ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) دهشتگري جي خدشن کي نظر ۾ رکندي سرڪاري اسپتالن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خبر موجب ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ دهشتگردي جا خدشا وڌي ويا آهن. جنهن کان پوءِ دهشتگردي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري سول اسپتال ۾ سڀئي غير ضروري گاڏين جي داخلا تي پابندي هنئي وئي آهي. ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل ۽ ميڊيا جون گاڏيون به اسپتال جي حدن ۾ پارڪ نه ٿي سگهنديون. ايم ايس جو چوڻ آهي ته سول اسپتال ۾ سڀئي غير ضروري گاڏين جي داخلا تي پابندي هنئي وئي آهي. ٻئي طرف سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي جناح اسپتال جي نئين مرڪزي دروازي تي تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ايم ايس مطابق قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سيڪيورٽي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
Author Details
Anna Riley
Members of Kanta Dab Dab, a band specialising in fusion of local Nepali and Western music elements, talk about their…
Leave a Reply