خوشي آهي ته محنت رنگ لاٿو آهي، ترقياتي منصوبن جون رسيون نه ڪٽيان ته ڇا ڪيان: وزيراعظم

شيخوپوره (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي جنهن کي دنيا به تسليم ڪري رهي آهي اسان ترقياتي منصوبن جون رسيون نه ڪٽيون ته ڇا ڪيون خوشي آهي جو محنت رنگ لاهي رهي آهي بلوچستان ۾ ترقي ڏٺي وڃي ڪراچي کي ٻيهر پرامن بنائڻ لاءِ اسان جي قدمن کي ڏٺو وڃي ملڪ ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ جي اسان جي سموريون ڪوششون رنگ لاهي رهيون آهن جنهن محنت ڪئي هجي ان کي خوشي نه ٿيندي ته ڇا ٿيندو اسان رسيون ڪٽي رهيا آهيون ته برداشت ڪيو وڃي بگي پاور پلانٽ منصوبو 84 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو اهي منصوبي جو ايترو جلد مڪمل ٿيڻ حيرت جي ڳالهه آهي اسان جو حدف بجلي سستي ڪرڻ آهي ايندڙ سال لوڊشيڊنگ مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي سڀني کي گڏجي پاڪستان کي اڳتي وڌائڻ گهرجي پاڪستان ترقي ڪندو ته سڀني جو فائدو ٿيندو ترقي جي عمل ۾ سڀ پنهنجو حصو وجهن ترقي جي خلاف سازشون ڪرڻ ڇڏي ڏين اربع تي شيخوپوره ۾ بڪي پاور پلانٽ جي افتتاح جي تقريب کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته سوا سال پهريان آياسين ته فصلن ۾ هئاسين الله جي مدد سان اسان سوا سال ۾ ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيوسين هن چيو ته اهو منصوبو سالن ۾ نه پر مهينن ۾ مڪمل ٿي رهيو آهي منصوبو شفافيت ۽ تيزي سان مڪمل ٿيڻ سان پنهنجو مثال پاڻ آهي جنهن تي سموري عملي ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف کي مبارڪباد ڏيان ٿو وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان 2013 ۾ ٻيهر اقتدار ۾ آياسين ته قوم کي بجلي جي کوٽ، دهشتگردي جي لعمت ۽ معيشت سميت مختلف للڪار درپيش هئا دنيا ۾ پاڪستان جي باري ۾ مايوسي واريون ڳالهيون ڪيون وينديون هيون ايئن لڳندو هو ته خبر ناهي ته اسان ڪهڙي ملڪ ۾ رهي رهيا آهيون حالانڪه جڏهن 1999 ۾ اسان جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو ته ملڪ ۾ وڏي بجلي دستياب هئي پر 2013 ۾ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 16 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي هئي بجلي جا منصوبا مهانگا هوندا هئا گذريل دور ۾ موٽر وي سميت مختلف منصوبن تي ڪم کي روڪيو ويو پر اسان ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ سان ترقي جي سفر جي نئين عزم سان شروع ڪيوسين گوادر ڪوئيٽا جا رستا ڪي پي ڪي سان ملايا پيا وڃن موٽر وي کان سواءِ اسڪسپريس وي ميٽرو ۽ وڌيڪ منصوبن تي عمل پيرا آهيون ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي ٺهي رهي آهي اربين رپين جي لاڳت سان لواري ٽنل تعمير ڪيو پيو وڃي لاهور ايئرپورٽ کي توسيعي ڏني پئي وڃي هلندڙ سال اسلام آباد جو نئون ايئرپورٽ مڪمل ٿي رهيو آهي توانائي جي شعبي جو ذڪر ڪندي وزيراعطم چيو ته مختلف علائقن ۾ بجلي جا ڪارخانا لڳي رهيا آهن شمسي ۽ متبادل توانائي جا منصوبا لڳائينداسين تربيلا 4 توسيعي منصوبي مان 1400 ميگاوار بجلي حاصل ٿيندي ان کان سواءِ نيلم جهلم هائڊرو پاور پراجيڪٽ ديامير ڀاشا ڊيم داسو ڊيم جا منصوبا به آهن بجلي جي ترسيل لاءِ انتظام به ڪيو ويو آهي. عام ماڻهن کي سهولت ملندي ته ترقي جي منصوبن ۾ سڀ پنهنجو حصو وجهن ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو آهي ۽ ان جون روشنيون بحال ٿي ويون آهن خوشي آهي ته اسان جي محنت رنگ لاهي رهي آهي پاڪستان ايندڙ سالن ۾ اقتصادي طاقت بڻجي ويندو اسان ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون هن چيو ته ماضي جون حڪومتون ۽ هاڻي جي حڪومتن جو فرق ماڻهن کي محسوس ٿيڻ گهرجي. ساهيوال ۽ پورٽ قاسم ۾ ڪول پاور پلانٽ لڳايا پيا وڃن انهن تي ڪٿي گهٽ خرچ اچي رهيو آهي الله تعاليٰ جي فضل سان ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿي ويا ۽ وڌيڪ منصوبا جلد مڪمل ٿي ويندا اسان تمام محنت سان بجلي جي کوٽ کي پورو ڪري رهيا آهيون هن سال اميد آهي ته 10 هزار ميگاواٽ بجلي نظام ۾ شامل ٿي ويندي هن چيو ته بنيادي ڍانچي جي ترقي تي ڌيان ڏنو ويو آهي موٽر وي کي ڪراچي کان لاهرو تائين ملايو پيو وڃي گوادر کي ڪوئيٽا جي رستي ڪي پي ڪي سان ملايو پيو وڃي. هن چيو ته ايندڙ سال بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ 30 هزار ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي ملڪ جي ترقي جا مختلف منصوبا مڪمل ٿيڻ وارا آهن جيڪڏهن هي ملڪ اڳتي وڌندو ته اسان کي ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ گهرجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي ڪوششن جو سٺو نتيجو نڪتو آهي مستقبل ۾ حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون. هن چيو ته اڄ ملڪ جي باري ۾ عالمي سطح تي سٺي راءِ ڏٺي وڃي ٿي پاڪستان ايندڙ سالن ۾ اقتصادي طاقت ٿي ويندو. اهو ايشيا ۾ نمبر ون ۽ دنيا ۾ پنجين نمبر تي آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج نوان رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *