ڪراچي(م ڊ)پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته عمران خان طوفان ۽ سونامي وانگر سياست مان به هليو ويندو، کيس سنڌ سان ڪابه دلچسپي ناهي، عشرت العباد پنهنجي مرضي سان ٻاهر ويو آهي، واپسيءَ تي پ پ ۾ شامل ٿيڻ بابت خبر ناهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙَي چيو ته عمران خان ٻين تي تنقيد ڪرڻ بدران پهريان پاڻ ڏانهن نهاري ۽ پنهنجي پارٽي کي بچائي. هن چيو ته عمران خان کي سنڌ سان ڪابه دلچسپي نه آهي، هڪ سياسي اڳواڻ جو 1992ع کان وطن واپسيءَ جو انتظار آهي پر هــُو واپس نه اچي رهيو آهي. صوبائي وزير نثار کهڙَي چيو ته آءِ جي سنڌ سٺيون ڳالهيون ڪيون، مٿس ڪنهن جو دٻاءُ هو، ان بابت هــُو پاڻ ٻڌائي سگهي ٿو.
Author Details
![](http://dailynawaisindh.com/wp-content/themes/newsetmag/assets/images/avatar.jpg)
Anna Riley
Members of Kanta Dab Dab, a band specialising in fusion of local Nepali and Western music elements, talk about their…
Leave a Reply