ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر محمد زبير سان وڏي وزير مراد علي شاهه ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه گورنر هائوس پهچي گورنر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي صورتحال تي پڻ ڳالهايو ويو. سنڌ جي گورنر چيو ته مان ڪنهن سان به مقابلو ڪرڻ نه آيو آهيان. منهنجي اچڻ جو مقصد عوام جا مسئلا حل ڪرڻ آهي. ڪراچي جي ترقي سان ئي ملڪ جي ترقي آهي. ملڪ جي ترقي ۽ معاشي سرگرمين ۾ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. جڏهن ته وڏي وزير چيو ته اسان ملي ڪري عوام جا مسئلا حل ڪنداسين ۽ شهر ۾ امن امان جي فضا برقرار رکنداسين.