويئي آهي خميس تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان نيوي جي اهلڪار عمران يوسف جي گم ٿيڻ جي معاملي بابت داخل ٿيل درخواست جي ٻڌني ٿي عدالت ۾ پاڪستان نيوي جي لا آفيسر به شرڪت ڪئي عدالت جي اڳيان پوليس اختيارين پاران پاڪستان نيوي جي اهلڪارن جي گم ٿيڻ واري معاملي جي جاچ رپورٽ جمع ڪرائي ويئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته عمران يوسف کي نيوي اهلڪار گهر مان کڻي ويا هئا گم ٿيل اهلڪار عمران يوسف ليفٽيننٽ ڪمانڊر عمر سليمان جي اسٽاف ۾ مقرر هو جڏهن ته گم ٿيل عمران يوسف پنهنجي آفيسر جي موبائيل فوج چوري ڪرڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو عدالت ۾ پاڪستان نيوي جي لا آفيسر موقف اختيار ڪيو ته نيوي اختيارين پاران به معاملي جي جاچ مڪمل ڪئي ويئي آهي جاچ رپورٽ واسطيدار اختيارين کي جمع ڪرائي ويئي آهي نيوي لا آفيسر جي بيان تي عدالت ڪاوڙ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته توهان رپورٽ صرف پنهنجي واسطيدار اختيارين کي جمع ڪرائي آهي ان جو مطلب آهي ته توهان اهو چاهيو ٿا ته سول ڪورٽ کي معاملو نه هلائي هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته اهو معاملو ملٽري ڪورٽ ۾ هلائڻو آهي يا سول ڪورٽ ۾ عدالت ۾ گم ٿيل اهلڪار جي امڙ بيان ڏنو ته منهنجي پٽ کي 18 آگسٽ 2014 تي اڻڄاتل ماڻهن پنهنجو پاڻ کي پي آءِ بي ٿاڻي جا اهلڪار ظاهر ڪري گهر مان زبردستي کنڀي ويا ان کان پوءِ عدالت ايندڙ ٻڌني تي نيوي اختيارين کان رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ڪارروائي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *