ملڪ ۾ چوٿون الائنس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: منظور وساڻ

ڪراچي(م د)  پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ چوٿون الائنس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. نئين الائنس سان پيپلز پارٽي کي ڪو به خطرو ناهي. منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته پوليس وارن کي قتل ڪندڙن کي اقتدار ۾ آندو ويو ۽ قائد اعظم جي مزار تي جهنڊو ساڙڻ وارن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو. پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ سياسي گيم تبديل ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سياستدانن جي هٿ ۾ ڪجهه به نه هوندو آهي پر ڪجهه ٻيون قوتون هونديون آهن جيڪي فيصلا ڪرائينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ مقابلو پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ پي ٽي آئي وچ ۾ ٿيندو.

Posted In :

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *