ڀارت پاران سيز فائر جون مسلسل خلاف ورزيون علائقي استعمال لاءِ خطرو آهن: ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس

February 8, 2017 at 10:41 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

راولپنڊي (اين اين آءِ) عسڪري قيادت چيو آهي ته ڀارت پاران سيز فائر جي مسلسل خلاف ورزيون علائقائي استعمال لاءِ خطرو آهن آءِ ايس پي آر موجب 199هين ڪورڪماندڙ ڪانفرنس اربع تي جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمرجاويد باوجوا ڪانفرنس جي صدارت ڪئي اجلاس دوران سيڪيورٽي ماحول ۽ چئلينجن جو جائزو ورتو ويو ڪور ڪماندر جي اجلاس ۾ لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران سي فائر جي مسلسل خلاف ورزين جو جائزو ورتو ويو ۽ ان کي علائقاعي استعمال لاءِ هڪ خطرو قرار ڏنو ويو ڪور ڪمانڊڙ ڪانفرنس افغانستان ۾ دهشتگردي جي تازي واقعن جي مذمت ڪندي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ افغان عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن دهشتگردي ٽوڙ ۽ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آرمي چيف هدايت ڪئي ته گهربل حدفن کي حاصل ڪرڻ تائين اهو آپريشن جاري رهندو.

اي پيپر