لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته موهن جو دڙو گڏيل تاريخي ورثو آهي، جنهن تي جيترو حق سنڌ واسين جو آهي اوترو ئي جاپان واسين جو آهي، ورلڊ هيريٽيج سائيٽ جو اعزاز رکڻ کانپوءِ موهن جو دڙو دنيا جي 7 ارب ماڻهن جو گڏيل ورثو آهي. موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس سنڌو ماٿري جي تهذيب جو سگهارو آواز آهي، جنهن سان موهن جو دڙو جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت اجاگر ٿيندي. عالمي ڪانفرنس ۾ 40 ملڪن جا آرڪيالاجسٽ، جيولاجسٽ ۽ سفير شرڪت ڪري موهن جو دڙو جي ثقافت ۽ عظمت جي تاريخي اهميت بيان ڪندا. لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته سڀاڻي 9 فيبروري تي عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب موهن جو دڙو ۾ منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن جو افتتاح وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪندو، 10 فيبروري تي سمبارا هوٽل ۾ رڌم آف انڊس نالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌو سڀيتا جي سمورين تهذيبن ۽ چئني صوبن ۾ ڳالهاجندڙ ٻولين جي گلوڪارن کي سندن آواز پهچائڻ جو پروگرام منعقد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موهن جو دڙو جي 6 سئو ايڪڙ ايراضي مان وڌي 12 سئو ايڪڙ ايراضي جي منظوري وٺڻ سان گڏوگڏ موهن جو دڙو ميوزيم ۾ ٽيڪنيڪل سيشن پڻ منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ موهن جو دڙو جي تحفظ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويندا. هن چيو ته موهن جو دڙو سميت سنڌ جي هر تاريخي ماڳ جي بهتري لاءِ فراخدلي سان ڪوششون ورتيون آهن، عمر ڪوٽ قلعي تي تعميراتي ڪم هلي پيو، مڪلي تي ڪم مڪمل ڪيو آهي، ايندڙ مهيني ڪوٽ ڏجي قلعي تي ڪم شروع ٿي رهيو آهي، سنڌ جي هر ماڳ جو تحفظ ڪيو ويندو، جنهن لاءِ آرڪيالاجي ماهرن، اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن کي ساڻ کڻي سنڌ جي تاريخي حيثيت بحال ڪرائڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي دوستن جي بائيڪاٽ جو ڪوبه جواز نه آهي، اديب ۽ شاعر دوستن سان گڏجي پروگرام ترتيب ڏنو آهي، س ا س کي گهرجي ته هو تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ٻاهران ايندڙ مهمانن کي ڀليڪار ڪن ها، تنقيد اجائي آهي، باقي ڪجهه دوستن کي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻي آهي ته کين پاسون جاري ڪيون وينديون. هن چيو ته عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ عالمي مهمان ڪالهه کان موهن جو دڙو تي پهچڻ شروع ٿي ويا آهن،ڪجهه مهمان موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي جهاز ذريعي پهچي رهيا آهن. صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته موهن جو دڙو ڊراءِ ڪور ڊرلنگ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي ٻئي مرحلي تي ڪم هلي پيو، جنهن سان موهن جو دڙو جي تاريخي اهميت ۾ واڌ ٿيندي، جنهن لاءِ آرڪيالاجي ماهر ڊاڪٽر جوو ۽ يونيسڪو آرڪيٽيڪٽ مائيڪل آر اين جانسن جون خدمتون حاصل ڪيو ويون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد سردار شاهه چيو ته موهن جو دڙو مان چوري ٿيل مهرن جي واپسي لاءِ سنجيدگي سان ڪوششون ورتيون آهن، ڀارت ۾ سمبارا جي مورتي جي واپسي لاءِ يونيسڪو سان ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته موهن جو دڙو جي ميوزيم سميت ٻين ميوزيم ۾ پيل غيرضروري ۽ سنڌو ماٿري کان ٻاهرين تهذيبن جي موجودگي بابت رڪومونڊيشن ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن جي رپورٽ بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته شڪارپور شهر کي 4 سئو سال مڪمل ٿيڻ تي جشن منعقد ڪيو ويندو، مختيارڪار آفيس کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويندو.
Leave a Reply