ڪرپشن خلاف عدالتي اختيارن جي ڪا به حد ناهي:چيف جسٽس

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ڪرپشن خلاف عدالتي اختيارن جي ڪا به حد ناهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار، جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ۳ رڪني بئنچ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ غير قانوني تبديلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت نيب کي هڪ مهيني اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران ايل ڊي آءِ ڪمپنين جي وڪيل خواجا حارث رينٽل پاور ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان معاملي ۾ عدالت شڪايت ڪندڙ وارو ڪردار ادا ڪيو. جنهن سان ادارا دٻاءُ هيٺ ايندا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت کي شڪايت ڪندڙ نه ٿيڻ گهرجي پر اسان ڪرپشن کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. اسان کي ادارن مان ڪرپشن کي ختم ڪرڻو پوندو. انهي سلسلي ۾ اختيارن جي ڪا به حد ناهي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عدالتي دائري کي وڌائي سگهجي ٿو. ڪيس جي ٻڌڻي اپريل جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *